پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ميڊيا ڊيل، پي ايس ايل جا حق 26 اربن ۾ وڪرو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڪمرشل ڊيل مڪمل ٿي وئي، جنهن تحت پاڪستان سپر ليگ جا 4 سالن لاءِ ميڊيا رائٽس 26 ارب رپين ۾ ولي ٽيڪنالاجيز کي وڪرو ڪيا ويا آهن.
ميڊيا رائٽس لاءِ مقابلي ۾ ولي ٽيڪنالاجيز ريزرو پرائس سان 3 ارب رپيا وڌيڪ جي ٻولي لڳائي ڪاميابي حاصل ڪئي.
امڪاني طور ميچون سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪيون وينديون، جڏهن ته ٻه وڏا اسپورٽس چينل مقابلي کان ٻاهر ٿي ويا، انهن کي رهتن جي ادائيگي لاءِ وقت ڏنو ويو پر ناڪامي سبب انهن کي ڊس ڪواليفاءِ ڪيو ويو.
گذريل سال پي ايس ايل جون 34 ميچون کيڏيون ويون هيون پر هاڻ ٻن نين ٽيمن جي شموليت کانپوءِ ميچن جو انگ 44 تائين پهچي ويندو.
قانونن موجب پروڊڪشن خرچ ڪڍڻ کانپوءِ ساليانو 3 ارب رپين کان وڏي براڊ ڪاسٽ ڊيل ۾ واڌو رقم مان 5 لک ڊالر آئيڪون پرڏيهي رانديگرن جي معاهدن لاءِ رکيا ويندا، جڏهن ته باقي حصو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ 20 سيڪڙو فرنچائزز وچ ۾ ورهايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.