اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موجوده حساس قومي صورتحال کي ڏسندي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سڀني شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سوشل ميڊيا ۽ ٻين ڊجيٽل پليٽ فارمز جي استعمال ۾ احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪن.
پي ٽي اي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به غير تصديقي، چڙ ڏياريندڙ يا گهمراهه ڪندڙ ڄاڻ، مواد کي شيئر، فارورڊ ڪرڻ يا اپ لوڊ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڇو ته سڌي ريت يا واسطي سان قومي مفاد، عوامي نظم ضبط ۽ رياستي ادارن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
سڀني شهرين کي تاڪيد ڪئي وئي آهي ته اهي رڳو تصديقي ۽ سرڪاري ذريعن تي ٻڌل ڄاڻ، مواد شيئر يا اپ لوڊ ڪن ۽ افواهن يا جعلي خبرن کي هٿي کان پاسو ڪن.
پي ٽي اي واضح ڪيو آهي ته جعلي خبرون، افواهه يا غلط ڄاڻ پکيڙڻ يا شيئر ڪرڻ تي لاڳاپيل قانونن تحت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي.
پي ٽي اي عوام کي درخواست ڪئي آهي ته اهي احتياط، سنجيدگي ۽ قومي ذميواري جو مظاهرو ڪن ته جيئن عوامي اعتماد برقرار رکڻ ۾ مدد ملي سگهي.
You might also like