جيئن ته آمريڪا 2026 ۾ پنهنجي 250هين تاريخي دڳ ڏانھن وڌي رهيو آهي، "آمريڪا-250” جو مطلب قومي سگھه جي ٻيهرسرجڻ، جمهوري ادارن کي ويتر سگھاروڪرڻ، معاشي ترقي کي ھٿي ڏيڻ ۽ حقيقي توڻي گڏيل اصولن تي ٻڌل قيادت جي توثيق ڪرڻ آهي. انھي جذبي سان، آئون پاڪستاني عوام ۽ حڪومت کي چوڻ چاهيان ٿي ته آمريڪا ايندڙڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پاڪستان کي انتھائي اھم ڀائيوار جي حيثيت سان ڏسي ٿو.
پائيدارجمهوريت جو سفر
1788ع ۾ منظور ٿيل آمريڪي آئين طاقت جي ورڇ، توازن ۽ احتساب جي اهڙي نظام جي جوڙجڪ ڪئي جيڪا آزاديءَ جي حفاظت ۽ اختيارن جي مرڪزيت کان روڪڻ لاءِ بيحد ضروري هئي. صدين تائين آمريڪا ڪيترن ئي ڏکين آزمائشن مان گذريو، جن ۾ گهرو ويڙھ به شامل هئي، پر ان جي باوجود اسانجو نظام وڌندو۽ ويجھندو رھيو، جنهن ما ثابت ٿئي ٿو ته جمهوريت لاءِ مستقل نگراني ۽ سرپرستي جو اعلي نظام بيحد ضروري آهي.
پاڪستان جو قومي سفرپڻ لڳاتاراستقامت، سڌار۽ قومي ترجيحن جي حفاظت سان جڙيل رھيو آهي جيڪي ساڳين ئي قدرن سان مطابقت رکن ٿا. سگھاريون قومون ئي مضبوط ڀائيواريون قائم ڪنديون آھن. جيئن آمريڪا پنهنجي ادارتي نظام جي حفاظت ڪندي ٻين ملڪن جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو، تيئن هو پاڪستان سان به اهڙي ئي ڀائيواري جو خواهشمند آهي جيڪا گڏيل احترام، برابري ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل هجي.
گڏيل ڀائيواري ذريعي خوشحالي
آمريڪا دنيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي معيشت آهي، جيڪا جدت، ڪاروبار، قانوني حڪمراني ۽ مقابلي جي بنياد تي مشتمل منڊين تي ٻڌل آهي. آمريڪي سفارتڪاري منصفاڻي، گڏيل منافعي واري واپار، ۽ حڪمتِ عملي تي ٻڌل شراڪتداري کي ھٿي ڏيئي ٿي، جيئن سپلاءِ چين مضبوط ٿئي، معاشي لچڪ کي وڌيڪ جٽاءُ ملي ۽ آمريڪا سميت ٻين سڀني ملڪن لاءِ ھڪجھڙا موقعا پيدا ٿين. هيءَ پاليسي ترجيحون ”فريڊم-250“ جي بنيادي مقصدن کي اجاگرڪن ٿيون، جيڪي آمريڪا جي بانيڪار قدرن کي مستقبل جي دائمي پرڏيهي پاليسين سان ڳنڍين ٿيون، جيڪي خوشحالي، جدت ۽ پائيدار شراڪت داريءَ تي مرڪوز آهن.
جنوري 2025ع کان پوءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي معاشي رابطن ۾ نمايان تيزي آئي آهي. پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي وائيٽ هائوس ياترا، ٻه طرفي شراڪت داري کي نتيجا خيز مرحلي ۾ داخل ڪرڻ جو واضح عزم هو. اهم معدنيات، کاڻن جي کوٽائي ۽ انفرااسٽرڪچر جي شعبن ۾ آمريڪي ۽ پاڪستاني ڪمپنين وچ ۾ معاهدا، جيڪي آمريڪي مالياتي ذراع جي مدد سان اڳتي وڌيا، اهو ثابت ڪري ٿو ته حڪمتِ عمليءَ تي ٻڌل سيڙپڪاري ڪيئن روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي، خوشحالي جو سبب بڻجي ٿي ۽ قومن وچ ۾ مضبوط معاشي لچڪ پيدا ڪري سگهي ٿي.
