آمريڪا ايران تي حملو ڪري ڇڏيو آهي. پهرين يائوو گيلٽ ان جي تصديق ڪئي، پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران تي ان ڪري حملو ڪيو آهي، ڇو ته آمريڪي عوام کي ايران کان خطرا هئا. پاڪستان هڪ ڏينهن اڳ افغانستان تي هوائي حملا ڪري چڪو آهي. يعني هاڻي ٻه سرحدون جنگي حالتن ۾ آهن. هڪ ۾ اسين پاڻ شامل آهيون، جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪي يلغار جي کلي مخالفت ڪرڻ واري پوزيشن ۾ به ناهيون.
آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي ڪهڙي هنڌ تان حملا ڪيا، اهو اڃا واضح ناهي. جلد معلوم ٿي ويندو ته اهي حملا وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏن تان ٿيا يا جنگي ٻيڙن مان، ۽ ايران جو ردِعمل به ان حساب سان ٿيندو. جنگ جي اعلان وقت ٽرمپ چيو ته ايران سڄي خطي جو سڀ کان وڏو دهشتگرد آهي ۽ ان جي بحري طاقت کي ختم ڪرڻ وڃي رهيا آهن.
گذريل سال ايران تي آمريڪي حملي وقت دعويٰ ڪيو ويو هو ته ان جا جوهري اثاثا تباهه ڪيا ويا آهن، پر هاڻي چيو پيو وڃي ته اهي اثاثا ختم ڪرڻا پوندا. ان کان اڳ ايران ۾ رجيم چينج لاءِ مظاهرا ڪرايا ويا، ۽ ان کان اڳ ايراني عسڪري قيادت کي نشانو بڻايو ويو. پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ايران گذريل سال جون کان وٺي هن وقت تائين روايتي ۽ اعصابي جنگ ۾ پاڻ کي ڪمزور ثابت نه ڪيو آهي. لڳاتار حملن جي ڌمڪين باوجود ايران مرعوب نه ٿيو.
اسرائيل ۾ آمريڪي سفير چيو ته اسرائيل جون حدون اهي ئي آهن جيڪي بائيبل ۾ بيان ٿيل آهن، ۽ بائيبل ۾ لکيل آهي: مون هي ملڪ تنهنجي نسل کي ڏنو آهي، مصر جي درياهه (نيل) کان وٺي وڏي درياهه، يعني درياهه فرات تائين. سڄي وچ اوڀر تي قبضي جي ڳالهه تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏهن ايران ۾ موجوده حڪومت تبديل ٿئي ۽ نوان حڪمران اقتدار سنڀالين. پر اهو سڀ ڪجهه ايترو آسان نه هوندو، ڇو ته ايران جو ردِعمل هن تازي جنگ جي نتيجن جو فيصلو ڪندو. جيڪڏهن رجيم چينج به ٿي وڃي، تڏهن به ايران سخت اندروني جنگ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ايران نه وينزويلا آهي، نه عراق. هڪ مضبوط فوج، بحري ۽ هوائي طاقت کان علاوه نظرياتي فوج ۽ عوامي حمايت به ڪنهن به دشمن لاءِ سولو هدف نه هوندي.
هاڻي سوال پاڪستان جو آهي. پاڪستان جو بنيادي مسئلو ئي ايٽم بم آهي، جيڪو ان جي مخالفن لاءِ ڪنهن به صورت قابل قبول ناهي. جيڪڏهن اسرائيل پنهنجي منصوبي موجب ايران ۾ ڪامياب ٿيو ته پوءِ پاڪستان جو وارو به اچي سگهي ٿو. ٽرمپ جو فيلڊ مارشل ۽ گريٽ وزيراعظم جي ساراهه ڪرڻ بي سبب ناهي. پاڪستان جي ڪوشش رهي ته ايران-آمريڪا جنگ ٽلجي، عرب ملڪن اهم ڪردار ادا ڪيو، ٽرمپ کي سفارتي طريقي سان پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اها ڪوشش ناڪام رهي. هڪ بهتر دنيا کي ٽرمپ بارود جي ڍير تي آڻي بيهاريو آهي. هاڻي چائنا ۽ روش جو ردِعمل حالتن کي وڌيڪ واضح ڪندو. شام تائين صورتحال صاف ٿي سگهي ٿي.