ڪجهه ماڻهو بيحد محنت ڪندا آهن. اهي پنهنجي ٽيمن، تنظيمن ۽ ادارن لاءِ اھم نتيجا حاصل ڪندا آهن. عزت، ترقيون ۽ واکاڻ سندن ھٿ وس ٿي ويندي آھن. ھو "چيمپيئن” ٿي سامھون ايندا آھن؛ اھڙا قابل ۽ ماهر فرد جن تي ادارا ڀاڙيندا آھن؛ ۽ جيڪي هر شيءِ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻندا آهن. پر اڪثر ڪري، انهن چيمپيئن جا فائدا انهن جي پيدا ڪيل ناڪاري اثرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندا آهن. جيتوڻيڪ اهي پاڻ سر ، اڪيلو ڪم سرانجام ڏيندا آھن، پر انهن جو رويو اداري جي مجموعي واڌ ويجهه ۽ ٻين جي صلاحيتن کي سخت نقصان پهچائيندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ڇڏڻ وقت سڀ ڪجهه پاڻ سان کڻي وڃن ٿا ۽ سندن لاڳاپيل شعبو بيھجي رھندو آهي. اهي بظاھر پيا چوندا آهن ته اهي ته ٽيم پليئر آهن يا ايندڙ نسل کي تيار ڪري رهيا آهن، ”پر ادا! نوجوان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھن“۔ حقيقت ۾، سندن آس پاس ڪو به ننڍو يا نئون ماڻهو اڳتي وڌي نه سگھندو آھي۔ ان جي ٽيم پاران ڪيل ننڍا پر اهم ڪم نظرانداز ڪيا ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي چيمپيئن خاموشي سان نوجوان صلاحيتن جا حوصلا پست ڪندا آهن ته جيئن اختيار انهن جي پنهنجي هٿ ۾ رهي. اچو ته ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته ائين ڇو ٿيندو آهي.
سادا فلسفياڻا خيال:
ارسطو چيو هو ته حقيقي ڪاميابين تي فخر محسوس ڪرڻ تيستائين سٺو ڪم آهي؛ جيستائين توهان توازن ۾ رهو. تمام گهڻو فخر "هيوبرس” (مغرور، حد کان وڌيڪ اعتماد) ۾ بدلجي ويندو آهي، جيڪو عام طور تي ڏکاين جو سبب بڻبو آهي. چيمپيئن جي شروعات بھتري ۽ نظر ايندڙ مهارت سان ٿيندي آهي پر پوءِ هو ان سوچ ۾ سياڻي ڪانءُ جيان ڦاسي پوندو آهي ته "رڳو مان ئي ته اھي ڪم صحيح ڪري سگهان ٿو.” سڄي ڳالهھ صرف ’ مان‘ يا پاڻ کي مرڪزي حيثيت ۾ ڏسڻ بابت ٿي ويندي آهي.ڪلاسيڪل فلاسافرن (جهڙوڪ رومي شهنشاهه مارڪس آريليس) هڪ عملي سبق ڏنو هو: پنهنجي خوشي کي ٻاهرين شين جهڙوڪ شهرت يا "واحد هجڻ” سان نه ڳنڍيو. جيڪڏهن توهان جي سڄي سڃاڻپ ان ڳالهه تي ٻڌل آهي ته توهان کان سواءِ ڪم نه هلندو، ته پوءِ هر نئين صلاحيت، ھر نوجوان جي ڪاوش توهان کي پنھنجي لاءِ خطرو محسوس ٿيندي. جديد ليکڪ ريان ھاليڊي پنهنجي ڪتاب” انا دشمن آھي“ ۾ سادي نموني بيان ڪيو آهي: جيڪڏهن اسان انا جي ور چڙھي وڃون ته ڪاميابي اسان کي خاموشي سان زهر ڏئي سگهي ٿي. انا اسان کي علم ونڊڻ يا ٻين جي خوشي ملهائڻ کان روڪي ٿي.
اوڀر جي علم مان، ٻڌمت "لا-خودي” (no-self) جي ڳالهه ڪري ٿو. ان جو مطلب آهي ته اسان اڪيلا، ھميشه لاءِ ماھر يا وڏيون حاصلات ڪندڙ سپر اسٽار نه آهيون . اسان سڀ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهيون ۽ تبديل ٿي رهيا آهيون. "منهنجي ڪاميابي” سان تمام گهڻو چنبڙي وڃڻ هر ڪنهن لاءِ دٻاءُ پيدا ڪري ٿو. صحيح رستو اهو آهي ته سخت محنت ڪجي پر پاڻ کي مرڪز نه سمجھجي. ايستائين جو مفڪر نيتشي ، جيڪو اڳتي وڌندڙ سگھارن فردن جي خيال کي پسند ڪندو هو، تنهن به ان تنگ نظري واري اناپرستي کان خبردار ڪيو آھي؛ اھا انا جيڪا ٻين ماڻهن جي واڌ ويجهه کي چٿي ڇڏي ٿي. سادن لفظن ۾ انھن مفڪرن جو اھم خيال آھي: حقيقي ڪاميابي هر انسان کي اوچو ڪري ٿي. انا، ڪاميابيءَ کي هڪ اهڙي ذاتي خزاني جو روپ ڏي ٿي جنهن کي ٻيو ڪو به هٿ نه ٿو لائي سگهي!
