پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدو: هڪ جائزو

تحرير: ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي

لينن چيو آهي ته “ ڪي صدين اھڙيون ٿينديون آھن جن جي اندر شيون تبديل نه ٿينديون آهن پر ڪي هفتا بھ اهڙا ايندا آهن جن ۾ دنيا تبديل ٿي ويندي آهي”.هن سال سيپمٽر جي پهرين تاريخ SCO شنگھائي تعاون تنظيم جو ٻن ڏينهن جو اجلاس چين جي شهر تيانجن ۾ ختم ٿئي ٿو، ان ۾ گوبل سائوٿ جي 20 هن ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿين ٿا، چيني صدر ان ڪانفرنس ۾ ڊولپمنٽ انيشيٽو جو پروگرام متعارف ڪرائي ٿو، هيڏي وڏي ڪانفرنس ڏسي يورپ ۽ آمريڪا پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪن ٿا. وري 3 سيپٽمبر تي چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ عظيم الشان فوجي پريد ٿئي ٿي، جيڪا 80 سال اڳ جاپان کي چين طرفان ڏنل شڪست جي ياد ۾ هر سال وانگر ملهائي ويندي آهي، هن پريڊ ۾ روس جي صدر پيوٽن، اترڪوريا جي صدر ڪم جونگ ين کان سواءِ گوبل سائوٿ جا ٻيا سربراهه به شريڪ هئا. ان ۾ چين جديد ٽيڪنالاجي سان تيار ڪيل فوجي ساز سامان جي پريڊ ۾ نمائش ڪئي. ان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، چين اهو ثابت ڪيو ته سندس فوج آمريڪا سان ٽڪر کائڻ لاءِ تيار آهي، ان ٽائيم تي هڪ دفعو وري يورپ ۽ آمريڪا پنهنجو پاڻ کي بيوس محسوس ڪري رهيا هئا.

09 سيپٽمبر تي اسرائيل اوچتو قطر جي گادي واري شهر دوها تي حملو ڪري ڏنو. اسرائيل جي 12 جھازن 2 هزار ڪلو ميٽر جو مفاصلو طئي ڪري قطر تي حملو ڪيو جڏهن ته قطر جي دفاع جي ذميواري آمريڪا جي حوالي آهي، قطر ۾ آمريڪا جو وڏو فوجي اڏو آهي ان کي آمريڪا جي سينٽرل ڪمانڊ چئبو آهي. اتي آمريڪا جو دفاعي نظام موجود آهي، اڏي ۾ هزارين آمريڪن فوجي رهن ٿا، اسرائيل جي حملي دوران آمريڪا جو دفاعي نظام خاموش هو، انهي ڪوبه بچاءُ نه ڪيو پر اتي موجود آمريڪي فوجن حملي آور هوائي جھازن کي واپسي جي لاءِ تيل ڀرائي موڪلي ڇڏيو. حملي کان پوءِ سڄي عرب دنيا ۾ ڪھرام مچي ويو، عرب ملڪن جا سربراهه قطر سان همدردي ڪرڻ لاءِ دوها ۾ پهچي ويا، آمريڪا بهادر جي صدر ٽرمپ چيو ته “قطر تي حملي جو اسرائيل آمريڪا کي اطلاع نه ڪيو. آءُ اسرائيل کان ناراض آهيان، قطر اسان جو دوست ۽ اتحادي ملڪ آهي”. چوندا آهن ته رڍن جا واهي گدڙ  ٿيندا ته پوءِ رڍن سان ائين ٿيندو آهي.

15 سيپٽمبر تي قطر جي شهر دوها ۾ عرب ليگ OIC ۽ مسلمان ملڪن جي ڪانفرنس ٿي، سڀني دونهين دار تقريرون ڪيون، اهي دنيا جي ماڻهن ٻڌيون، ماڻهن کي اميد ٿي ته هاڻي عرب ملڪ جاڳيا آهن، اسرائيل کي نه ڇڏيندا. ڪانفرنس جي آخر ۾ دوها اعلان نامو جاري ٿيو، جنهن ۾ ڪوبه عملي اعلان نه ڪيو ويو، اهو به نه چيو ويو ته اسان اسرائيل سان بائيڪاٽ ڪنداسين ۽ نه ڪي پنهنجا ناتا رشتا اسرائيل سان ٽوڙينداسين. اعلان نامون کوکلو اعلان ثابت ٿيو. ان تي دنيا ