ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته محسن نقوي بيان ڏنو آهي ته صوبا يا يونٽ هر حال ۾ ٺهندا، کيس چوندس ته ايترو تڪبر الله کي پسند ناهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان هڪ ليٽر جاري ڪري واضح موقف اختيار ڪيو آهي، جيڪڏهن هاڻي محسن نقوي جي واتان سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٻڌي ته سندس استعيفيٰ اچڻ تائين گهرن ڏانهن واپس نه وينداسين.
هن چيو ته اسان به ڏسون ٿا ته محسن نقوي ۾ ڪيتري طاقت آهي، هو سنڌ جي عوام کي گهٽ سمجهي رهيو آهي.
وفاقي گهرو وزير کي مخاطب ڪندي هن چيو ته توهان جون خواهشون تمام گهڻيون آهن، وزيراعظم بڻجڻ چاهيو ٿا ته بڻجو، پر احتياط ڪريو، ڪڏهن ڪڏهن انسان جلدي ۾ ڪِري پوي ٿو ۽ نقصان کڻي ويهي ٿو.
عامر نواز وڙائچ وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته توهان صحيح سلامت وزيراعظم بڻجو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سياسي شهيد بڻجي وڃو ۽ توهان کي استعيفيٰ ڏيڻي پئجي وڃي.
محسن نقوي جي واتان هاڻي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه نڪتي ته استعيفيٰ اچڻ تائين روڊن تي هونداسين: عامر نواز وڙائچ
You might also like