ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته نه صوبائي ڪنٽرول ۽ نه ئي وفاقي ڪنٽرول، ڪراچي جي مسئلن جو حل رڳو هڪ بااختيار شهري حڪومت آهي. سوشل ميڊيا بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته قبضي جو نظام عوام جي ووٽن جي توهين ڪري نٿو هلائي سگهجي، ڪراچي جي طاقت رڳو ڪراچي جي شهرين وٽ هجڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ عوامسنڌ حڪومت کان ناخوش آهي، سڀاڻي اهي وفاق خلاف آواز اٿاريندا، بااختيار مقامي حڪومت جو نظام دنيا جي سڀني وڏن شهرن ۾ ڪامياب آهي. هن چيو ته ڪراچي جا شهري اڃا تائين 2001 کان 2005 تائين جي دور کي سونهري دور سڏين ٿا، نعمت الله خان جي قيادت ۾ شهري حڪومت ڪراچي کي درست رخ ڏنو.