سنڌ جو ورهاڱو قبول نه ڪنداسين، خالد، فاروق ۽ مصطفيٰ ”ٿري ايڊيٽس“ آهن: امداد پتافي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امداد پتافي سنڌ جي سياستدانن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اياز لطيف پليجو ۽ جي ڊي اي ڪٿي آهن؟ صوبن واري معاملي تي رڳو پيپلزپارٽي ميدان ۾ آهي.
هن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال کي ”ٿري ايڊيٽس“ قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڪنهن به ڪوشش کي قبول نه ڪيو ويندو.
امداد پتافي گهرو وزير محسن نقوي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”اسان ڏنڊي جي زور تي صوبا ٺهڻ نه ڏينداسين.“

You might also like