سڊني واقعو ۽ مسلمان اقليت لاءِ وڌندڙ مسئلا

تحرير: سيد مجاھد علي

پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سميت سڄي دنيا جي اڳواڻن سڊني جي مشهور بونڊي بيچ جي ويجهو ٿيل فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪئي آهي. اها فائرنگ يهودين جي سالياني مذهبي تهوار حنوڪا ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيل اجتماع تي ڪئي وئي، جنهن ۾ 12 ماڻهو مارجي ويا ۽ لڳ ڀڳ ٻه درجن زخمي ٿيا. پوليس هڪ حملي آور جي سڃاڻپ نويد اڪرم نالي شخص طور ڪئي آهي. آسٽريليا ۾ مسلمانن جي ٻن تنظيمن، نيشنل امام ڪائونسل ۽ ڪائونسل آف امامز نيو سائوٿ ويلز، هن دهشتگرد حملي جي بنا ڪنهن شرط جي فوري مذمت ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ انهن تنظيمن چيو آهي ته اهڙي تشدد ۽ جرم لاءِ سماج ۾ ڪا به جاءِ ناهي. مسلمان تنظيمن مارجي ويلن سان همدردي جو اظهار ڪندي پوري آسٽريليائي قوم ۽ خاص طور ملڪ ۾ رهندڙ مسلمانن وچ ۾ يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهو بيان بروقت ۽ مناسب آهي، پر صرف بيان ڏيڻ سان نه ته اهڙي المناڪ سانحي جو ازالو ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي اقليتي گروهن وچ ۾ پيدا ٿيل غلط فهمين جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. ان مقصد لاءِ مسلمانن جي هر قسم جي تنظيمن کي، نه رڳو آسٽريليا ۾ پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ مسلمانن کي گڏجي اهڙو لائحه عمل ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن تحت انتهاپسندي ۽ تشدد کي رد ڪيو وڃي ۽ مغربي ملڪن ۾ رهندڙ مسلمان نوجوانن کي امن ۽ باهمي احترام سان رهڻ جي تلقين ڪئي وڃي.

ٻه هفتا اڳ آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن ۾ هڪ افغان پناهگير گشت تي مقرر نيشنل گارڊز تي حملو ڪري هڪ ڇوڪري کي قتل ۽ هڪ نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. ان واقعي کان پوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ نه رڳو افغانستان پر 19 ٻين ملڪن مان به اميگريشن فوري طور روڪڻ، ۽ اڳ ۾ آمريڪا اچي ويل لکين مهاجرن ۽ پناهگيرن جي اجازت نامن جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ آمريڪي حڪومت انهن سختين ۾ وڌيڪ اضافي جا اعلان ڪندي رهي آهي. ان هڪ واقعي آمريڪا ۾ رهندڙ ۽ آمريڪا وڃڻ جا منتظر لکين افغانن جون مشڪلاتون وڌائي ڇڏيون آهن. اهي افغان پناهگير، جيڪي طالبان خلاف جنگ ۾ اتحادي فوجن سان ڪم ڪندا رهيا هئا ۽ هاڻي پاڪستان مان آمريڪا يا ٻين يورپي ملڪن وڃڻ جا منتظر هئا، واشنگٽن واري واقعي کان پوءِ سندن لاءِ آمريڪا جا دروازا بند ٿي ويا آهن. ٻيا يورپي ملڪ به نه رڳو افغان پناهگيرن کي قبول ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن، پر اڳ ۾ ئي آيل پناهگيرن کي به ملڪ بدر ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. ڪيترائي افغان پاڪستان ۾ انهيءَ اميد سان رهيل آهن ته کين جلد آمريڪا يا ڪنهن ٻئي ملڪ وڃڻ جو موقعو ملندو، پر اهو رستو بند ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان حڪومت به کين واپس افغانستان ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي.

