عوامي خدمت بهانو، وزيراعظم هائوس نشانو؟

تحرير: رؤوف ڪلاسرا

هاڻي کان ئي چيو پيو وڃي ته مريم نواز ايندڙ وزيراعظم هوندي. شير افضل مروت جي چوڻ موجب فيلڊ مارشل جي CDF نوٽيفڪيشن وقت ئي اهو فيصلو ٿي ويو هو. مريم نواز به گذريل ٻن سالن کان صوبي ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿي. ننڍين ننڍين ڳالهين تي سندس ايڪشن سامهون اچي ٿو، هر ننڍي وڏي ٽوئيٽ جو هو پاڻ جواب ڏيندي نظر اچي ٿي، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته هوءَ گورننس جي معاملن تي ڪيتري سنجيده آهي ۽ صوبي جي عوام جي حالت بدلائڻ لاءِ ڪيتري بي چين آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن سڀاڻي ملڪ سندس حوالي ڪيو ويو ته هوءَ مايوس نه ڪندي.

مريم نواز جي اها سرگرمي ڏسي مون کي 2008 کان 2018 تائين پنجاب جي وزيراعليٰ شهباز شريف ياد اچي وڃي ٿو، جنهن جي لڳاتار نوٽيسن سبب ٽي وي اسڪرينن تي بريڪنگ هلنديون هيون. هر ڳالهه تي ايڪشن، جنهن تي ميڊيا ۽ عوام جهومي اٿندا هئا ته واھ، ڪهڙو نه وزيراعليٰ مليو آهي. هر ضلعي جا ڊپٽي ڪمشنر انتظار ۾ هوندا هئا ته ڪڏهن وزيراعليٰ نوٽيس وٺي ۽ ٽي وي تان خبر پوي ته فلاڻي آفيسر خلاف ڪارروائي ٿي آهي، فلاڻي کي هٽايو ويو آهي، فلاڻي کي معطل ڪيو ويو آهي يا فلاڻي کي قيد ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح بيوروڪريسي به کانئن ڊڄڻ لڳي هئي. پوءِ هو صحافين کي هيليڪاپٽر ۾ گڏ کڻي ويندا هئا، جتان بريڪنگ نيوز هلندي هئي ته ڏسو شهباز جو جلال. اهو تاثر قائم ٿي ويو هو ته سندس جهڙو ايڊمنسٽريٽر ڪو به ناهي. “شهباز اسپيڊ” جو لقب ملي ويو، جڏهن ته نواز شريف مقابلي ۾ ڍرا، يارن دوستن سان کائڻ پيئڻ، لطيفن يا پرڏيهي دورن ۾ مصروف نظر ايندا هئا اهڙيءَ طرح اهو سمجهيو ويو ته جيڪڏهن شهباز شريف اسلام آباد اچي وڃي ته گهڻو بهتر ٿيندو.

هاڻي ٻه سال ٿي ويا آهن، شهباز شريف وزيراعظم آهن، پر ان کان پوءِ ڄڻ چراغن ۾ روشني ئي نه رهي. ڇا توهان وري ڪڏهن ٻڌو آهي ته هنن اسلام آباد ۾ ڪنهن مسئلي تي نوٽيس ورتو هجي، ٽِڪر هلرايا هجن يا ڪٿي اهڙو احساس ڏياريو هجي ته هو هن يتيم ۽ لاوارث شهر جا به وزيراعظم آهن؟ سڄي هوشياري، سمجهداري، نوٽيسن تي نوٽيس، بريڪنگ، بيوروڪريسي کي ٽائيٽ رکڻ، شهباز اسپيڊ ــ اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم ٿيڻ تائين هو. هاڻي وزيراعظم بڻجي ويا آهن ته سڀ ڪجهه ختم؟ ڇا هاڻي سڀ ٺيڪ ٿي ويو آهي؟ هاڻي هو جهاز تان به نٿا لهندا. هاڻي مريم نواز به ساڳيو ئي رستو اختيار ڪندي نظر اچي ٿي، جيڪو سندس چاچي اختيار ڪيو هو، ته عوام کي لڳي ته هر ڳالهه تي ايڪشن ٿي رهيو آهي ۽ هوءَ به انتهائي انسان دوست ۽ فڪرمند آهي.

مريم نواز  جي نيت تي شڪ نٿا ڪريون، پر ڇا ڪجي، کير جو ساڙيل ڇاڻ به ڦوڪ ڏئي پيئندو آهي. ڪڏهن شهباز شريف کي پنهنجي گورننس ماڊل ۽ اميج جي وڏي پرواهه هوندي هئي، اڄ کيس ڪا پرواهه ناهي ته اسلام آباد ۾ ڪو مري يا جيئي، ڪو ٻيلن، وڻن ۽ سائي ڀاڄي کي برباد ڪري، يا اربين رپيا ناقص انڊرپاسن ۽ اوورفلائيز تي ضايع ٿين، هنن کي هاڻي ڪنهن نوٽيس، بريڪنگ يا ٽِڪر سان ڪو واسطو ناهي.

هاڻي ته رانا ثناءُالله به چوي ٿو ته محسن نقوي اڳيان اسين سڀ پاڻي ڀرون ٿا. مشاهد حسين جو چوڻ آهي ته گريڊ ويهه جو بيوروڪريٽ محمد علي رندهاوا ئي اڪيلو شهباز شريف تي ڀاري پئجي ويو آهي، ڇو ته وزيراعظم وٽ ته چيئرمين سي ڊي اي کان به سوال ڪرڻ يا هٽائڻ جي اجازت تائين ناهي. ته پوءِ سوال اهو آهي ته ڇا مريم صاحبه جي اها سڄي ايڪٽيٽي، ڊوڙ ڊڪ ۽ گورننس ماڊل به شهباز شريف وانگر رڳو وزيراعظم بڻجڻ تائين محدود آهي؟ پوءِ ڪنهن جي جيئڻ مرڻ سان ڪا غرض نه رهندي؟ يا واقعي هوءَ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، دل سان ڪري رهي آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.