تڙ تڪڙ ۾ نون صوبن بابت فيصلو ڪرڻ وفاق جي ايڪي خلاف هوندو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر نون صوبن جي جوڙجڪ واري معاملي تي 18هين آئيني ترميم جهڙي مشاورت جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
بئريسٽر گوهر چيو ته تڙ تڪڙ ۾ نون صوبن جي قيام جو فيصلو وفاق جي يڪجهتي خلاف هوندو، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ عوامي نمائندن ۽ عوام جي مرضي کانسواءِ ورهاست سان وڌيڪ پيچيدگيون پيدا ٿينديون.
هن چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ تڪراري قانونسازي نه ٿيڻ گهرجي، اهڙي اهم معاملي تي سمورن ڌرين سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ضروري آهي.
ٻئي پاسي مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي بحرانن جي ور چڙهيل آهي ۽ بحران وڌي رهيا آهن.
هن چيو ته صوبن جي ورهاست ۾ به پئسن جو معاملو آهي، جڏهن ته صوبن جو وفاق تي اعتماد متاثر ٿيو آهي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن سبب به اتفاق راءِ برقرار نه رهيو آهي.
علامه راجا ناصر عباس سوال اٿاريو ته ڇا وفاقي ڪابينا نوان صوبا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ ڇا پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين نوان صوبا ٺاهڻ بابت ڪو بل منظور ڪيو آهي؟ هن چيو ته ن ليگ جي پارٽي پاليسي به هن معاملي تي خاموش آهي.

You might also like