لاڳاپيل نفسيات ۽ اسان جا رويا
اناپرستي سان لاڳاپيل رويا گھڻو ڪري ان آئيني مان پيدا ٿئي ٿو، جنھن ۾ اسان پاڻ کي پنھنجي خواھش، خيالن ۽ مرضي مطابق ڏسون ٿا. سالن جي ڪاميابيءَ کانپوءِ، ڪجهه ماڻهو پنهنجي سڄي سڃاڻپ کي "بهترين” هجڻ سان ڳنڍي ڇڏيندا آهن. نفسيات دان ان کي نرگسيت (نارسزم) جي هڪ هلڪي صورت چون ٿا؛ اها گھري بيماري نه، پر تعريفون حاصل ڪرڻ جي عام انساني ضرورت ۽ پنهنجو رتبو وڃائڻ جو خوف هوندو آهي . جڏهن ڪو نوجوان ماڻهو پنھنجي ڪم جي چمڪ ڏيکارڻ شروع ڪندو آهي، ته چيمپئن کي اهو هڪ ذاتي حملو محسوس ٿيندو آهي، تنهنڪري چيمپيئن علم کي پاڻ تائين محدود رکي ٿو يا نوجوانن جي ٺلھي واکاڻ ڪري پنهنجو بچاءُ ڪندو آهي جيڪا حقيقت ۾ نوجوان کي مايوسي ۾ ڌڪڻ ۽ سندس اميد اجهائڻ جو ڪم ڪندي آهي.
هڪ ٻيو عام رويو "گھٽتائيءَ واري سوچ” (سڪيئرسٽي مائينڊ سيٽ) آهي. اهو ائين آهي يقين ڪرڻ ته ڪاميابي يا صلاحيت هڪ "مانيءَ جي ڳڀي” وانگر آهي؛ جيڪڏهن ڪو ٻيو کائي ويو يا ڪنهن ٻئي کي وڏو ٽڪر ملي ويو، ته منهنجو حصو ننڍو ٿي ويندو. (ان جي ابتڙ کليل دل واري سوچ آهي، ته محنت سان اسان گڏجي وڌيڪ مانيون پچائي سگهون ٿا ۽ هر ڪنهن جو پيٽ ڀرجي سگهي ٿو.) اڀياس ڏيکارين ٿا ته ڪامياب ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻ ۽ علم لڪائيندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي ان ڊپ ۾ هوندا آهن ته ائين ڪرڻ سان انهن جي اهميت گهٽجي ويندي. توھان اسان اھڙا ڪيترا تي مثال پنھنجي چوڌاري ڏسون ٿا۔ ( پاڻ کان پڇاڻو ڪجي؛ ڪٿي اسان به اھڙا ته ناھيون)
ادارا صورتحال کي ڪيئن خراب ڪن ٿا
ڪمپنيون ۽ ادارا اڪثر ڪري انهن کي انعام ڏيندا آهن جن جو آواز سڀ کان وڌيڪ هجي. بونس، سرخيون، واکاڻ، ٽِڪر ۽ ترقيون چيمپيئن کي ملن ٿيون. ڪو به اهو ناهي ڏسندو يا ماپيندو ته ڇا اهو شخص واقعي ٽيم کي تيار ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڪردار "اهم شخص وارو خطرو” (key-person risk) پيدا ڪن ٿا ؛ سڄو نظام ( انھن کان سواءِ) ڪمزور ٿي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هر شيءِ هڪ انسان سان سلھاڙيل هوندي آهي. جڏهن چيمپيئن آخرڪار ڇڏي وڃي ٿو (يا رٽائر ٿئي ٿو يا بيمار ٿئي ٿو)، ته علم ۽ مهارتون به ساڻس گڏ کنيو ٿو وڃي. اھڙا ناگزير يا اڻٽر ماڻھو ھر اداري ۾ ويٺل نظر ايندا يا انھن جا (بد) روح اتي رمندا نظر ايندا۔
اڄڪلهه جي سوشل ميڊيا واري دور ۾، انفرادي هيرو جي تعريف ڪرڻ اڃا به وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. مشاھدي ۾ آيو آھي ته ٽيمون تڏهن پنهنجي همت وڃائي ويهنديون آهن جڏهن انهن کي محسوس ٿيندو آهي ته سندن ڪيل ڪم جي ڪا اهميت ناهي. نوجوانن جون سٺيون صلاحيتون خاموشي سان اهڙيون جايون ڳولڻ لاءِ نڪري وينديون آهن جتي اهي اڳتي وڌي سگهن. صحتمند فخر ۽ نقصانڪار انا جي وچ ۾ ليڪ يا وٿي بنهه سنھي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي شيون بظاھر ساڳي جذبي ۽ سخت محنت جو نتيجو آهن. پر هڪ وڏ ماڻھپو پائيدار طاقت پيدا ڪري ٿو ؛ ٻيو هڪ اهڙو تخت تخليق ڪري ٿو جيڪو بادشاهه جي لھڻ يا ھٽڻ سان ئي ڪري پوي ٿو.
