ڇهن ورهين کانپوءِ بالي ووڊ بنگالڻ بِپاشا باسوءَ جي اسڪرين تي واپسي، ويب سيريز ”بارا بنڪي“ جي شوٽنگ شروع ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا بپاشا باسو هدايتڪار هنسل مهتا جي ايندڙ ڪرائم ٿرلر سيريز”بارابنڪي“ ذريعي اٽڪل 6 سالن کانپوءِ اداڪاري جي دنيا ۾ واپسي ڪري رهي آهي، جڏهن ته اداڪارا ممبئي ۾ سيريز جي شوٽنگ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
”بارابنڪي“ رٽائرڊ آءِ پي ايس آفيسر آلوڪ لال جي ڪتاب”دي بارابنڪي نارڪوز: بسٽنگ انڊياز موسٽ نوٽوريس ڊرگ ڪارٽل“ تي آڌاريل آهي.
سيريز جي ڪهاڻي 1984ع ۾ اتر پرديش جي ضلعي بارابنڪي ۾ آفيم جي غيرقانوني واپار خلاف ڪيل هڪ حقيقي آپريشن جي پسمنظر ۾ اڳتي وڌندي.
سيريز ۾ سني ڪوشل ۽ فلم ”هوم بائونڊ“ جو اداڪار وشال جيٺوا پڻ اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا، جڏهن ته سندن ڪردارن جا تفصيل في الحال ڳجها رکيا ويا آهن.
رپورٽن موجب، بپاشا باسو سيريز ۾ هڪ بلڪل مختلف ۽ طاقتور ڪردار ادا ڪندي، جيڪو سندس گذريل ڪردارن کان مختلف هوندو. سندس ڪردار جا تفصيل به راز رکيا ويا آهن، پر چيو پيو وڃي ته اهو ڪهاڻي جي مُک ڪردار سان گهرو تعلق رکي ٿو.
رپورٽ موجب، هنسل مهتا جڏهن بپاشا باسوءَ کي سيريز جي آڇ ڪئي ته هن فوري طور تي قبول ڪري ورتي.
اداڪارا لاءِ هنسل مهتا سان ڪم ڪرڻ خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انهن هدايتڪارن مان آهن، جن سان گڏ ڪم ڪرڻ سندس خواهش رهي آهي.
سيريز ۾ آلوڪ لال جي منشيات فروش گروهن خلاف مهم ۽ ان ۾ مدد ڪندڙ وسيع نيٽ ورڪ کي پڻ ڏيکاريو ويندو، جنهن ۾ سندس قابل اعتماد ٽيم سان گڏ مخبر، اڳوڻا منشيات جا عادي ۽ ننڍي سطح تي منشيات وڪرو ڪندڙ ماڻهو به شامل هئا.

You might also like