اسلام آباد/لاهور (نمائندا) مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري زندگي جو نظام خراب ٿي ويو آهي. نيلم ماٿري ۾ پنجن سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، جتي مٿانهين علائقن ۾ ڇهه فوٽ کان وڌيڪ برف پئي. مري ۽ گليات ۾ تيز برفباري سبب مال روڊ، جهڪا گلي ۽ نٿيا گلي سياحن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صرف انهن کي اجازت ڏني پئي وڃي جن کي اڳواٽ بڪنگ هئي. برفباري سببڪوئيٽا، قلات، مستونگ، چمن ۽ ٻين علائقن ۾ به ٿڌ جي شدت وڌي وئي آهي. ڪيترائي مواصلاتي رستا بند ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري کاڌي ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. باغ ۾ برفاني تودوخي سبب هڪ شهري فوت ۽ ڪيترائي گهر متاثر ٿيا آهن. گليات ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. اين ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان جي جبلن وارن علائقن ۾ ممڪن لينڊ سلائيڊنگ جو الرٽ جاري ڪيو آهي ۽ عوام کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.