موسمياتي تبديلي اڄ جي وڏي آزمائش آهي

تحرير: رفيق پٽيل

ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن مهانگائي، بيروزگاري، غربت، ڏوهن ۽ انساني حقن جي لتاڙ ۾ واڌارو ٿي رهيو هجي ته ان جي سڀ کان اهم سبب ناقص حڪمراني هوندي آهي. پاڪستان جي ماهر معاشيات حفيظ پاشا به پاڪستان جي اهڙين ئي مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. موجوده وقت ۾ ڪو به هوشيار ماڻهو حڪومت جي ترقي ۽ استحڪام جي دعوائن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ٻوڏ انهن مسئلن جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي.

حڪومت جي ويجهو سمجهيو ويندڙ تجزيه نگار نجم سيٺي جو به اهو چوڻ آهي ته "موجوده حڪمرانن خلاف عوام ۾ غصي ۽ نفرت جي لهر وڌندي پئي وڃي.”ڪنهن به ملڪ ۾ قدرتي آفت هجي يا بيروني جارحيت، ان صورتحال جو مقابلو حڪومت ۽ عوام گڏجي ڪندا آهن. جيڪڏهن حڪومت کي عوام جو اعتماد حاصل نه هجي ته متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي آهي. پاڪستان ۾ موجوده ٻوڏ جي تباهيءَ دوران عوام کي متحرڪ ڪندڙ تنظيمن جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهڻ جا الزام سامهون آيا آهن. ايتري حد تائين جو امدادي ڪمن ۾ به مبينه بدعنوانيءَ جو تذڪرو ڪيو وڃي ٿو.

جيڪڏهن معاشرو اخلاقي طور تي زوال پذير هجي ته بدعنواني هيٺين سطح تائين پهچي ويندي آهي. مختلف فلاحي ۽ سياسي تنظيمن الزام لڳايو آهي ته پنجاب ۾ انتظاميا زور ڀري رهي آهي ته هر امدادي سامان جي ٿيلهين تي پنجاب جي وڏي وزير جي تصوير لڳائي وڃي. ان ڪري ڪيترن ئي هنڌن تي ادارا ۽ فرد امدادي ڪم ۾ حصو وٺڻ بنا واپس هليا ويا. اهڙين خبرن سبب رضاڪارن جو حوصلو ٽٽي ٿو پوي، عوام ۾ به بددلي پيدا ٿئي ٿي ۽ متاثر ماڻهن جي محرومين ۽ تڪليفن ۾ واڌارو ٿيندو آهي.ٻوڏ ۾ سوين قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون آهن. ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، فصلون ۽ ڪاروبار ختم ٿي ويا، مال مويشي لڙهي ويا. ٻي تباهي اها سياست آهي جنهن ۾ سياسي ۽ فلاحي تنظيمن کي امداد کان روڪيو پيو وڃي. هڪ اهڙي حڪومت جنهن کي عوام جو اعتماد حاصل هجي، اها آسانيءَ سان عوام کي متحرڪ ڪري قدرتي آفتن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، پر جيڪا حڪومت عوامي اعتماد کان محروم هجي اها عوام کي ساٿ ڏيڻ لاءِ متحرڪ نٿي ڪري سگهي. ۽ جيڪڏهن اهڙي حڪومت رڳو نمائشي قدمن تي ڌيان ڏئي ۽ فلاحي ڪمن ۾ رڪاوٽ بڻجي وڃي ته هڪ پاسي ٻوڏ جي تباهيءَ جو نقصان ٿيندو ۽ ٻئي پاسي اهڙي منفي سياست وڌيڪ نقصان ڏيندي.

موجوده دور ۾ پاڪستان جي مسئلن جي حل ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ بدانتظامي ۽ ناقص حڪمراني آهي. ملڪ جي مقتدر اشرافيا پنهنجي خراب ڪارڪردگي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي موجوده نظام جون خاميون ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. سندن سموري ڌيان دولت ۽ عهدي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ تي آهي. هن مقصد لاءِ اهي قانون ۽ ضابطا به مٽائي ڇڏين ٿا. نتيجي ۾ ملڪ ۾ افراتفري وڌي ٿي، ادارا ڪمزور ٿين ٿا ۽ بي يقيني وڌي ٿي.