اھڙن اداري يا سماجي نقصان کي ڪيئن گھٽائجي
سمجھڻ گھرجي ته اسان کي مهارت ۽ برابري مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اهڙا عملي طريقا آهن جن سان ڪم جي جذبي کي برقرار رکندي انهن مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو.چيمپيئن جي پنهنجي لاءِ، هڪ پائيدار ورثو ڇڏڻ جي شروعات ايماندار خود احتسابيءَ سان ٿئي ٿي. اهي پاڻ کان سادا سوال پڇي سگهن ٿا جهڙوڪ "ڇا مان ٻين کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهيان، يا مان پنهنجي مرڪزي حيثيت کي بچائي رهيو آهيان؟” روزاني جي عادتن جهڙوڪ ڊائري لکڻ يا فڪر ڪرڻ سان انا جي وٺ ۽ سوڙھ کي ڍرو ڪري سگهجي ٿو. انهن کي گهرجي ته اهي صرف پنهنجي آفيسرن کان ئي نه، پر پنهنجي ماتحت ماڻهن کان به حقيقي موٽ (feedback) وٺن. سڀ کان وڌيڪ طاقتور قدم اهو آهي ته ادارتي طور محنت سان ايندڙ ٽھي ۽ سڀاڻي جي ماھرن جي تياري ڪرائجي۔ ادارتي زميواري طور انھن جي رهنمائي ڪجي ۽ سندن ڪاميابي کي ملهائجي، ۽ ان کي ئي سڀ کان وڏي ڪاميابي سمجهجي. مختصر طور تي، بهترين اڳواڻ اهڙو رويو اختيار ڪندا آهن جنهن کي ڪاروباري علم جي ڏاھي جم ڪولنس ”پنجين درجي واري ادارتي سرواڻي“ چوي ٿو: اهي سرواڻ ڪمال جي جذبي سان گڏ حقيقي عاجزيءَ کي گڏ کڻي ھلندا آهن.
ادارن ۽ اڳواڻن جي ترجيح ۽ وڌيڪ ڌيان بهتر نظام جوڙڻ تي هجڻ گهرجي جيڪو ڪنهن به هڪ شخص کي تمام گهڻو طاقتور ٿيڻ کان روڪي. ان جو مطلب آهي جانشيني جا چٽا منصوبا ۽ علم کي ونڊڻ جا قاعدا ٺاهڻ ته جيئن اهم مهارتون لکيل صورت ۾ هجن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن يا ٽن ماڻهن کي سيکاريون وڃن. سادا اوزار جهڙوڪ گڏيل فولڊر يا باقاعده تربيتي بدليون ان کي قدرتي طور تي ممڪن بڻائين ٿيون. اڳواڻن کي انعام ڏيڻ جو طريقو به بدلائڻو پوندو، جتي بونس صرف ذاتي نتيجن تي نه پر ان ڳالهه تي به ملي ته ڪنهن شخص ٽيم کي ڪيتري بهتر تربيت ڏني آهي. ان سان گڏ، انهن کي هڪ اهڙي ثقافت جوڙڻ گهرجي جتي ڳالهائڻ ۽ غلطين جو اعتراف ڪرڻ کي ھمٿايو وڃي. اڳواڻن کي پاڻ ان جو عملي نمونو بڻجڻ گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن "مان نه ٿو ڄاڻان” چئي ۽ هر ان شخص کي عوامي طور تي ڪريڊٽ ڏئي جنهن حصو ورتو هجي. آخر ۾، ٽيم جي ڪاميابين کي وڏي آواز سان ۽ اڪثر ملهائڻ سان "هيرو جي پوڄا” کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ کي هر ڪارڪردگي جي جائزي جو حصو بڻائڻ گهرجي.
ٽيم جي ميمبرن ۽ نوجوان ڪامياب ماڻهن لاءِ، پنهنجي واڌ ويجهه جي حفاظت ڪرڻ به ايتري ئي اهم آهي. اهي ادب پر سختيءَ سان پنهنجي حصي جي ڪم جو واضح رڪارڊ رکي سگهن ٿا. چيمپيئن جي ڇانوَ کان ٻاهر مهارتون ۽ نيٽ ورڪ جوڙڻ انهن کي وڌيڪ آپشن ۽ اعتماد ڏئي ٿو. اهم ڳالهه اها آهي ته عزت برقرار رکندي پنهنجي ڪم جي اهميت کي چٽو ڪرڻ تي ڌيان ڏجي. "فراخدلي واري سوچ” رکڻ، اهو يقين ته هر ڪنهن لاءِ ڪاميابيءَ جا ڪافي موقعا موجود آهن،انھن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.