رياستن جي سربراهن کي هدف نٿو بڻائي سگهجي: وزيراعظم جو خامنه اي جي شهادت تي ڏُک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني حڪومت ۽ عوام طرفان ايراني سپريم ليڊر جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام هن ڏک جي گهڙي ۾ ايران سان گڏ آهي، آيت الله خامنه اي جي شهادت تي حڪومت ۽ عوام طرفان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو.
هن چيو ته پاڪستان عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو، روايتن موجب رياستن جي سربراهن کي هدف نٿو بڻائي سگهجي.
سندس چوڻ هو ته الله پاڪ ايراني عوام کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ توفيق عطا فرمائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.