1994ع ۾ سر سيد گرلز ڪاليج جي شاگردياڻي بشريٰ زيدي جي ويگن حادثي ۾ شهيد ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ جيڪو ماحول پيدا ڪيو ويو، اهو رڳو هڪ حادثي جو ردِعمل نه هو، پر ان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري شهر کي باهه ۽ خونريزيءَ ۾ اڇلايو ويو. ان واقعي جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم پاران ڪراچيءَ ۾ اهڙي ڪربلا مچائي ويئي، جو انساني ضمير به حيران رهجي ويو. ويگنون ساڙيون ويون، سهراب ڳوٺ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ دهشت ڦهلائي ويئي. بشريٰ زيدي جي گهر روز سياسي اڳواڻن جو اچڻ وڃڻ لڳو، تان جو آخر سندس والد هٿ ٻڌي چيو ته هاڻي اهو ناٽڪ بند ڪيو وڃي، ڇو ته سندس سموري پينشن انهيءَ سياسي ڏيکاءَ ۾ خرچ ٿي چڪي هئي.
اهي پناهگير، جيڪي ضياءَ الحق جي آشيرواد سان طاقت ۾ آيا، شهر ۾ اهڙو هراس پيدا ڪيو جو ملڪي معيشت تباهه ٿي ويئي. رت ۽ دهشت جو بازار گرم ڪيو ويو. پوءِ جڏهن ميان نواز شريف انهن کي بي قابو هاٿي بڻائي ڇڏيو ۽ سرڪاري ادارن ۾ پنهنجا ماڻهو ڀري ڇڏيا، تڏهن وري 1992ع ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو. 28 جون 1992ع تي ايم ڪيو ايم احتجاج طور استعيفائون ڏنيون، پر ڪجهه عرصي بعد اهي استعيفائون واپس وٺي سڀ مراعتون ۽ پگهارون ٻيهر حاصل ڪيون ويون.
2004ع ۾ هڪ مهاجر قوم پرست دانشور پنهنجي تنظيم وسيلي اردو اخبار ۾ ڪالم لکي پنهنجي دل جي ڀڙاس ڪڍي. هو پنهنجي ئي لڏي آيل ماڻهن کان سوال ڪرڻ لڳو ته ”اسان ڇو آياسون؟“ هن ڪراچيءَ ۾ ٻين قومن جي موجودگيءَ کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت لاءِ خطرو قرار ڏنو. سندس لفظن ۾ نفرت ۽ زهريت وڌندي ويئي. ڪڏهن تنظيم جو نالو بدلائي، ڪڏهن نيون تحريڪون شروع ڪري، هو عوام کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
وقت گذرڻ سان اهي ئي ماڻهو پنهنجي ڳالهين تان پوئتي هٽندا ويا. 22 اپريل 2020ع تي پاڻ اعتراف ڪيو ويو ته نيت خراب هجي ته منزل به پري ٿي وڃي ٿي. پوءِ 23 آڪٽوبر 2020ع تي فاروق ستار چيو ته مهاجرن جي نالي تي مال ٺاهڻ وارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، ڇو ته انهن ڪري ئي ايم ڪيو ايم عبرت بڻجي وئي 28 سيپٽمبر 2020ع تي مصطفيٰ ڪمال واضح لفظن ۾ چيو ته سنڌي ”انصارِ مدينه“ جهڙو درجو رکن ٿا، جن لڏي آيل ماڻهن کي سيني سان لڳايو. هن چيو ته مهاجر ڪارڊ کيڏڻ سان سنڌي ۽ مهاجر پاڻ ۾ وڙهندا، پر سنڌ صوبي جي ورهاست ڪڏهن به نه ٿيندي.
حديث شريف مطابق، انصار سان محبت ايمان جي نشاني آهي ۽ انهن سان نفرت منافقت جي علامت. قومي اسيمبليءَ ۾ خورشيد شاهه به اهو چيو ته سنڌ ۾ هاڻي ڪو مهاجر ناهي، سڀ هتان جا ئي آهن، سندن وڏڙا هتي دفن آهن. پر ان بيان تي به نفرت پکيڙي ويئي ۽ مهاجر لفظ کي سياسي هٿيار بڻايو ويو.
حقيقت اها آهي ته هجرت الله ۽ رسول ﷺ جي حڪم تي ٿيندي آهي، نه سياسي مفادن لاءِ. جيڪڏهن ڪو پاڻ کي اڄ به مهاجر سڏائي نفرت ڦهلائي ٿو، ته اهو اسلامي تعليمات جي ابتڙ آهي. سنڌ هميشه محبت، مهمان نوازي ۽ هم آهنگيءَ جي ڌرتي رهي آهي. مسئلو مهاجر يا سنڌي هجڻ جو ناهي، پر اقتدار، نفرت ۽ مفادن جي سياست جو آهي.
حديث شريف مطابق، انصار سان محبت ايمان جي نشاني آهي ۽ انهن سان نفرت منافقت جي علامت. قومي اسيمبليءَ ۾ خورشيد شاهه به اهو چيو ته سنڌ ۾ هاڻي ڪو مهاجر ناهي، سڀ هتان جا ئي آهن، سندن وڏڙا هتي دفن آهن. پر ان بيان تي به نفرت پکيڙي ويئي ۽ مهاجر لفظ کي سياسي هٿيار بڻايو ويو.