وقت ايتري تيزي سان گذري ٿو جو خبر ئي نٿي پوي. اهو ئي دور هو جڏهن فيض حميد آءِ ايس آءِ جو سربراهه هو. هو چاهيندو هو ته آصف علي زرداري پاڪستان ڇڏي هليو وڃي، پر زرداري پنهنجي ضد سبب ملڪ کان ٻاهر وڃڻ بدران جيل وڃڻ کي ترجيح ڏني. مٿس دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سندس ڀيڻ فريال تالپور کي به گرفتار ڪيو ويو. جنرل فيض بلاول کي چيو ته پنهنجي پيءُ کي سمجهايو، اسان کيس علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏينداسين، پر بلاول فيض کي صاف انڪار ڪري ڇڏيو. انهن ئي ڏينهن ۾ آصف علي زرداري جو پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيو ۽ هو پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ هائوس آيو. بلاول ڀٽو زرداري انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين هو. سندس چيمبر ۾ زرداري صاحب سان ملاقات دوران هن چيو: ”منهنجو ته پروڊڪشن آرڊر جاري ٿي وڃي ٿو، پر تنهنجي دوست عمران خان جو پروڊڪشن آرڊر ته ڪڏهن به جاري نه ٿيندو.“ مون پڇيو: ”عمران خان جو پروڊڪشن آرڊر ڇو نه جاري ٿيندو؟“ زرداري صاحب دعويٰ ڪئي ته هو جنهن رستي تي هلي رهيو آهي، ان رستي تي هلندي هو ايندڙ پارليامينٽ جو ميمبر نه رهندو، بس جيل ۾ ئي رهندو. اهو ٻڌي مون چيو ته ڇو نه اوهان سان هڪ باضابطه انٽرويو ڪيو وڃي؟ زرداري صاحب چيو: ”مان ته تيار آهيان، پر تون سوچي وٺ، ڇا تون منهنجو انٽرويو پنهنجي ٽي وي چينل تي نشر به ڪري سگهندين يا نه؟ مون ڪجهه سوچييو، ڇو ته عمران خان جي دور ۾ هڪ ڀيرو مريم نواز جو انٽرويو روڪيو ويو هو، پر پوءِ سوچيم ته زرداري صاحب هڪ تجربيڪار ۽ محتاط سياستدان آهي، هو اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪندو جيڪا انٽرويو روڪجڻ جو سبب بڻجي. مون کيس يقين ڏياريو ته اوهان جو انٽرويو نه روڪيو ويندو. اڳئي ڏينهن مون زرداري صاحب جو انٽرويو ڪري ورتو. شام جو جڏهن اٺين وڳي انٽرويو نشر ٿيڻ شروع ٿيو ته ٿوري دير بعد اهو جيو نيوز جي اسڪرين تان غائب ٿي ويو. جيڪڏهن انٽرويو نشر ٿي وڃي ها ته شايد ايتري وڏي خبر نه بڻجي ها، پر انٽرويو جو روڪجڻ هڪ بين الاقوامي خبر بڻجي وئي. خبر پئي ته اهو انٽرويو فيض حميد روڪرائي ڇڏيو هو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ آصف علي زرداري آزاد ٿي ويو. فيض حميد هڪ طرف جنرل قمر جاويد باجوه کي ايڪسٽينيشن ڏيارڻ لاءِ سندن منتون ڪندو هو، ٻئي طرف سندن ڪاروباري دوستن کي تنگ به ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن زرداري صاحب، ٻن ماڻهن جي موجودگي ۾، فيض حميد کي چيو: ”الله کان ڊڄو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪنهن ڏينهن تنهنجي فائيل منهنجي هٿ اچي وڃي ۽ تنهنجي تقدير جو فيصلو منهنجن صحيحن سان جُڙي وڃي.“ فيض حميد وڏي غرور سان کلي چيو: ”اهو ڪڏهن به نه ٿيندو.“ اڄ آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر آهي ۽ فيض حميد هڪ سزا يافته ڏوهاري آهي، جنهن خلاف اڃا وڌيڪ مقدما به هلڻا آهن. سزا يافته ڏوهاري تي تنقيد ڪرڻ تمام آسان آهي، پر جڏهن اهو ڏوهاري فوجي وردي پاتل هجي ۽ مافيا ڊان وانگر سڄو نظام هلائي رهيو هجي، تڏهن ان تي تنقيد ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي. ان وقت جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ڀارت سان دوستي ۽ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي وڏي تڪڙ هئي. هو صحافين ۽ ٽي وي اينڪرن کي سڏي چوندو هو ته ڀارت سان دوستي ۽ اسرائيل سان لاڳاپن جي قيام ۾ اسان جي مدد ڪريو. منهنجو هميشه اهو موقف رهيو ته اهڙن معاملن تي فيصلو پارليامينٽ مان ٿيڻ گهرجي، ٽي وي اينڪر اهي فيصلا نٿا ڪري سگهن. جڏهن باجوه صاحب ناراض ٿيندو هو ته فيض جي اشاري تي ڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مون خلاف قتل ۽ اغوا جا ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هئي، ته ڪڏهن ڪو ٽي وي چينل مون تي توهين رسالت جو ڪوڙو الزام لڳائي ڇڏيندو هو.
