ايپل جي آئي فون 17 پرو هڪ غيرمعمولي تجربي دوران هڪ لک فوٽ کان وڌيڪ اوچائيءَ تان زمين تي ڪرڻ باوجود محفوظ رهندي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
رپورٽن موجب آئي فون 17 پرو کي موبائل ٺاهيندڙ ڪمپني رائنو شيلڊ جي تيار ڪيل نئين اير ايڪس فون ڪيس ۾ رکي، ڦوڪڻي ذريعي سويڊن جي شهر ڪيرونا مٿان هوا جي انتهائي بلند حصي، اسٽريٽوسفيئر تائين پهچايو ويو.
فون کي 100,418 فوٽ، يعني لڳ ڀڳ 30,607 ميٽر جي اوچائيءَ تان هيٺ ڪيرايو ويو، جيڪا عام مسافر جهازن جي اڏام واري اوچائيءَ کان ٽي ڀيرا به وڌيڪ آهي.
هن تجربي دوران فون لڳ ڀڳ 25 منٽن تائين هوا ۾ سفر ڪندو رهيو، جڏهن ته گرمي پد گهٽجي منفي 60 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. حيرت انگيز ڳالهه اها هئي ته فون لاءِ نه پيراشوٽ استعمال ڪيو ويو، نه گرم رکڻ جو ڪو نظام لڳايو ويو ۽ نه ئي لهڻ وقت حفاظت لاءِ ڪو خاص گدو يا ڪشن موجود هو.
فون آخرڪار هڪ ڏکيائي واري علائقي ۾ موجود ڄميل ڍنڍ ۾ وڃي ڪريو، جتان لڳ ڀڳ پنجن ڪلاڪن کان پوءِ ڳولا ۽ بچاءَ واري ٽيم فون کي ڳولي لڌو.
رائنو شيلڊ جي ترجمان موجب، فون ملڻ کان پوءِ مڪمل طور صحيح حالت ۾ هئي. ان جي اسڪرين ۽ جسم تي ڪي به ڌڪ يا رهڙ نه هئي، جڏهن ته فون آن هئي ۽ ان مان ڪال پڻ ڪري سگهجي پئي.