پ پ حڪومت جون سنڌ ۾ کليل ڪچھريون ۽ عوامي ردعمل

تحرير: مجاهد چنا

 سنڌ جي حڪمران جماعت پ پ قيادت کي نيٺ اھو خيال آيو ته کليل ڪچھرين ذريعي عوام جا مسئلا ٻڌا وڃن. ان ڏس ۾ قيادت جي حڪم تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ کليل ڪچھرين (ڪٿي وري بند ھالن ۾) جو بندو بست ڪيو ويو. جتي صوبائي وزيرن صلاحڪارن توڙي ضلعي انتظاميه شريڪ ٿي. انھن کليل ڪچھرين ۾ عوام درپيش مسئلن جا دفتر کولي ڇڏيا. جيتوڻيڪ کليل ڪچھرين وارو عمل پوءِ اھو کڻي رسمي ئي ڇو  نه ھجي ان کي سٺو سنوڻ چئي سگھجي ٿو پر ان ڪوٺايل کليل ڪچھرين ۾ عوام جي دانھن ٻُڌڻ ۽ دردن جو درمان ڪرڻ بدران ڪٿي وات بندي ته وري ڪٿي عوام کي تذليل جو نشانو بڻايو ويو. اھڙي طرح ھڪ سٺي عمل کي به حڪومتي وزيرن ۽ صلاحڪارن تڪراري بڻائي ڇڏيو جنھن ۾ حڪومت جي نيڪ نامي بدران بدنامي ٿي رھي آھي.

سجاول ۾ سوال ڪندڙ ھڪ بزرگ شخص تي انتظاميا جي موجودگي ۾ جيالن تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو، جڏھن ته ضلعي گھوٽڪي ۾ کليل ڪچهري دوران ھڪ صوبائي صلاحڪار سائل کي مخاطب ٿيندي چيو ته تو جھڙو به اٺن قومن جي سردار کان اھڙا سوال ٿو ڪري  تنھن تي نوجوان تي حملي جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي. اھي ٻئي واقعا ميڊيا ۾ وڏو ھاءِ لائيٽ ٿيا ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ پ پ جي سنڌ حڪومت ۽ ڪچھرين جي مورن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.لڳي ٿو ته پيپلزپارٽي جي قيادت انھن کليل ڪچھرين ذريعي حڪومتي ڪارڪردگي توڙي عوامي ردعمل ڏسڻ چاھي پئي .

 پھرين ڳالهه ته جيڪڏهن ڪارڪردگي  سٺي ھجي ھا عوام جا مسئلا حل ٿين ھا ته کليل ڪچھرين جي ضرورت ئي  نه پوي ھا.  نه ئي ان تي قومي دولت خرچ ٿئي ھا. حقيقت ۾ کليل ڪچھريون انتظامي نااھلي ۽ ان مدي خارج نظام تي عدم اعتماد جو اظھار آھي اھو ئي سبب آهي جو جيڪب آباد ۾ کليل ڪچھري دوران پريس ڪلب جي صدر بابو حيدر مگسي دانهيندي چيو ته پيچوھا ڦاٽڪ وٽ وڏي عرصي کا پل ڊٺل آهي اڌ شھر جي آمد رفت آھي عوام آزار ۾ آھي ڪيترائي حادثا ٿي چڪا آهن.ڊي سي صاحب کي توجهه ڏياري وري ھن روڊس کاتي وارن کي چيو پر معاملو اڃان حل ناھي ٿيو. ھاڻي توھان پاڻ  اندازو لڳايو! ضلعي ۾ سڀ کان وڏو عھدو ۽ پاور فل ڊي سي ھوندو آھي . وري دانھيندڙ پريس ڪلب جو صدر ھجي پوءِ به اھو حال ھجو ته عام غريب ماڻھوءَ جي ڪير ٿو ٻڌي. سنڌ حڪومت کي کليل ڪچھرين ۾ عوام جو موڊ ڏسي وٺڻ گھرجي ۽ پنھنجو قبل درست ڪرڻ گھرجي. ڪنھن زماني پ پ عوامي پارٽي چورائندي ھئي جٿي نظرياتي ڪارڪن کي وڏي اهميت ڏني ويندي ھئي اھو سبب آھي جو ھوٽل جي بيري يا عام ورڪر کي به ٽڪيٽ ملندي ھئي ته ڪامياب ٿيندو ھو پر ھن وقت اھا پارٽي عوام بدران وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي گھيري ۾ آھي. بدقسمتيءَ سان جيڪو صوبائي صلاحڪار چوي ٿو ته ھو اٺن قومن جو سردار آھي اڄ سڀ کان وڌيڪ ان جي ضلعي ۾ ئي بدامني قبيلائي جهيڙا ۽ ڌاڙيل راڄ قائم آھي.  شڪارپور جيڪو ڪنھن دور ۾ علم و ادب توڙي ڪاروباري مرڪز طور مشھور ھو پر اڄ بدامني  توڙي بيشمار مسئلن جو مرڪز بڻجي ويو آھي. ڀر پاسي جا ڪامورا ھتان مٺو پاڻي گھرائي واپرائيندا ھئا پر اڄ ھتي به جر جو پاڻي خراب ٿي ويو آھي ڪا اسپتال ڪونھي. تازو پوليس ڌاڙيلن جي مقابلي.. ؟ ۾ زخمي پوليس وارن کي فرسٽ ايڊ لاءِ سکر خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو. اسان سمجھون ٿا ته سنڌ حڪومت طرفان ڪوٺايل کليل ڪچهرين ۾ عوام جا مسئلا ٻڌڻ بدران سندن تذليل وارو عمل سخت مذمت جوڳو آهي.

