هي ڪنهن نوجوان جو نه پر پوليس نظام جو ڳلو ڪپيو ويو آهي

عمرڪوٽ ۾ نوجوان اسماعيل سميجو کي شهر جي مک ڪاروباري علائقي موتي چوڪ ڀرسان انتهائي وحشياڻي نموني سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، هي رڳو هڪ نوجوان جي قتل جو واقعو ناهي، پر اهو پوليس، جي نظام جو ڪپيل ڳلو آهي. جنهن جا جواب نه اڄ تائين مليا آهن ۽ نه ئي ويجهي مستقبل ۾ ملڻ جي ڪا اميد نظر اچي ٿي

اسماعيل سميجو، ڳوٺ اڪلو سميجا، چڪولي جو رهواسي هو، هو پنهنجي روزگار سان لاڳاپيل ڪم، انجڻ جي مرمت لاءِ عمرڪوٽ شهر آيو هو. لانگ جيپ جو ڊرائيور هئڻ، محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي گهرواري جو پيٽ پاليندو هو پر قسمت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. شهر جي وچ ۾، ون فائيو جهڙي حساس پوليس چوڪي جي ويجهو، نامعلوم جوابدارن کيس تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي اڌ مئل حالت ۾ ڇڏي ڏنو. اها وحشت، اها بي رحمي، اها بي خوف قاتلاڻي ذهنيت، صرف اسماعيل جو ڳلو نه ڪپي وئي، پر عمرڪوٽ جي امن، شهرين جي احساسِ تحفظ ۽ رياستي رٽ جو به ڳلو ڪپي وئي.

واقعي کان پوءِ جيڪو منظر سامهون آيو، اهو ڪنهن به حساس دل رکندڙ انسان لاءِ برداشت کان ٻاهر هو. رت ۾ ٻڏل نوجوان، جنهن جا زخم هن کي تڙپائيندا رهيا، پوليس ۽ شهرين کيس سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ويو. شهر ۾ خبر باهه جيان پکڙجي وئي. بازارون بند ٿي ويون، شٽربند هڙتال ٿي، سميجا برادري، واپارين ۽ شهرين گڏجي احتجاج ڪيو. مقتول جي وارثن الله والا چوڪ ۽ عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو لاش رکي ست ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو. ٽائر ساڙيا ويا، سخت نعريبازي ٿي، شهر جون مک روڊون بند ٿي ويون، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ۽ عمرڪوٽ مڪمل طور بند ٿي ويو. هي سڀ ڪجهه ڪنهن سياسي ايجنڊا تحت نه، پر هڪ بيگناهه نوجوان جي بي دردي سان قتل خلاف عوام جي دلين مان نڪتل ڪاوڙ هئي.

ڌرڻي دوران جيڪي نعرا لڳا، اهي رڳو پوليس خلاف نه هئا، پر هڪ اهڙي نظام خلاف هئا، جيڪو ڏوهارين کي بي خوف ۽ شهرين کي بي يارو مددگار بڻائي چڪو آهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته ون فائيو جهڙي حساس هنڌ وٽ اهڙو وحشياڻو قتل پوليس جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال نشان آهي. جيڪڏهن شهر جي وچ ۾، پوليس پوسٽ جي سامهون، اهڙي واردات ٿي سگهي ٿي، ته پوءِ شهر جي گهٽين، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪير محفوظ آهي؟

 احتجاج ڪندڙن جو اهو به چوڻ هو ته عمرڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، پوليس حڪمرانن کي پروٽوڪول ڏيڻ تائين محدود آهي، عام شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سنجيدگي نظر نٿي اچي. ست ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڌرڻي دوران ايس ايچ او سٽي عمرڪوٽ احمد بخش راهمون آيو، پر وارثن سان ڳالهين ۾ ناڪام رهيو. اهو به ان ڳالهه جو ثبوت هو ته عوام ۽ پوليس جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو مڪمل طور ٽٽي چڪو آهي. بعد ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ پاڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي، وارثن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن خاطري ڪرائي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي پئي وڃي، سي سي ٽي وي ڪيمرائن، موبائل فارنزڪ، سي ڊي آر سميت جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي پئي وڃي ۽ پنجن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. انهن لفظن تي ڌرڻو ختم ٿيو، پر سوال اڃا باقي آهن. ڇا رڳو خاطريون ڪافي آهن؟ ڇا سنڌ جي ماڻهن کي هر ڀيري لاش رکي ڌرڻو هڻڻو پوندو، تڏهن وڃي پوليس حرڪت ۾ ايندي؟

مقتول جي والد جمال الدين سميجو جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ بيگناهه هو، ڪنهن سان به دشمني يا شڪ نه هو. هي لفظ ڪنهن هڪ پيءُ جا نه، پر هزارين والدين جي دلين جو آواز آهن، جيڪي پنهنجي ٻچن کي هر روز غير محفوظ ماحول ۾ گهر کان ٻاهر موڪلين ٿا. جڏهن هڪ پيءُ چوي ٿو ته ”منهنجو پٽ بيگناهه هو“، تڏهن رياست کان وڏو سوال پڇيو وڃي ٿو ته پوءِ قاتل ڪير آهن ۽ ڪٿي آهن؟ ڇو ايف آءِ آر ۾ دير ٿي؟ ڇو انصاف ايترو سستو ۽ انسان جي جان ايتري مهانگي ناهي؟ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن طرفان مذمتي بيانن جو سلسلو به جاري رهيو. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، فنڪشنل ليگ جي فقير خضر حيات منڱريو، جمعيت علماءِ اسلام جي مولانا نور محمد قرآني، محمد يعقوب ڪنڀر سميت ٻين چيو ته هي واقعو رڳو هڪ نوجوان جي حياتي کسي وڃڻ جو نالو ناهي، پر سڄي شهر ۾ خوف ۽ عدم تحفظ پيدا ڪرڻ برابر آهي. انهن ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه جو بيان هن واقعي کي هڪ وسيع تناظر ۾ ڏسي ٿو. هن چيو ته ون فائيو پوليس پوسٽ جي سامهون قتل ٿيڻ پوليس ۽ حڪومت جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهي. ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ مجرماڻي لاپرواهي ۽ ممڪن ملوث هجڻ جو ثبوت آهي. سنڌ حڪومت جي خاموشي مظلومن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. هن اهو به چيو ته سنڌ ۾ امن امان نالي ڪا به شيءِ باقي ناهي رهي. هي لفظ تلخ آهن، پر حقيقت کان پري ناهن. جڏهن رياست پنهنجن شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي، تڏهن اهڙا لفظ ئي جنم وٺن ٿا. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جو بيان وڌيڪ سخت ۽ بي رحم سچائي کي وائکو ڪري ٿو. هن چيو ته ڳلو ڪپي مرڻينگ ڪيل نوجوان جي مرڪ هن سموري کوکلي نظام تي کلي رهي آهي. هن نظام ۾ ڪير به محفوظ ناهي. اڌ سنڌ ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهي، باقي سنڌ ڏوهارين جي گهيري ۾ آهي. منشيات کي سنڌ جو اڏو بڻايو ويو آهي. هي رڳو سياسي بيان نه، پر هڪ اجتماعي مشاهدو آهي. سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙا، اغوا، منشيات، ۽ هاڻي اهڙا وحشياڻا قتل، هڪ اهڙي سماج جي تصوير پيش ڪن ٿا، جتي رياست جي رٽ نالي ڪا شيءِ باقي ناهي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.