نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير مسلمان ڊاڪٽرياڻي جو سرعام حجاب لاهي ڇڏيو.
وزيراعليٰ هائوس ۾ ڊاڪٽرن کي اپائنٽمينٽ ليٽر ڏيڻ جي تقريب دوران شرمناڪ واقعو پيش آيو، جتي وڏي وزير نتيش ڪمار ڊاڪٽر نصرت پروين کي چيو ته حجاب لاهيو، پوءِ هن پاڻ زبردستي سندس حجاب لاهي ڇڏيو.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ اپوزيشن جماعتن طرفان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
اپوزيشن جماعت ڪانگريس وڏي وزير کان فوري طور استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪانگريس جو چوڻ آهي ته اعليٰ عهدي تي مقرر شخص جو اهڙو رويو شرمناڪ ۽ قبولڻ جوڳو ناهي، نتيش ڪمار عورتن جو وقار پامال ڪيو ۽ ذاتي ۽ مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
بهار جي وڏي وزير جي رويي تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ڀارت ۾ وڏي وزير جي انتهائي ڪِريل حرڪت، مسلمان ڊاڪٽرياڻي جو حجاب زبردستي لاهي ڇڏيائين
You might also like