ڪراچي جو ڳاڻيٽو آبادي جي لحاظ کان دنيا جي وڏن شهرن ۾ ٿئي ٿو. ملڪ ٺهڻ کان اڳ ڪراچيءَ ۾ سنڌي هندو وڏي اڪثريت ۾ آباد هئا. انهن ڪراچيءَ جي تعمير جديد بنيادن ڪئي هئي. ڪراچيءَ جا روڊ رستا تمام گهڻا ويڪرا ٺاهيا ويا هئا. بحر حال 1947ع ۾ ملڪ ٺهيو، وڏي پيماني تي سنڌي هندو لڏ پلاڻ ڪري پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏي هندوستان هليا ويا. ( هي لڏ پلاڻ نج ٻه قومي نظريي تحت ٿي هئي) هندوستان جي يو پي سي پي ۽ ٻين علائقن مان اردو ڳالهائيندڙ مسلمان وڏي پئماني تي هن ملڪ ۾ آباد ٿيا. هندوستان مان لڏي ايندڙ مسلمان نه رڳو سنڌ ۾ پر ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به آباد ٿيا. سنڌ ۾ وري خاص ڪري انهن کي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ آباد ڪيو ويو هو، پر انهن جي اڪثريت ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ آهي. سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي شروعات ته انهن ڏينهن کان وٺي جاري آهي. هنن ڪوڙا ڪليم داخل ڪري سنڌي هندن جون ڇڏيل ملڪيتون ورتيون. هاڻي ته اها ڳالهه به واضح ٿي وئي آهي ته اهي ڪليم 90 سيڪڙو ڪوڙا ڪليم هئا.
سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ تعليم، صحت ۽ روزگار جون سهولتون تمام گهڻيون آهن. ڪراچي ۾ شروع ۾ سياسي اثر رسوخ مذهبي جماعتن جو تمام گهڻو هو. خاص ڪري اسي واري ڏهاڪي ۾ پهرين مهاجر – پٺاڻ لساني فساد کان پوءِ ايم ڪيو ايم نالي هڪڙي جماعت وجود ۾ آئي. اردو ڳالهائيندڙن جي ووٽ جو چڱو حصو مذهبي جماعتن مان نڪري لساني جماعت ايم ڏي هليو ويو. ڪراچي جو ميئر/ ناظم يا ته ايم ڪيو ايم جو رهيو آهي يا جماعت اسلامي جو. هاڻي گذريل ڪجهه سالن کان ڪراچي جو ميئر پ پ پ سان لاڳاپيل مرتصي وهاب آهي. وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي جيڪڏھن ڪراچي شهر جي ڀلائي لاءِ سياسي ۽ مذهبي جماعتون قدم کڻن ها ته اڄ ڪراچي جو نقشو ئي تبديل هجي ها. 17 جنوري تي ڪراچي جي اهم ڪاروباري مرڪز ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا کي باھ لڳڻ سبب ڪيترائي ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا آهن ۽ ٻڌڻ اچي ٿو ته 80 جي لڳ ڀڳ ماڻهو گم آهن.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اربين رپين جي بجيٽ هوندي ڪراچي جهڙي شهر کي ڪنھن به قدرتي آفت کان بچائڻ لاءِ اقتدار ۾ رهندڙ جماعتن ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ هن کان اڳ ڪراچيءَ شهر ۾ بلديا فيڪٽري کي باهه لڳائي وئي هئي. جنھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 260 ماڻهو سڙي فوت ٿيا هئا. هن واقعي جا مک جوابدار رحمان ڀولا ۽ حماد صديقي هئا. ٻنهي جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هو. هن واقعي کان پوءِ جيڪا جي آءِ ٽي ٺهي هئي، انهيءَ ۾ وڏا انڪشاف ٿيل هئا.
