پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ اهڙي نازڪ موڙ تي پهتي آهي، جتي روايتي احتجاجن ۽ خاموش سفارتڪاري تائين محدود رهڻ اسلام آباد لاءِ ممڪن نه رهيو آهي۔ سرحدي علائقن ۾ وڌندڙ حملن، سيڪيورٽي فورسز تي چڙهائين ۽ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ دهشتگردي جي واقعن پاڪستاني قيادت کي سخت موقف اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي۔ اسلام آباد جو واضح الزام آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ نام نهاد اسلامي رياست خراسان جهڙيون پابندي مڙهيل تنظيمون افغان سرزمين مان ڪارروايون ڪري رهيون آهن ۽ انهن کي اتي نه رڳو پناه، پر سهڪار پڻ حاصل آهي۔
پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري هڪ پريس بريفنگ دوران دعويٰ ڪئي ته سيڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد سان لڳ علائقن ۾ فتنه الہندوستان ۽ فتنه الخوارج سان لاڳاپيل ڪيترائي ٺڪاڻا نشانو بڻايا آهن۔ فوجي بيان موجب پاڪ فضائيه ۽ زميني دستن ڪابل، پڪتيا، پڪتيڪا، خوست ۽ قندھار ۾ حدف انتهائي درستگي سان تباه ڪيا۔ آپريشن دوران پاڪستاني جوانن جي شهادتن ۽ زخمين جو پڻ ذڪر ڪيو ويو، جڏهن ته ايبٽ آباد ۽ نوشهره ۾ مبينا ڊرون حملن کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ پڻ سامهون آئي۔
اسلام آباد طرفان جاري ڪيل آپريشن غضب للحق کي قومي سلامتي لاءِ ناگزير قدم قرار ڏنو ويو آهي۔ سرڪاري موقف آهي ته افغان طالبان حڪومت هڪ ماسٽر پراڪسي طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ هاڻي ڪابل کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو پاڪستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ چاهي ٿو يا شدت پسند ڌرين سان گڏ بيهي خطي کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪيندو۔
ان پس منظر ۾ صدر آصف علي زرداري آپريشن جي ستين سالگره تي قوم کي خطاب ڪندي واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو به سمجھوتو نٿو ڪري سگهي۔ هن زور ڏنو ته امن ڪمزوري نه ، پر طاقت جي ذميواراڻي استعمال سان قائم رهندو آهي۔ ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پڻ ملڪ جي دفاع ۽ سالميت تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو رد ڪندي جي ايڇ ڪيو جي دوري دوران عسڪري قيادت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو۔
وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ دعويٰ ڪئي ته آپريشن غضب للحق هيٺ افغان طالبان کي وڏو نقصان پهچايو ويو آهي۔ سندس بيان موجب افغانستان اندر 37 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو، جن ۾ سوين اهلڪار مارجي ۽ زخمي ٿيا، درجنين چيڪ پوسٽون ۽ هٿياربند گاڏيون تباه ڪيون ويون آھن.
