ايران هاڻي ختم آ، اتي ڪجهه ناهي بچيو، قيادت ٻڏتر جو شڪار آهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا اردن ۾ موجود پنهنجي فوجي اڏن تي ايراني حملن جو سخت جواب ڏيندو.
پرڏيهي ميڊيا تي ڏنل هڪ انٽرويو ءَ ۾ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايراني ڪارروائي جي جواب ۾ سخت قدم کڻندو.
سندس اهو بيان پاسدارانِ انقلاب جي ان دعويٰ کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ ايران اردن ۾ موجود ٻن آمريڪي هوائي اڏن، شاهه حسين ۽ الازرق، کي نشانو بڻايو ۽ اتي موجود ”ٽيڪنيڪل ۽ سار سنڀال جي بنيادي ڍانچي ۽ دشمن جي جنگي جهازن کي وڏو نقصان“ پهچايو.
ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي فوج گذريل رات هڪ ميزائل کي ائير ڊفينس سسٽم مان گذرڻ ڏنو، ڇاڪاڻ ته اهو ڪنهن هدف کي نشانو بڻائڻ لاءِ نه هو، جڏهن ته ٻين ايراني ميزائلن کي ڪيرايو ويو.
هوڏانهن اردن به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ان جي فضائي دفاعي فوجن 8 ايراني ميزائلن کي ناڪارا بڻايو آهي.
جڏهن ته آمريڪي صدر ڇڪتاڻ باوجود سفارتي حل جي اميد پڻ ظاهر ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ”هو واقعي اسان سان ملڻ چاهين ٿا، پر مون کي خبر ناهي ته ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ انهن تي اعتماد ڪري سگهجي ٿو يا نه.“
ٽروٿ سوشل تي ڪيل پوسٽ ۾ ٽرمپ لکيو ته ”ايران باضابطا طور هڪ ناڪام رياست بڻجي چڪو آهي، اهو ختم ٿي چڪو آهي! ان وٽ نه سامونڊي فوج آهي، نه هوائي فوج ۽ نه ئي ڪا اثرائتي ڪرنسي، هو پنهنجن فوجين ۽ پوليس اهلڪارن کي پگهارون نٿا ڏئي سگهي. مهانگائي 300 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي ۽ قيادت ٻڏتر جو شڪار آهي.“

You might also like