صدر ٽرمپ يا دنيا جا ٻيا اڳواڻ ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪندا ته طالبان خلاف اتحادي فورسز جو ساٿ ڏيندڙ ماڻهو جڏهن وري طالبان جي هٿ اچي وڃن ٿا ته سندن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو، ڇو ته آمريڪا سميت ڪو به ملڪ اهڙن عنصرن کي پنهنجي سماج ۾ آڻڻ جو خطرو نٿو کڻي سگهي، جيڪي ٻين شهرين لاءِ جاني خطرو بڻجي سگهن. ان پس منظر ۾ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته بونڊي بيچ واري سانحي کان پوءِ آسٽريليائي حڪومت به مسلمان مهاجرن بابت وڌيڪ سخت رويو اختيار ڪندي. ان سان گڏ ملڪ ۾ اڳ ئي رهندڙ مسلمان آبادي بابت شڪ ۽ شبهي جو مجموعي رويو به وڌيڪ تيز ٿي ويندو. اهڙن حالتن ۾ تعصب ۽ امتيازي سلوڪ جنم وٺندو آهي. مسلمان مهاجرن لاءِ روزگار جا موقعا محدود ٿي ويندا آهن ۽ رهائش حاصل ڪرڻ به وڌيڪ ڏکيو ٿي پوندو آهي. ڪيترن ئي مغربي ملڪن ۾ ڏٺو ويو آهي ته مکيه سماج کان الڳ ٿيڻ سبب ڪجهه مخصوص اقليتون خاص علائقن ۾ گڏ ٿي وڃن ٿيون، جيڪي پوءِ سماجي پسماندگي ۽ معاشي زوال جي علامت بڻجي وڃن ٿيون.

انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي آسٽريليا جي ٻن مسلمان تنظيمن بونڊي ۾ ٿيل فائرنگ ۽ افسوسناڪ جاني نقصان تي جائز طور ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پر انتهاپسنديءَ جو مسئلو رڳو آسٽريليا تائين محدود ناهي، بلڪه اهو هر مغربي ملڪ ۾ رهندڙ مسلمان محسوس ڪندا. هن سانحي کان پوءِ آسٽريليا ۾ ته بحث ۽ ويچار ٿيندو ئي، پر يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ به اهو سوال زور وٺندو ته ڇا مسلمان اقليتون قابل اعتماد آهن ۽ ڇا اهي ڪڏهن انهن ملڪن کي دل ۽ جذبي سان قبول ڪري سگهنديون، جتي هو پنهنجي مرضي سان اچي آباد ٿيون. هي سوال گذريل ٽن ڏهاڪن کان مختلف صورتن ۾ اٿاريو ويندو رهيو آهي، پر نئين دور ۾ ان جي شدت وڌندي ۽ مسلمانن هٿان قانون ٽوڙڻ جو هر نئون واقعو هن سوال کي وڌيڪ تيز ڪندو.

مسلمان اقليتن جي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي ته هن مسئلي جا ٻه پهلو آهن. پهريون پهلو مجموعي سماجي صورتحال سان لاڳاپيل آهي ته جڏهن هڪ اقليت جو فرد ٻي اقليت جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي ٿو ته ان کي ڪهڙي تناظر ۾ ڏٺو وڃي. خاص طور جڏهن ڪو مسلمان يهودين کي نشانو بڻائي ٿو ته ڪيترائي سماجي محقق حيران ٿيندا ته ٻه اهڙيون اقليتون، جيڪي پاڻ سماجي ظلم ۽ تعصب کي منهن ڏئي رهيون آهن، هڪ ٻئي جي طاقت بڻجڻ بدران ڇو هڪ ٻئي تي حملو ڪن ٿيون. ان ۾ خاص طور مسلمانن جي تشدد تي ئي ڌيان ڏنو ويندو، ڇو ته ڪنهن به مغربي ملڪ ۾ ڪڏهن به ڪنهن يهودي گروهه مسلمانن کي نشانو نه بڻايو آهي. ان پس منظر ۾ سوال جو ٻيو پهلو خاص طور مسلمان اقليتن ۽ سندن اڳواڻن لاءِ غور طلب آهي ته ڇا مغرب ۾ رهڻ باوجود مسلمانن ۾ يهودين خلاف نفرت مسلسل شديد رهي آهي، ۽ آخر ان جا سبب ڇا آهن. گهڻن مسلمان ملڪن ۾، جن ۾ پاڪستان به شامل آهي، يهودين سميت ڪجهه مذهبي اقليتن خلاف منفي ماحول موجود آهي. اهي تعصبات نصاب جو حصو به آهن ۽ مذهبي اڳواڻ به اڪثر ان حوالي سان غلط فهميون پکيڙيندا رهن ٿا. جڏهن ته مغربي ملڪن ۾ عام طور نصاب ۾ افهام و تفهيم ۽ احترام جو درس ڏنو ويندو آهي. يورپي ملڪن ۾ اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته جڏهن مسلمانن کي ڪنهن مشڪل جو منهن ڏسڻو پوي ٿو ته گهڻو ڪري يهودي اقليتي نمائندا سندن سان يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. اهو يهودين جي فڪري پختگيءَ جو ثبوت آهي، ڇو ته اهي پاڻ هٽلر جي نازي جرمنيءَ ۾ هولوڪاسٽ جهڙي سانحي مان گذري چڪا آهن ۽ ڄاڻن ٿا ته سماج جي ڪمزور طبقن کي گڏجي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي.

