اچو ته سچ ۽ ڪوڙ جي ڇنڊڇاڻ ڪريون

تحرير: حميد منگي

سچ ۽ ڪوڙ بابت ڳالهيون، لکڻيون، تقريرون، بحث مباحثا، اختلاف، تڪرار، جهيڙا ۽ جنگيون، هر دئور ۾ هر معاشري جي حقيقت رهيا آهن۔ اهڙن سمورن بحثن، ڳالهين ٻولهين يا فيصلن دوران هر فرد يا ڌر پاڻکي سچ جي ساٿاري ۽ مخالفن کي ڪوڙو قرار ڏيڻ ۾ دير ناهي ڪندي۔ نتيجي طور جڏهن ڪٿي نبيرا ڪيا ويندا آهن، ڳالهيون ڇني ڌار ڪرڻ کان پو فيصلا ٻڌايا ويندا آهن، تڏهن به ڪا هڪ ڌر، نبيرا ڪرڻ وارن مٿان ئي ڪوڙ جو ساٿ ڏيڻ جو الزام مڙهيندي ڏٺي وئي آهي۔ سچ ۽ ڪوڙ جي نالي ۾ هن وقت تائين جيڪو ڪجهه به ٿيندو رهيو آهي، اهو پڻ ڪيترين ئي نئين ناانصافين کي جنميندو رهيو آهي۔ ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو الزام لڳائيندڙ فرد يا ڌر کي ايمانداري سان پنهنجي پنهنجي اندر ۾ به جهاتيون پائي ڏسڻ گهرجي، متان انهن ۾ به ڪي ڪميون ڪوتاهيون هجن، پر اڪثر ماڻهو پنهنجو محاسبو ڪرڻ کان اڳ ئي سڄو ڏوهه ٻين مٿان اڇلائيندا آهن۔ ڏور ماضي کان اڄ تائين ايئن ڇو ٿيندو رهيو آهي، اهڙو عمل بار بار ڇو ورجائبو ٿو رهي، جو هر فرد، هر ڌر پاڻ مرادو پنهنجي قول ۽ فعل کي سچ، ٻئي کي ڪوڙو قرار ڏيڻ ۾ دير ناهي ڪندي۔

اصل ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي جهيڙي ۾، اڪثريت جو پاڻ کي سچ تي بيٺل ۽ باقي سڄو ڏوهه مخالف مٿان مڙهڻ واري مامري تي وڏي عرصي کان دليلن سان بحث جي ضرورت رهي آهي، پر افسوس جو ڪنهن به محقق، عالم، فاضل ۽ دانشور ڪڏهن قلم کڻي، هن موضوع تي سائنسي ڇيد ڪڍي ڪو مضمون، چوپڙي، ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي۔ نه ئي اسانجي علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي گڏجاڻين، ڪچهرين يا جلسن ۾ سچ ۽ ڪوڙ بابت سکڻن ۽ سطحي حوال ڪٽڻ بدران، ٻنهي روين وچ ۾ ڪا ننڍي لڪير ڪڍي، عام ماڻهن ۽ پڙهندڙن کي پيرائتي ڄاڻ ڏئي اهو سمجهايو هجي ته، پاڻمرادو پاڻ کي سچو ۽ تڪڙ ڪري ٻئي کي ڪوڙو قرار ڏيڻ ڪيترو ڪنو عمل آهي۔ اهڙن ئي اگرن عملن سبب هر ايندڙ دئور ۾ انساني سماجن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي۔ انهي سلسلي ۾ هڪ ٻيو عمل به افسوس جوڳو رهيو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جا تي سچ ڳالهائي، موٽي گهر يا دوستن جي محفل ۾ پيرائتو احوال ڏيندو آهي ته، ڪجهه لکيا پڙهيا ماڻهو کيس مذاق مذاق ۾ اهو چئي ڊيڄاريندا اٿس ”هاڻي ان جو نتيجو ڀوڳڻ لا به تيار ٿجان“ اصل ۾ اهو عمل ماحول ۾ مايوسي ڦهلائڻ، ايندڙ وقت ۾ کيس اهڙي حقيقت کان پري رهڻ جي ڌمڪي برابر هوندو آهي۔