سلامتي ۽ علائقائي استحڪام
سلامتي سان خوشحاليءَ اچي ٿي. آمريڪا اهڙين صلاحيتن جو مالڪ آھي، جيڪي خطرن جي اڳواٽ روڪٿام، علائقائي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل مشڪلن کي منهن ڏيندڙ ڀاڱيوارملڪن جي مدد ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آھن. صدر ٽرمپ گهڻي عرصي کان ان ڳالهه تي زورڏيندي آيا آھن ته، "امن لاءِ طاقت ضروري آهي”، سندن چواڻي ته، ”اسان جو مقصد تڪرار نه پر استحڪام آهي ۽ اسان جي طاقت ئي امن جي ضمانت آھي.“
دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ کي منھن ڏيئڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جا مفاد گڏيل نوعيت جا آھن. اسانجو دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ گڏيل رابطي وارو پروگرام، خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم کي ٻيهر پختو ڪيو آھي، جنهن ۾ خودمختياريءَ جو احترام ۽ علائقائي استحڪام کي بنيادي حيثيت ڏني ويئي آھي. سلامتي ۽ سِراغرسانيءَ جي ميدان ۾ سهڪار ٻنهي ملڪن جي شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائيٿو ۽ ٻنھي قومن جي گڏيل اعتماد ۾ اضافوڪري ٿو.
قانوني لڏپلاڻ ۽ امڪاني موقعا
آمريڪا، قانون جي حڪمرانيءَ تي يقين رکندڙ هڪ اهڙي قوم آهي جيڪا لڏپلاڻ ۽ هجرت جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي آھي. موجوده انتظاميه محفوظ سرحدن، لڏپلاڻ جي قانونن جي نفاذ ۽ قانوني لڏپلاڻ (هجرت) جي نظام کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪو آمريڪا جي قومي مفادن جو تحفظ ڪري. جيئن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو، ”ويزا حق نه پرهڪ سهولت آهي.“
ساڳئي وقت، پاڪستاني ۽ پاڪستاني نزاد آمريڪي شھري، طب، سائنس، ڪاروبار ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ بھرو وٺندي آمريڪي سماج کي ويتر سگھارو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳڏيل فھم ۽ رابطي کي هٿي ڏيڻ ۾ انتھائي اھم ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري رھيا آهن. اها متوازن حڪمتِ عملي ان ڳالهه جي ثابتي آھي ته قانوني لڏپلاڻ ملڪن ۾ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن، استحڪام ۽ ترقي جا بھترين موقعا فراھم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.
مستقبل تي مرڪوز گڏيل ڀائيوري
آمريڪا پنهنجي قدرن تي پختي يقين ۽ واضح مقصدن سان گڏ ٽئين صديءَ ۾ پير پائي رهيو آهي. پاڪستان سان گڏجي اسان اهڙي ڀائيواري قائم ڪري رهيا آهيون جيڪا خودمختياري، قومي سگھه، گڏيل خوشحالي ۽ روشن موقعن تي ٻڌل آهي. ھاڻوڪين، ٻنھي ملڪن جي اعلي اڳواڻن جي ملاقاتن ۽ عملي معاهدن اهو ثابت ڪيو آھي ته ڳڏيل احترام، واضع نتيجن تي ٻڌل سھڪار ۽ مطابقت رکندڙ معاشي ۽ سلامتي مفاد گڏيل شراڪتداري کي نئين اوچائين تائين پھچائي سگهن ٿا.
پاڪستان جي ثابت قدمي، لچڪ، جدت ۽ سندس انتھائي اھم اسٽرٽيجيڪ حيثيت گڏيل تعاون جي ورثي جي قيام لاءِ رستا کولي ٿي. هن تاريخي سالگره جي موقعي تي، آمريڪا پاڪستان سان مضبوط، ڳڏيل احترام تي ٻڌل ترقي پسند ڀائيواري ۽ پائيدار لاڳاپن جو عزم ٻيهر ورجائي ٿو ھڪ اهڙو تعلق، جيڪو آمريڪي ترجيحن جي پاسداري ڪري، بانيڪارن جي نظريي ۽ ورثي کي سموئي ۽ ايندڙ 250 ورھين تائين سلامتي، خوشحالي ۽ اڳواڻي جو ذريعو بڻجي.
( ليکڪه آمريڪي ناظم الامور آمريڪي سفارتخانو اسلام آباد، پاڪستان)