21 فيبروري تي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل حملي، جنهن ۾ هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ هڪ سپاهي شهيد ٿيا، ڇڪتاڻ کي نئين شدت ڏني۔ پاڪستان جو موقف آهي ته اهڙيون ڪارروايون افغانستان ۾ موجود ٽي ٽي پي قيادت جي هدايتن تي ٿين ٿيون، جڏهن ته افغان عبوري حڪومت فوجي آپريشن بدران سفارتي ڳالهين کي مسئلي جو حل قرار ڏئي ٿي۔ گذريل سالن ۾ به اهڙا مرحلا ڏٺا ويا آهن: سرحدي فائرنگ، محدود فضائي حملا، پوءِ ثالثي ذريعي عارضي جنگبندي، ۽ وري نئين ڇڪتاڻ۔ بنيادي سوال اڃا به بي جواب آهي: جيڪڏهن افغان سرزمين واقعي پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، ته ان کي روڪڻ لاءِ گڏيل ۽ قابلِ اعتماد فريم ورڪ قائم ڪرڻ هميشه پاڪستان ڪوشش ڪئي آھي پر افغانستان هميشه ٽال مٽول ڪندو رھيو جنھن ڪري دھشتگردي بند نه ٿي سگهي آهي؟
حقيقت اها آهي ته دهشتگردي هاڻي صرف ٻن ملڪن جو مسئلو نه رهيو آهي۔ اسلامي رياست خراسان جهڙيون تنظيمون وچ ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ گڏيل خطرو بڻجي چڪيون آهن۔ بلوچستان جي بارکان ۽ خضدار ۾ مزدورن ۽ ترقياتي منصوبن تي حملا ان ڳالھ جي نشاندهي ڪن ٿا ته انڊيا جھـڙا غير رياستي هٿياربند گروه رياستي ۽ اقتصادي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا۔ جڏهن ترقياتي منصوبا خوف جي ڇانوَ ۾ اچن ٿا ته ان جو سڌو اثر معاشي استحڪام ۽ سماجي اعتماد تي پوي ٿو۔
پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پر پنهنجي عوام جي تحفظ تي ڪو به سمجھوتو قبول نه ڪندو۔ ساڳئي وقت اسلام آباد افغان اختيارين کان دوحا معاهدي تحت ڪيل واعدن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو ته افغان سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي۔
ان تڪرار جو هڪ ٻيو پاسو به آهي، جيڪو وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو۔ وچ اوڀر ۾ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ خطي کي غير يقيني صورتحال ڏانهن ڌڪي رهي آهي۔ ايران جي مختلف شهرن تي حملا ۽ انهن جوابي ڪارروايون رڳو علائقائي نه ، پر عالمي امن لاءِ خطري جي گهنٽي بڻجي سگهن ٿيون۔ جيڪڏهن وڏيون طاقتون سڌي ٽڪراءَ ۾ اچي وڃن، ته اهو بحران عالمي پيماني تي پکڙجي سگهي ٿو۔
ان جنگي صورتحال ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻنهي ڌرين کي عالمي قانون تحت ذميواريون نڀائڻ ۽ فوري جنگبندي تي زور ڏنو آهي۔ چين ڳڻتي ظاهر ڪندي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، روس ٽياڪڙي لاءِ تياري ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي رمضان کي صلح ۽ يڪجهتي جو مهينو قرار ڏئي سفارتڪاري تي زور ڀريو آهي۔ سعودي عرب، قطر ۽ ملائيشيا پڻ رابطا تيز ڪري ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔
ان سموري صورتحال مان واضح ٿئي ٿو ته پاڪ-افغان تڪرار هجي يا ايران-اسرائيل-آمريڪا ڇڪتاڻ، اهي رڳو ٻه طرفي معاملا ناهن رهيا۔ اهي اقتصادي رستن، توانائي جي فراهمي، عالمي واپار ۽ جيو اسٽرٽيجڪ توازن سان ڳنڍيل آهن۔ جيڪڏهن ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سنجيده، مربوط ۽ ايماندار ڪوششون نه ڪيون ويون ته بحران وسيع علائقائي تڪرار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، جيڪو دنيا کي هڪ نئين عالمي جنگ جي خطري ڏانهن وٺي وڃي۔
اڄ جي ضرورت اها آهي ته طاقت جي استعمال ۽ سفارتڪاري جي وچ ۾ توازن قائم رکيو وڃي۔ پاڪستاني سرحدن جو تحفظ رياست جو حق آهي، پر پائيدار امن صرف ڳالهين، اعتماد سازي، انتهاپسندي جي بيخ ڪني ۽ گڏيل حڪمت عملي سان ئي ممڪن آهي۔ تاريخ شاهد آهي ته جنگون عارضي برتري ڏين ٿيون، جڏهن ته سياسي بصيرت، سفارتي دانائي ۽ گڏيل ذميواري ئي دائمي استحڪام جو بنياد بڻجن ٿيون۔ دنيا کي هن موڙ تي جذبات نه ، پر حڪمت ۽ تدبر جي ضرورت آهي۔