ارجنٽينا جي عظيم فٽبالر ليونل ميسيءَ جي ميدان کان موڪلاڻي

بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا جي ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي انٽرنيشنل فٽبال تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم انسٽاگرام تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ميسي انٽرنيشنل فٽبال ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
جڳ مشهور فٽبالر انسٽاگرام تي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي لکيو ته ”هي هڪ ڏکوئيندڙ فيصلو آهي، پر هو سمجهي ٿو ته هي فيصلو ڪرڻ لاءِ بلڪل صحيح وقت آهي.“
واضح رهي ته هلندڙ سال فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ميسيءَ جي قيادت ۾ ارجنٽائن ٽيم مسلسل ٻيو ڀيرو فائنل تائين پڳي هئي، پر فائنل ۾ اسپين هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ميسي ارجنٽينا طرفان مجموعي طور 207 ميچون کيڏيون ۽ 125 گول اسڪور ڪيا.
هو ارجنٽينا طرفان سڀ کان وڌيڪ ميچون کيڏندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر به هو، ارجنٽينا ميسي جي قيادت ۾ 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ به کٽيو هو.

 

You might also like