پاڻ هتي انهيءَ حوالي سان هن موضوع تي ننڍي بحث جي شروعات ڪيون ٿا، ڀلي ان سان کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي نه به ٿئي، سچ توڙي ڪوڙ وارن معاملن کي سلجهائڻ ۾ ڪي ننڍيون نشانيون به نه ملن، گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو حقيقت پسند ٿي سچ ۽ ڪوڙ کي ڇاڻي، ٻين مٿان الزام مڙهڻ بدران پنهنجين خرابين ۽ ڪمزورين جو اظهار ڪندي، سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ ڪو سنهڙو سنڌو ڪڍن ته، ان موضوع تي لکڻ جو حق ادا ٿي ويندو ۽ پڻ ان سان گڏ، هي موضوع به ٿورو اڳڀرو ٿي، علم جو حصو ٿي پوندو جيڪو صدين پڄاڻان ٿي ناهي سگهيو۔ پاڻ جيڪڏهن ٿوري ايمانداري سان جائزو وٺون ته، هي موضوع اسان کي ايترو سادو ۽ سولو نظر نه ايندو، جيترو اسين سمجهندا رهيا آهيون، پر اها به ڳالهه درست آهي ته، ان حوالي سان جيستائين پڪا پختا دليل نه ايندا، ڪي قاعدا، قانون، ضابطا، اخلاقي قدر نه جڙندا، تيسيتائين اهو مامرو اسان جهڙن سماجن کي اڏوهي وانگر اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪرڻ سان گڏ ساڳيو ئي مٿي جو سور رهندو ۽ پڻ ڪنهن تلوار جيان جيئن جو تيئن ٽنگيل رهندو۔ رڳو ايترو نه پر انساني ترقي جا حقيقي رستا به بند رهندا، حاصل ڪيل سمورن علمن ۽ هنرن جو ڪو حقيقي فائدو نه رسندو، ماڻهن جا وڏين مشڪلاتن کانپو حاصل ڪيل تجربا بيڪار لڳندا۔ جڏهن ته ”ڪوڙي سچ“ جي ويهاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺل ڌريون ساڳئي نموني ٻين کي ڪوڙو ۽ پاڻ کي سچو چئي، معاشرن ۾ خرابين جو سبب بڻجنديون رهنديون ۽ پڻ سچ به ڪٿي زهر جا پيالا پي مرندو رهندو يا ڪن ڪيٽا ڪري لڪندو وتندو۔

سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ فرق کي واضع ڪرڻ لا، پاڻ جيڪڏهن ڪوڙ کي في الحال ٿوري وقت لا پاسيرو رکي، رڳو سچ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيون، ته ان عمل سان به ڪوڙ پنهنجو پاڻ پڌرو ٿي، سڀن جي سامهون پهڪو ڏئي ڪري سگهي ٿو۔ انهيءَ ڪري اڳ ۾ شروع ڪيون ٿا مختلف شڪلين ۾ ورهايل سچ کان، جيئن خبر پئجي سگهي، سچ جيڪو اڄ جي جديد دئور ۾ ماڻهن جي وچ ۾ ويٺل هجڻ گهربو هئو، اهو عام ماڻهن کان پري ڇو آهي، اهو انساني سماجن ۾ رهڻ بدران، رڳو فطرت جي ڪجهه مخصوص شين ۾ ڇو ٿو نظر اچي، هو ڪڏهن ڪڏهن، ڪن ڀلوڙ شخصيتن جي روپ ۾ ظاهر ٿي، ٿوري وقت لا انساني سماجن ۾ ڪردار ادا ڪندي مارجي يا گم ٿي ڇو ٿو وڃي، جنهن کان دنيا جا اڪثر ٺوڳي به ڪن هڻي، پنهنجو پاند بچائي ڀڄڻ جون واٽون ڳولهيندا آهن۔

