ملڪن جو وجود جنگين نه پر امن سان سلهاڙيل هوندو آهي

دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به وڏي طاقت پنهنجي فوجي برتريءَ تي ڀاڙيندي ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪيو آهي، تڏهن ان جا نتيجا رڳو بارود ۽ باهه تائين محدود نه رهيا آهن، پر ملڪن جي  معيشتن جي ڍانچي ۽ نسلن جي مستقبل تائين پنهنجي تباهي  وڌائيندي آهي. امريڪا خلاف جارحاڻو رويو ۽ ان سان لاڳاپيل خطي جي ڇڪتاڻ هڪ اهڙو ئي سنگين سوال اڀاري ٿي: ڇا طاقت جي ٻولي ئي هاڻي سفارتڪاريءَ جو متبادل بڻجي وئي آهي؟

جيستائين افغانستان  جو تعلق آهي ته اتي ٻن ڏهاڪن تائين هليل جنگ  ۾ پاڪستان ۽ افغانستان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح متاثر ٿيا، ان ڳالهه جو زنده مثال آهي ته جنگ جي تباهي سرحدن کي ناهي سڃاڻيندي لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، هزارين جانون ضايع ٿيون، ۽ پوري خطي جي معيشت دهشتگردي، اسمگلنگ ۽ عدم استحڪام جي ڄار ۾ ڦاسي وئي. پاڪستان اندر دهشتگرد حملن، معاشي دٻاءَ ۽ سماجي ورهاست جو جيڪو منظر ڏٺو ويو، اهو ڪنهن به ذميوار عالمي قيادت لاءِ سبق هجڻ گهرجي.

ايران تي به ساڳي خطري کي جنم ڏئي ٿو. ايران صرف هڪ ملڪ نه، پر وچ اوڀر جي سياسي توازن ۾ اهم ڪردار رکندڙ رياست آهي. جيڪڏهن ان خلاف جنگي قدم کنيا وڃن ٿا ته ان جا اثر خليج کان وٺي ڏکڻ ايشيا تائين محسوس ڪيا ويندا. تيل جي اگهن ۾ اضافو، واپاري رستن جي بندش، ۽ نون اتحادين جي ٺهڻ سان عالمي معيشت هڪ ڀيرو ٻيهر جهٽڪو کائي سگهي ٿي.

جنگ جو پهريون ۽ سڌو نقصان انساني جانين جو هوندو آهي. ٻار يتيم ٿين ٿا، عورتون بي سهارا ٿين ٿيون، ۽ نوجوان نسل بارود جي بوءَ ۾ پلجي ٿو. نفسياتي بيماريون، خوف ۽ عدم تحفظ مُلڪن جي رڳ رڳ ۾ گهڙي وڃن ٿا. افغانستان ۾ پيدا ٿيل هڪ نسل اڃا تائين ڌماڪن جي آواز کان ڇرڪي پوي ٿو. ڇا دنيا هڪ ٻئي ايران يا ڪنهن ٻي رياست ۾ اهڙو ئي منظر ڏسڻ چاهي ٿي؟ ٻيو وڏو نقصان معاشي آهي. جنگي بجيٽون تعليم، صحت ۽ تحقيق لاءِ رکيل وسيلا ڳهي وڃن ٿيون. پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪ لاءِ، جيڪو اڳ ئي قرضن ۽ مهانگائي جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، خطي ۾ نئين جنگ جو مطلب آهي واپار ۾ گهٽتائي، سيڙپڪاريءَ ۾ فرار ۽ ڪرنسي تي دٻاءُ. عالمي منڊيءَ ۾ تيل ۽ گئس جي اگهن ۾ اضافو سڌو سنئون عام ماڻهوءَ جي کيسي تي وار ڪندو. ٽيون نقصان اخلاقي ۽ آئيني اصولن جو آهي. هر ملڪ کي پنهنجي خودمختياري ۽ آئيني حقن جو احترام ملڻ گهرجي. گڏيل قومن جو چارٽر به ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته تڪرارن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي. جڏهن وڏيون طاقتون هڪ طرفي قدم کڻن ٿيون ته عالمي قانون جي حيثيت ڪمزور ٿئي ٿي، ۽ هڪ اهڙو مثال قائم ٿئي ٿو جنهن کي ٻيا به ورجائي سگهن ٿا. اسان هڪ اهڙي دور ۾ جيئون ٿا جتي مصنوعي ذهانت، خلائي تحقيق ۽ ڊيجيٽل رابطن دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي. انسان مريخ تي مشن موڪلي ٿو، پر ڌرتيءَ تي امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿو. سوال اهو آهي ته جڏهن ٽيڪنالاجي ايتري ترقي ڪري چڪي آهي ته پوءِ حڪومتي سوچ جو معيار ڇو ڪري پيو آهي؟ ڇا طاقت جو نشو اڃا تائين حڪمرانن جي ذهنن تي غالب آهي؟ جديد هٿيارن جي تياريءَ ۾ جيڪا تيزي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها تعليم ۽ صحت ۾ نظر نٿي اچي. دنيا جي وڏين معيشتن جو وڏو حصو دفاعي بجيٽن تي خرچ ٿئي ٿو. جيڪڏهن اهي وسيلا غربت جي خاتمي، موسمي تبديليءَ جي مقابلي ۽ سائنسي تحقيق تي لڳن ها ته شايد دنيا جو نقشو مختلف هجي ها.

ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران دعويٰ ڪئي هئي ته هو هلندڙ جنگين کي ختم ڪندو ۽ آمريڪي فوجين کي واپس گهر آڻيندو. پر عالمي سياست جي پيچيدگين ۽ طاقت جي روايتي پاليسين کيس به ساڳي واٽ تي هلڻ تي مجبور ڪيو يا هن پاڻ اهو رستو اختيار ڪيو اهو بحث طلب سوال آهي. جڏهن اڳواڻ امن جا نعرا هڻن ۽ عملي طور تي جنگي قدم کڻن ته عوام جو اعتماد ٽٽي ٿو. قيادت جو اصل امتحان جنگ ڪرڻ ۾ نه، پر جنگ روڪڻ ۾ آهي. هڪ ميز تي ويهي ڳالهيون ڪرڻ، مخالف جي خدشن کي ٻڌڻ ۽ گڏيل حل ڳولڻ وڌيڪ بهادريءَ جو ڪم آهي بنسبت بمباري ڪرڻ جي. دنيا کي اهڙي قيادت جي ضرورت آهي جيڪا جنگ کي آخري آپشن طور ڏسي، پهريون نه.

پاڪستان ۽ افغانستان جي تجربي مان اهو سبق ملي ٿو ته ٻاهرين مداخلت مقامي مسئلن کي سلجهائڻ بدران اڪثر وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏي ٿي. شدت پسند گروهن کي جواز ملي ٿو، قومي ادارا ڪمزور ٿين ٿا ۽ سماج ورهائجي وڃي ٿو. ايران خلاف فوجي قدم سان پڻ خطي ۾ نوان تڪرار پيدا ڪري سگهن ٿا.

ان ڪري ضروري آهي ته ملڪن کي هڪ ٻئي جي آئيني ۽ اخلاقي حقن جو خيال رکڻ گهرجي. خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سياسي آزادي عالمي نظام جا بنيادي اصول آهن. ڪنهن به تڪرار جو حل گڏيل ڳالهين، ٽياڪڙي ۽ سفارتي دٻاءَ ذريعي ڪڍڻ گهرجي ئي ميزائلن ۽ ڊرونن ذريعي. جيڪڏهن دنيا جا اڳواڻ واقعي پنهنجن ملڪن جي ڀلائي چاهين ٿا ته کين هٿيارن بدران لفظن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. تعليمي مٽاسٽا، واپاري سهڪار ۽ ثقافتي رابطن ذريعي اعتماد وڌائي سگهجي ٿو. نوجوان نسل کي نفرت بدران هم آهنگيءَ جو سبق ڏيڻ گهرجي.

دنيا ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳتي وڌي چڪي آهي، هاڻي وقت آهي ته سياسي شعور ۽ اخلاقي ذميواريءَ ۾ به ساڳي ترقي آندي وڃي. جيڪڏهن اسان جنگين مان سبق نه سکيو ته ترقيءَ جا سڀ دعويٰ بي معنيٰ ٿي ويندا. ايران هجي يا افغانستان، پاڪستان هجي يا آمريڪا هر ملڪ جو وجود امن سان ڳنڍيل آهي. سو اڄ جي عالمي قيادت لاءِ پيغام صاف آهي: جنگين جي راهه ڇڏيو، ڳالهين جي واٽ اختيار ڪريو، ۽ هڪ اهڙي دنيا جي تعمير ڪريو جتي اختلاف هجن پر دشمنيون نه. ڇو ته بارود جي بوءِ ۾ ڪا به تهذيب گهڻو وقت زنده نٿي رهي، پر امن جي خوشبو نسلن تائين سفر ڪندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.