پي ٽي آءِ قيادت ۽ عمران خان جي خاندان وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف

حبيب ٽالاڻي

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناھي ته عمران خان جي علاج واري معاملي تي  وفاقي حڪومت کي سياسي طرح ڪافي منجھائي ڇڏيو ھو ۽ حڪومت ان معاملي  تي دفائي پوزيشن تي ھلي وئي ۽ پريشان ھئي ته ان معاملي  مان جان ڪيئن ڇڏائجي؟ اڃان وفاقي حڪومت ھٿ مٿي تي رکي سوچن ۾ گم ھئي ته  اھڙن حالتن ۾ باني جي علاج واري معاملي  کي کڻي عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ۽ پي ٽي آءِ قيادت وچ ۾ ظاھر ٿيل اختلافن  سبب جتي وفاقي سرڪار جي مٿي جو سور لھي ويو اتي اھڙن اختلافن پي ٽي آءِ جي اندروني سياست ۾ ھلچل پڻ مچائي ڇڏي پي ٽي آءِ قيادت ۽ باني جي ڀينرن جا اختلاف سياست جي بند ڪمرن مان ٻاھر نڪري ميڊيا اڳيان ظاھر ٿي پيا عمران خان جي بيماري واري اشو کي کڻي ڪجهه ڏينھن اڳ حڪومتي سائيڊ کان اھي بيان سامھون آيا ته حڪومت باني پي ٽي آءِ جي علاج لاءِ سنجيدا ھئي ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ قيادت سان به ڳالههايو ويو ھو جنھن بعد عمران خان جي علاج بابت مامرا طئي ٿي ويا پر باني جي ڀينرن جي مخالفت سبب اھي ڳالهيون اڌ ۾ ئي رھجي ويون جڏھن ته حڪومت پاران اھي الزام پڻ لڳايا ويا ته عمران خان جون ڀينرن ڀاءُ جي بيماري واري مامري تي سياست ڪئي آھي اھي ڳالهيون اڃان اتي ئي ھيون ته مٿان وري عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ميڊيا سان ڳالههائيندي پارٽي قيادت مٿان سخت تنقيد ڪئي ۽ غداري جا سنگين الزام پڻ لڳايا عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽرگوھر بئريسٽر علي ظفر لطيف کوسه حامد خان سميت پارٽي جا ٻيا سينيئر اڳواڻ خبرناھي ڪٿي گم آھن ۽ ڇا پيا ڪن عليما خان اھو پڻ الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ قيادت عمران خان جا ڪيس عدالتن ۾ مقررنه ٿا ڪرائي سھگن ھن اھو پڻ چيو ته جيڪو به عمران خان جي بيانيي جو بار نه ٿو کڻي سگھي اھو پارٽي کان الڳ ٿي وڃي عليمه خان جي اھڙي ڳالهين کان  پوءِ اھا ڳالهه ته بلڪل صاف ٿي وئي آھي ته باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن ۽ پي ٽي آءِ قيادت وچ ۾ سخت اختلاف موجود آھن

اھڙن اختلافن جي ظاھر ٿيڻ بعد سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته اھڙي اختلافن جا مستقبل ۾ پي ٽي آءِ جي سياست توڙي قيادت مٿان ڪھڙا سياسي اثر پوندا؟ جيڪڏھن ھن وقت پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت تي نظر ڦيرائي ڏسنداسين ته پي ٽي آءِ جي موجودا مرڪزي قيادت ۾ تقريبن سڀئي چھرا بلڪل نوان آھن عمران خان جي وزات عظمي واري دور ۾ پي ٽي آءِ جا جيڪي اڳواڻ عمران خان جي اڳيان پويان گھمندا ھئا ۽ حڪومتي فيصلن ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا ھئا اھي اڳواڻ يا ته پي ٽي آءِ کي ڇڏي ويا يا ته روپوش يا جيلن ۾ آھن ۽ شيخ رشيد جھڙا اتحادي ۽ چودري پرويز الاھي جھڙا اڳواڻ پنھنجي جان جو امان وٺي سائيڊ ٿي ويھي رھيا آھن جڏھن ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي سينيئر اڳواڻ سياسي سرگرمين کان سائيڊ ٿي ڏسو ۽ انتظار ڪيو واري پاليسي تي عمل ڪري رھيا آھن ان ڪري پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت عوامي سطح تي نان پاپولر ماڻھن جي ھٿن ۾ اچي وئي آھي

ھن وقت جتي ھڪ پاسي باني عمران خان جون ڀينرون پنھنجي پارٽي اڳواڻن مٿان غداري جا الزام لڳائي رھيا آھن اتي ٻئي پاسي وزيراعلي ڪي پي ڪي سھيل آفريدي عمران خان جي آزادي لاءِ آزادي فورس ٺاھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي وزيراعلي ڪي پي ڪي جي اھڙي اعلان ملڪي سياست ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏي آھي ان ٻڙڌڪ جو اصل سبب رھائي فورس جو نالو آھي ڪنھن سياسي پارٽي پاران پارٽي اڳواڻن جي آزادي لاءِ الڳ سان ونگ ٺاھڻ ڪو ڏوھ ناھي ماضي ۾ صدر آصف علي زرداري جي اسيري دوران پيپلزپارٽي پاران آصف زرداري رھائي ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي ھئي ھاڻي جيڪڏھن عمران خان جي آزادي لاءِ پي ٽي آءِ ڪا ڪاميٽي ٺاھي ٿي ته اھو ڪو غير آئيني ڪم نه ھوندو بس اصل مسئلو پي ٽي آءِ پاران فورس لفظ استعمال ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿيو آھي جنھن جي ڪري ڪي پي ڪي جي وزيراعلي کي سخت مخالفت جو منھن ڏسڻو پيو ان ڪري جيڪڏھن  فورس بدران رھائي ڪاميٽي يا ٻيو ڪو نالو استعمال ڪيو وڃي ته ان سان اھو مسئلو حل ٿي ويندو ھتي اھم سوال اھو به آھي ته ڇا اھڙي ڪنھن ڪاميٽي کي ملڪ ۾ آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو؟ ان جواب نه ۾ آھي  ڪير مڃي يا نه مڃي پر اھا ھڪ حقيقت آھي ته پي ٽي آءِ مٿان ملڪ اندر سياسي سرگرميون ڪرڻ تي اڻ اعلانيل پابنديون لڳل آھن  ان ڪري اھو ڪيئن ممڪن آھن ته مستقبل ۾ عمران خان رھائي فورس يا رھائي ڪاميٽي آزادي سان ملڪ ۾ سياسي سرگرميون ڪري سگھي؟ جيڪڏھن اھا فورس يا ڪاميٽي ڪي پي ڪي تائين ئي محدود رھڻي آھي ته  پوءِ ان جي ٺاھڻ جو فائدو ڪھڙو؟ خير اھا پي ٽي آءِ وارن جي مرضي آھي جيڪو انھن کي وڻي پيا ڪن پر ھن وقت پي ٽي آءِ توڙي باني لاءِ طاقتور ڌرين وٽ نرمي ڏيکارڻ جو ڪو به ارادو ناھي تنھن ڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته في الحال پي ٽي آءِ توڙي باني عمران خان لاءِ ڪنھن سٺي ۽ مثبت سياسي خبر جو سامھون اچڻ جا امڪان تمام گھٽ آھن ان جو اھم سبب پي ٽي آءِ جو ڇڙ وڇڙ ٿيڻ آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.