آمريڪا ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام، 4 شڪي گرفتار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آءِ) لاس ايجنلس ۽ اورنج ڪائونٽي ۾ اميگريشن ايجنٽس ۽ گاڏين سميت ڪيترن ئي هدفن کي بم سان نشانو بڻائڻ جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ايف بي آءِ جو چوڻ آهي ته 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن لاس اينجلس ۾ نئين سال جي موقعي تي رٿيل تقريبن ۾ دهشتگردي جو منصوبو جوڙيو هو.
اختيارين موجب شڪي ماڻهن جو لاس اينجلس ۾ نئين سال جي موقعي تي ٻن آمريڪي ڪمپنين کي نشانو بڻائڻ سميت 5 مختلف هنڌن تي ڌماڪيدار مواد لڳائڻ جو ارادو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.