ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا ۾ سرچ آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عمارت کي سيل ڪيو ويو. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن موجب، لاهور فارنزڪ ليبارٽي ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي ماهرن پاران عمارت جومعائنو ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز نفري مقرر ڪئي وئي. عملدارن موجب گل پلازا جو معائنو ڪرڻ ۾ هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو. ضلعي انتظاميا موجب، عمارت کي اڳ ئي ڪمزور قرار ڏنو ويو آهي، فارنزڪ ٽيم ماهرن سان گڏ باهه جي سببن تي ڪم ڪندي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ماهر عمارت کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪندا. ٻئي پاسي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعا سيد چيو ته واقعي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 74 ٿي ويو آهي، جن مان ڪجهه اهڙا لاش آهن جن جي سڃاڻپ اڃا ناهي ٿي سگهي. ٻئي پاسي گل پلازا ڀرپاسي جي علائقن ۾ رهندڙ 10 هزار کان وڌيڪ گهر گذريل 11 ڏينهن کان گيس جي سهولت کان محروم آهن، علائقي واسي بل کڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس پهچي ويا ۽ احتجاج ڪيو. رهواسين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري گيس ڪنيڪشن بحال ڪيا وڃن.