 اھا ھڪ حقيقت آھي ته پ پ وڏي عرصي کان خاص طور گذريل17 سالن کان لاڳيتو سنڌ ۾ اقتدارجا مزا ماڻي رهي آهي، پر عوام اڄ به صاف پاڻي، صحت،تعليم ۽ روزگار جهڙين بنيادي سهولتن کان به محروم آهي. سترھن سالن ۾ ڪو اھڙو منصوبو يا پروجيڪٽ قابل ذڪر ڪونھي. گھوٽڪي ڪندڪوٽ کي ملائيندڙ پل ڪئي سال گذري وڃڻ باوجود ناھي ٺھي. سنڌ جو واحد سياحتي مرڪز گورک ھل تباھي جو شڪار آھي. شاھراھ ڀٽو جي پبلسٽي لاءِ وڏي رقم خرچ ڪئي وئي پر ٿورڙي برسات ۾ ڪرپشن ظاھد ٿي ويو. سولر پروجيڪٽ جي ڪھاڻي الڳ آھي. ھڪ سٺي ڳالهه ھي ضرورٿي آھي جو صدين کان ڀوتارڪي ۽ جاگيرداري ۾ جڪڙيل سنڌ جو عوام ھاڻي شعور جو مظاھرو ڪندي ھن مدي خارج نظام ۽ ڀوتارن جي غلامي مان نڪرڻ چاھي ٿو. شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کان وٺي نوجوان وڪيل جون صوبائي صلاحڪار وڏيري کي ست سريون ٻڌائڻ ان جو واضح مثال آهي. سنڌ سونهاري تيل، گئس، بجلي، ڪارونجهر، ڪوئلي توڙي زراعت جي دولت سان مالا مال هجڻ باوجود نااھل قيادت جي ڪري ھتان جو عوام بُک، بدحالي جو شڪار ۽ بنيادي انساني حقن کان به محروم بڻيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو عوام حڪومتي کليل ڪچهرين ۾ وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن. پ پ قيادت کي ان مان عوام جو موڊ ڏسي ڇڏڻ گهرجي. انڪري وزيرن توڙي صلاحڪارن کي عوام جا مسئلا ٿڌي دل سان ٻڌي  نه صرف تدارڪ ڪرڻ گھرجي پر حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت توڙي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ واريون پنهنجون بنيادي ذميواريون پوريون ڪري.

عوام بُک، بدحالي جو شڪار ۽ بنيادي انساني حقن کان به محروم بڻيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو عوام حڪومتي کليل ڪچهرين ۾ وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن. پ پ قيادت کي ان مان عوام جو موڊ ڏسي ڇڏڻ گهرجي. انڪري وزيرن توڙي صلاحڪارن کي عوام جا مسئلا ٿڌي دل سان ٻڌي  نه صرف تدارڪ ڪرڻ گھرجي پر حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت توڙي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ واريون پنهنجون بنيادي ذميواريون پوريون ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.