گل پلازا جي باھ ٽن ڏينهن تائين وسامي ڪونه سگهي. پلازه ۾ ڦاٿل ماڻهن جون ڪيتريون ئي وڊيوز سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳيون. جنهن ۾ اهي خدا رسول جا واسطا ڏئي زندگي بچائڻ جي التجا ڪري رهيا هئا ڪونه بچي سگهيا بي رحم باھ جي شعلن ۾ سڙي رک ٿي ويا. آباديءَ جي لحاظ کان ڪراچي جو شمار دنيا جي تمام وڏن شهرن ۾ ٿئي ٿو. هن شهر جي آبادي هڪ اندازي موجب ته ٽي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هوندي. جيڪي به آدمشماريون ٿيون آهن انھن ۾ ڪڏهن به هن شهر جا صحيح انگ اکر ظاهر ڪونه ڪيا ويا آهن. ساليانو هن شهر ۾ ڪيترائي باھ لڳڻ جا موقعا پيش اچي رهيا آهن. هن شهر ۾ ٽوٽل 45 فائر اسٽيشن آهن جن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار جي فائر فائٽرز ڀرتي ٿيل آهن. فائر برگيڊز گاڏين جو ته اڃان به وڌيڪ برو حال آهي. انهن ۾ لڳل پاڻيءَ جا موٽر ناڪارا ٿيل آهن. هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فائر فائٽرز جي تربيت ئي ٿيل ناهي. ڪراچي شهر جي موجوده بدترين صورتحال جون ذميوار پ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي آهن.
2008ع کان وٺي سنڌ ۾ حڪومت هن وقت تائين پ پ پ جي آهي. ڪراچي شهر ۾ چائنا ڪٽنگ، غير قانوني پلاٽن تي قبضا، نشو، جوا، تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ ناقص مٽيريل يا سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اهڙين ڪيترين ئي بلڊنگن تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، جن ۾ ڪنهن به حادثي کان پوءِ نڪرڻ جي لاءِ ايمرجنسي ايگزٽ آهي ئي ڪونه. جيڪڏهن عمارتون جديد بنيادن تي تعمير ٿين ها ته نقصان گهٽ ٿي سگهي ٿو. ڪراچي شهر ۾ الائي جي ڪيتريون عمارتون جڳاڙي طريقي سان ٺهيل آهن. ڪجهه سال پهرين سپريم ڪورٽ نسله ٽاور کي ڊاهڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو. پوءِ واقعي ئي نسله ٽاور کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو هو. نقصان انهن ماڻهن جو ٿيو جن ڪروڙين روپيا ڀري ان ۾ فليٽ خريد ڪيو هو. ان طرح جي واقعن سان لسانيات کي هوا ملي ٿي. ڪراچي شهر جي هاڻي اها حالت وڃي بيٺي آهي جو خدا نه خواسته جيڪڏھن ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ته ان تي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. هر سال هزارن جي تعداد ۾ موبائيل فون ڦرڻ ۽ موٽر سائيڪل ڦرڻ جا واقعا رجسٽر ٿي رهيا آهن. ڦورن ڪيترن ئي ماڻهن کي موبائيل ڦرڻ دوران ٿڏي تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت به تقريبن اڌ شهر ترقياتي ڪمن جي کوٽيل آهي. معاشي ماهر مفتاح اسماعیل کان جڏهن صحافين سوال ڪيو ته پ پ پ حڪومت ڪراچي ۾ ڪم نٿي ڪرائي تنهن تي مفتاح اسماعیل جواب ڏنو ته پ پ پ حڪومت سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪم نه ٿي ڪرائي.
جڏهن به ڪو اهڙو واقعو پيش اچي ٿو ته جلد ئي لساني ٽولو پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ چئي ڇڏي ٿو ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بڻايو وڃي يا ڪراچي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي. جڏهن ته هن وقت ڪراچيءَ ۾ نج انتظامي مسئلا آهن. جيڪي سٺي گورننس سان سال اڌ ۾ ٺيڪ ٿي ويندا پر پ پ پ سميت ڪنهن به جماعت جو ارادو ئي ناهي ته ڪو بهتري طرف وڃجي. هي رڳو غير ضروري ڳالهين ۾ وقت ضايع ڪري رهيا آهن. ڪراچي شهر ۾ ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي، ڪنٽونمينٽ بورڊ وٽ زمين آهي اهي اجازت ڏيندا آهن ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي نقشو پاس ڪندي آهي. نج انتظامي مسئلا جيستائين عوامي امنگن تحت حل نه ٿيندا ۽ سفارشي ڪلچر جو خاتمو نه ٿيندو تيستائين ڪجهه به سڌو نه ٿيندو. ڪراچي شهر جي تباهي جون ذميوار پ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي آهن. موجوده پ پ پ سرڪار به مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي. جيڪڏهن پ پ پ حڪومت پنهنجو انتظامي نظام درست ڪري ته ڪنهن کي به اهڙي جرئت نه ٿيندي جو ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ جو سوچي.