اسرائيلي حملن ۾ ايراني بچاءَ وارو وزير ۽ پاسداران انقلاب جو سربراهه شهيد ٿي ويا: خابرو ايجنسي جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران تي اسرائيل جي حملي ۾ ايراني بچاءَ واري وزير ۽ ايراني پاسداران انقلاب جي سربراهه جي شهادت جي دعويٰ سامهون آئي آهي.
برطانوي خابرو ايجنسي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ ايران جو بچاءَ وارو وزير امير نصيرزاده ۽ ايراني پاسداران انقلاب جو سربراهه محمد پاڪپور شهيد ٿي ويا آهن.
برطانوي خابرو ايجنسي موجب اها ڳالهه اسرائيلي فوجي ڪارروائين کان باخبر ٻن ذريعن ۽ هڪ علائقائي ذريعي ٻڌائي آهي.
پر ان حوالي سان باضابطا تصديق اڃا تائين سامهون ناهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.