هتي انهيءَ حقيقت کي به جاچڻو پوندو، سچ واقعي ڪا اهڙي طاقت آهي جيڪا ڪوڙ جا پول پڌرا ڪري، کيس اگهاڙو ڪري ڀڄائيندي آهي يا اهڙي اٽل حقيقت آهي، جنهن کي دنيا جي طاقتور ڌرين، انهن جي حمايتن، ڏاڍ ۽ چالاڪين ذريعي قيد ڪري، کائنس ناجائز فائدا حاصل ڪندا رهيا آهن۔ انهي سلسلي ۾ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي سچ کي يرغمالي ڌرين کان آجو ڪرائي، ان جي اصل شڪل ۾ ظاهر ڪبو ته، مصنوعي سچن ماڻهن، منفي انداز ۾ ترقي ڪيل سماجن ۽ معاشرن ۾ ڏڦيڙ وجهندڙ سوچن جو انت اچي سگهي ٿو۔ جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جيئن پاڻ کي هاڻي ڇڙوڇڙ ۽ هڪٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وڌل نظر اچي پئي، اها ان جي بلڪل ابتڙ نظر ايندي ۽ هي جيڪي سچ ۽ ڪوڙ جي بنياد تي ماڻهن جا ماڻهن خلاف مختلف محاذ کليل آهن يا انهن پاران ٺاهيل هٿراڌو فڪر، فلسفا ۽ سوچون آهن انهن جا پول پڌرا ٿي پوندا ۽ ڪرهت وارن ڪمن ۽ سمورين سازشن کي ڪاپاري ڌڪ رسي سگهي ٿو۔

پاڻ کي انهيءَ حقيقت کي به مڃڻو پوندو ته، جيڪڏهن صدين کان مختلف ٽڪڙن ۾ ورهايل سچ جو هڪ ننڍڙو ٽڪڙو ڪٿان به اڀري، سج جيان ڪني ڪڍندو ته، يقينن ڪوڙ ۽ ٺڳي تي مبني انسان دشمن ڪمن، عملن ۽ ڌنڌن ۾ وڏي پيماني تي ڪمي اچي ويندي۔ ان سان گڏ جن جن ملڪن، معاشرن ۽ ماحولن ۾ هٿراڌو طور تي اختلاف چوٽ چاڙهيا ويا آهن ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تي يا حل ٿيندڙ مسئلن ۽ اختلافن تي ممڻ مچائي، ماڻهن يا ڌرين کي مارا مارين تائين پهچايو وڃي ٿو، انهن ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي اچي سگهجي ٿي۔ ٿورو غور ڪرڻ يا ڳالهيون ڳڻڻ سان، پاڻ کي اها به ڄاڻ ملندي ته هڪ ننڍي سچ ۾ به، سائنس جي حڪمت عملي سان گڏ انسان جو تخليقي مثبت عمل به ساڻ هوندو آهي ۽ اهو به جيڪڏهن وقت تي استعمال ٿيو ته ٺيڪ، نه ته ان جي خراب نتيجن نڪرڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن۔ ڇو ته جڏهن سچ پنهنجي وقت تي نڪري نروار ناهي ٿيندو، ان جي جا تي ڪوڙا، ٺوڳي ۽ منافقت وارا ڪردار پنهنجو ڪم ڪري ويندا آهن۔ جن جا هڪ ٻن ماڻهن يا ڪٽنبن تي نه، پر سماجن سميت ڪڏهن ڪڏهن پوري خطي تي به هاڃيڪار اثر پوندا آهن۔ جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڪوڙ هڪ اهڙو منفي عمل رهيو آهي، جنهن جي عام ٿيڻ سان انسان ذات جي غلط رستي تي هلي پوڻ جا انديشا پيدا ٿي پوندا آهن، نتيجي طور تي انسان پنهنجي اصل منزل کان ايترو ته ڏور ٿي ويندو آهي جو، اڪثر ماڻهو باقي عمر ۾ سخت جدوجهدون ڪرڻ باوجود به پنهنجين منزلن تي پهچي ناهن سگهندا۔