ڪيترائي ملڪ ويهه سال اڳ کان موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي چيلنجن کي سنجيدگي سان منهن ڏيڻ شروع ڪري چڪا هئا. موسمياتي تبديلي اڄ جي سڀ کان وڏي آزمائش آهي جنهن لاءِ مضبوط، منظم ۽ اثرائتا ادارا گهربل آهن. ڪنهن به ملڪ جو ادارو، تنظيم يا ڪاروبار بغير قانون ۽ ضابطن جي هلڻ ناممڪن آهي. جيڪڏهن مثال طور پوليس جي ڀرتيءَ ۾ اصول ٽوڙيا وڃن، بيمار ۽ معذور ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي، نااهل ماڻهن کي سفارش تي آفيسر بڻايو وڃي ته اهڙي اداري جو تباهه ٿيڻ يقيني آهي. جنهن اداري ۾ نظم ضبط ۽ قانون جي پاسداري هوندي، اهو ادارو اوترو ئي اثرائتو هوندو.معاشري ۽ ملڪ ۾ نظم قائم رکڻ جي بنياد آئين ۽ قانون آهن. اهي ئي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وٺي وڃن ٿا. آمريڪا، برطانيا، ڪئناڊا، فرانس، جرمني ۽ ٻيا جهموري ملڪ آزادي اظهار، انساني حقن ۽ قانون جي بالادستي سان ئي ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪري چڪا آهن. انهن ملڪن ۾ لکين ماڻهو به گڏجي احتجاج ڪن ٿا ته به جهموري حڪومت هلندي رهي ٿي، ڇو ته حڪومت تڏهن تائين قائم رهي ٿي جيستائين عوام جو مينڊيٽ ان سان گڏ هجي. جيڪڏهن اهڙن ملڪن ۾ ڌانڌلي سان غير نمائنده حڪومت قائم ٿئي، آزادي اظهار تي پابندي لڳي ۽ انساني حق ختم ڪيا وڃن ته اهي ترقي يافته ملڪ به زوال جو شڪار ٿي ويندا. معيشيت منجمد ٿي پوندي ۽ سماج تباهه ٿي ويندو.

پاڪستان جا تقريبن سڀ تجزيه نگار مڃن ٿا ته موجوده سياسي ڍانچو ووٽن جي چوريءَ سان بيٺو آهي. آمريڪي جريدي هڪ رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ ڪامنويلٿ مبصرن جي اها رپورٽ شامل آهي جيڪي پاڪستان جي چونڊن جو جائزو وٺڻ آيا هئا. ان رپورٽ ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌليءَ جا تفصيل بيان ڪيا ويا آهن جنهن حڪومت جي ساک کي وڌيڪ ڌڪ رسايو آهي. حڪومت حقيقي مسئلن کان منهن موڙي عمران خان ۽ سندس جماعت کي مسئلو بڻائي ويٺي آهي، جڏهن ته اصلي مسئلا مهانگائي، بدعنواني، بيروزگاري، غربت، ڏوهه ۽ ناانصافي آهن.ترقي ڪندڙ ملڪ، ڀلي جهموري هجن يا ڪنهن ٻئي نظام تحت، بغير اخلاقيات ۽ عوامي ساٿ جي ترقي نٿا ڪري سگهن. جاپان تي 1945ع ۾ ٿيل ايٽمي حملي کانپوءِ به عوام جي مدد، ادارن جي شفافيت ۽ اخلاقي قدرن جي ذريعي ملڪ معجزاتي ترقي ڪئي. چين جي ترقيءَ جو به بنياد عوامي تحريڪ هئي جنهن نچلي سطح تائين هڪ جماعت کي منظم ڪيو، بدعنواني ۽ غربت جو خاتمو ڪيو، صنعت ۽ زراعت کي وڌايو ۽ دفاع کي مضبوط ڪيو. آمريڪا ۾ به سياسي نظام جي استحڪام، آزادي ۽ عوامي شموليت ئي ترقيءَ جو راز بڻيا.پاڪستان ۾ به اهڙي سياسي ڍانچي جي ضرورت آهي جيڪو انصاف تي ٻڌل هجي، بدعنواني کان پاڪ هجي ۽ جنهن کي عوامي حمايت حاصل هجي. رڳو اهڙي سياسي استحڪام ذريعي ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. حڪمران جماعتون عوامي اعتماد وڃائڻ سبب سياسي استحڪام قائم ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺيون آهن. جيڪڏهن غيرجانبدار ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين ته عوام جي خواهشن ۽ جذبن جي سچي عڪاسي ممڪن ٿيندي، ٻي صورت ۾ اسان وڌيڪ اخلاقي زوال ۽ عدم استحڪام جي دلدل ۾ ڦاسندا رهنداسين. لڳي ٿو ته اسان هاڻي سچ کي منهن ڏيڻ جي قابل به نه رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.