پريا ڪماري ڪيس ۾ نئون موڙ: ڌاڙيل کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) سکر جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي بابت سينيٽ جي گهرو معاملن واري ڪميٽي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو کان تفصيلي پڇاڻو ڪيو. آءِ جي سنڌ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته پريا ڪماري جي ڌاڙيل راهب شر جي قيد ۾ هجڻ بابت اطلاع مليا آهن. آءِجي موجب ڄاڻ ملي آهي ته راهب شر ڪنهن خانا بدوش کان پيسن عيوض نينگري ورتي هئي، جڏهن ته انهن علائقن ۾ پيسا ڏئي نينگريون وٺي شادي جي رسم سان لاڳاپيل معاملا به هلندڙ آهن. آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته شروعاتي طور وارثن کي سنگرار جي سيدن تي شڪ هو، پر جاچ دوران اتان نينگري نه ملي. هن چيو ته پوليس هن معاملي تي خاموش ناهي ۽ ستن ضلعن جا سوين اهلڪار ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن ڪري رهيا آهن. سينيٽ ڪميٽي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ نوان آفيسر شامل ڪرڻ ۽ هڪ مهيني اندر اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.