سڊني جي سانحي کان پوءِ هي سوال وڌيڪ شدت سان اڀرندو ته ڇا مسلمان به هاڻي اهو سمجهڻ جي قابل ٿي ويا آهن ته پنهنجين ايندڙ نسلن جي خوشحال مستقبل لاءِ ٻين مذهبي اقليتن سان نفرت ڪرڻ بدران، انهن سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ ضروري آهي. بونڊي واري علائقي ۾ يهودين جي اجتماع تي انڌا ڌند فائرنگ ڪري درجن کن ماڻهن کي مارڻ کان پوءِ، مسلمانن ۾ انتهاپسنديءَ جي سوال تي خود مسلمان اقليتي گروهن کي پنهنجو ضمير جاچڻو پوندو، ته جيئن اهڙن سانحن کان بچي سگهجي ۽ مسلمانن بابت دهشتگرديءَ جي تاثر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي سگهي. ان حوالي سان مسلمان اقليتي اڳواڻن، خاص طور مذهبي اڳواڻن جي ڪردار ۽ رويي جو جائزو وٺڻ انتهائي ضروري آهي. بدقسمتي سان، مغربي ملڪن ۾ مڪمل مذهبي آزادي، مسجدون ۽ اسلامي مرڪز قائم ڪرڻ جا حق ملڻ باوجود، مسلمان اڳواڻ اڪثر انتهاپسنديءَ کان پاسو ۽ ٻين عقيدن بابت وسيع القلب ٿيڻ جي تلقين ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مذهبي اڳواڻ پاڻ ئي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت کي هٿي ڏيندا رهيا آهن. مغربي ملڪن ۾ رهندڙ مسلمانن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته نون سماجن ۾ اهڙا شدت پسند عنصر سندن دوست ناهن، بلڪه سندن سماجي ۽ سياسي حالتن کي خراب ڪن ٿا. ان سان گڏ، بين المذاهب هم آهنگيءَ جو درس عام ڪرڻ ۽ سڀني عقيدن جو احترام اصول طور اختيار ڪرڻ کان سواءِ مسلمانن جو اعتبار بحال نٿو ٿي سگهي.

مغرب ۾ رهندڙ مسلمان عالمي سياسي تناظر ۾ مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو جواب بندوق کڻي نٿا ڏئي سگهن. تازو غزه ۾ اسرائيلي خوني جنگ دوران اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪيئن غير مسلم طبقن صرف انساني همدرديءَ جي بنياد تي اسرائيلي جبر ۽ جارحيت جي مخالفت ڪئي ۽ غزه لاءِ آواز اٿاريو. انهن ملڪن ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي ڪردار سان نه رڳو پنهنجي لاءِ، پر مسلمان ملڪن لاءِ به خيرسگاليءَ جا جذبا پيدا ڪري سگهن ٿا. پر جيڪڏهن تشدد اختيار ڪيو ويندو يا ان جو جواز پيش ڪيو ويندو ته ان جو نقصان آخرڪار خود مسلمانن کي ئي ڀوڳڻو پوندو.

غزه جي مسئلي تي آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن يهودي گروهن به اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اٿاريو هو. مسلمانن کي به اسرائيلي ظلمن کي سمورن يهودين سان جوڙڻ بدران، اسرائيلي حڪومت ۽ يهودي عقيدي جي پيروي ڪندڙ ماڻهن ۾ فرق رکڻ گهرجي. اهو سبق نه سکيو ويو ته مسلمانن خلاف نفرت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.