اڄ جيڪڏهن دنيا جي اڪثر ملڪن ۽ هنڌن تي غلط ڪم ۽ ڌنڌا ٿي رهيا آهن، ماڻهو منفي ريتن، رسمن ۽ رواجن جا غلام بڻجندا رهيا آهن يا سماجن ۾ ڏوهاري سرگرميون پنهنجون حدون ٽپي رهيون آهن ته، اهو وقت تي سچ سامهون نه اچڻ جو نتيجو هجڻ سان گڏ ڪوڙ کي غير ضروري پٺڀرائي وارو سبب چئي سگهجي ٿو۔ جنهن ڪري ان جا منفي اثر پوري دنيا تي پئجي چڪا آهن، جيڪڏهن ساڳين هنڌن تي، سچ وقت تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ها ته، جيڪر هن وقت دنيا جون حالتون، اهڙيون نه هجن ها، جيڪي پاڻ کي هاڻي نظر اچن پيون۔ پوري دنيا ۾ کڻي نه پر، ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ رشوتون عام جام نه ورتيون وڃن ها، نه سفارشن جا ڌوڙيا هجن ها، نه ڪرپشن ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ رت وانگر شامل ٿي ڊوڙندي رهي ها، نه هٿيار ٺاهڻ جا کلم کلا دڪان کليل هجن ها ۽ نه ئي ايئن آرام سان اها منشيات وڪامجي سگهي ها، جو اڄ جو ننڍو ٻار به آساني سان اها وٺي به ٿو ۽ واپرائي به ٿو۔

جڏهن ته هڪ اندازي مطابق، سچ جي وقتائتي ڪردار ادا ڪرڻ سان نه ته جوا جا اڏا کليل هجن ها، نه قانون جي کلم کلا لتاڙ ٿئي ها، نه ماڻهن سان ايئن عام جام ڏٺيون وائٺيون زيادتيون ۽ ناانصافيون ٿيڻ ها، نه سرڪاري ادارا جيڪي اڌ صدي اڳ اڀرا سڀرا ئي کڻي فعال هوندا هئا، اهي اڄ پوري طرح سان غير فعال ٿي مختلف مافيائن جي هٿن ۾ يرغمال بڻجي، سادن ۽ ساڌن کي به چور، ڌاڙيل، اغوا ڪار يا ٻين ڏوهن جا ڏوهاري بڻائن ها، نه وري دنيا جي مختلف خطن ۽ ملڪن وچ ۾ جهيڙا، دشمنيون ۽ جنگين وارا ماحول جڙن ها، نه ايئن آساني سان دهشت گرد تنظيمون جڙن ها ۽ نه ئي انسانن ۾ ڪوڙ کان به وڌيڪ نقصانڪار منافقت وارو فعل عروج حاصل ڪري ها۔

سچ جو پنهنجي پوري طاقت سان ظاهر ٿي نه اچڻ جا هونئن ته، ٻيا به ڪيترائي سبب هوندا پر، ان بابت هڪ وزنائتو دليل هي به آهي ته، سچ ازل کان مختلف شين ۽ شڪلين ۾ ورهايل رهيو آهي يا کڻي ايئن چئجي ته، ڪٿي ڪٿي کيس ڄاڻي ٻجهي ورهايو ويو هجي ته به ڪو وڌا نه ٿيندو، جنهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا۔ جيڪڏهن سچ جي باري ۾ ايمانداري سان تحقيق ڪبي ته، پاڻ کي اها ڄاڻ ملندي ته، سچ بابت مختلف عمرين وارن ماڻهن جا پنهنجا پنهنجا ۽ الڳ رايا رهيا آهن۔ اسرندڙ عمر جي ايماندار ٻارن جي ذهنن ۾ سچ جون الڳ شڪليون ڏٺيون ويون آهن، اهڙي ريت جوانن وٽ سچ جون شڪليون، ڪجهه مختلف ملنديون، پڪي عمر جي ماڻهن ۾ سچ بابت وچور ٿورا وڌيڪ واضع ٿيل هوندا، اهڙي طرح پوڙهي دماغ وٽ سچ جي صورت ٻين سڀني عمرين وارن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ جدا نظر ايندي، جو هڪ ته انهن وٽ زندگي جا وڏا تجربا هوندا آهن ۽ ٻيو ته عمر جي واڌ سبب، اهڙن ماڻهن جي "ڇهين حس” ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪرڻ لڳندي آهي۔

هلندڙ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.