هڪ ڏينهن فيض حميد، ڪرنل لياقت وسيلي ملاقات جو پيغام موڪليو، پر مون جواب ڏنو ته جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، آءِ ايس پي آر ذريعي چئو. ڪجهه عرصي بعد مون تي پابندي لڳائي وئي. پابندي لڳائي چيو ويو ته يا ته خاموشي سان گهر ويهي رهو، يا ڪنهن ٽي وي چينل جا صدر بڻجي وڃو. مون معذرت ڪئي ته وري هڪ ٻئي ٽي وي چينل جو مالڪ بڻجڻ جي آڇ ٿي. حيرت ٿي ته اهو چينل اصل ۾ فيض جو هو، پر مون واشنگٽن پوسٽ ۽ ڊي ڊبليو اردو ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪري ڏنا. انهن ڏينهن ۾ مولانا فضل الرحمان جنرل باجوه لاءِ ”نڪي دا ابا“ جو لفظ استعمال ڪيو، ته مون 25 آڪٽوبر 2021ع تي ڊي ڊبليو اردو ۾ ”نڪي دا اصلي ابا“ جي عنوان سان ڪالم لکيو ۽ ٻڌايو ته جنرل فيض حميد آرمي چيف بڻجڻ جي تيارين ۾ آهي. 31 آڪٽوبر 2021ع واري ڪالم ۾ مون کيس ”ڊبل شاهه“ جو لقب ڏنو، جنهن کان پوءِ مون کي سندس پيغام مليو ته مان آءِ ايس آءِ ۾ رهان يا نه، پر توکي ڪنهن به پاڪستاني چينل تي اچڻ نه ڏيندس.
11 جنوري 2022ع تي واشنگٽن پوسٽ ۾ لکيم ته نئون سال عمران خان لاءِ هڪ خوفناڪ خواب ثابت ٿيندو ۽ ان جو سبب جنرل فيض هوندو. 12 جنوري 2022ع تي ڊي ڊبليو اردو ۾ ”تبديلي سرڪار ۾ بغاوت“ جي عنوان سان اسان عمران خان جي حڪومت جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو. عمران خان جو هڪ وزير مون وٽ آيو ۽ پڇيو: ”تو تي ته پابندي آهي، پوءِ توکي اسان جي وڃڻ جون خبرون ڪير ڏئي رهيو آهي؟“ مون کيس چيو: ”مان صحافي آهيان، خبرون هميشه منهنجي سامهون گهمنديون رهن ٿيون، پر جن جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي، انهن کي نظر نٿيون اچن.“
ڪجهه مهينن اندر عمران خان جي حڪومت ختم ٿي وئي. پوءِ کيس اپوزيشن جي سياست ڪرڻ گهرجي ها، پر سندس سياست فيض حميد جي هٿان يرغمال بڻيل رهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح آرمي چيف بڻجڻ جي ڪوشش ۾ هو. هڪ طرف هو تحريڪ انصاف کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيو هو، ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) کي پنهنجي وفاداري جو يقين ڏياري رهيو هو.
28 نومبر 2022ع تي روزاني جنگ ۾ منهنجو ڪالم ”خان صاحب جو فيض“ جي عنوان سان شايع ٿيو، جنهن ۾ مون لکيو ته جنرل فيض حميد آرمي چيف بڻجي پاڪستان ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري چڪو هو. اهي سڀ ڪالم منهنجي 2023ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب ”سچ بولنا منع آهي“ ۾ شامل آهن. ڪتاب جي آخري سٽن ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي اڪثر مسئلن جو سبب فوج ۽ عدليه جي سياست ۾ مداخلت آهي. اڄ به اسان جون وڏيون سياسي پارٽيون انهن ٻن ادارن جي ڪلهن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. انهن ادارن جي سياست ۾ مداخلت بند ٿيڻ گهرجي.
جنرل فيض حميد کي ملندڙ سزا، فوج جي سياست ۾ مداخلت جي حوصلا شڪني جي شروعات آهي. ٽي سال اڳ جڏهن فيض حميد مون تي پابندي لڳرائي، تڏهن مان سوچ به نٿي سگهيس ته هو ايتري تيزي سان عبرت جو نشان بڻجي ويندو. سچ ته اهو آهي ته فيض حميد کي ملندڙ سزا مون کي خوفزده ڪري ڇڏيو آهي. اسان سڀني کي الله تعاليٰ کان دعا گهرڻ گهرجي ته هو اسان کي غرور کان هميشه پري رکي.
سوال اهو آهي ته سياستدانن ۽ صحافين سان جيڪو ڪجهه فيض حميد ڪندو رهيو، ڇا اهو سڀ اڄ بند ٿي چڪو آهي؟ ٽي سال اڳ ته صرف مون تي پابندي هئي، اڄ ڇهه ست اينڪر پابندي هيٺ آهن. جڏهن به مان ٽي وي اسڪرينن تان غائب ٿيندڙ انهن اينڪرن کي ڏسان ٿو ته مون کي فيض حميد ياد اچي وڃي ٿو. مان هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان: مهرباني ڪري مون کي فيض حميد کان جان ڇڏايو، مان کيس ياد نٿو ڪرڻ چاهيان. فيض رڳو هڪ انسان نه آهي، هو هڪ مائينڊ سيٽ آهي. جيڪڏهن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان مائينڊ سيٽ کي به شڪست ڏئي ڇڏي، ته اهو پاڪستان تي سندس وڏو احسان هوندو.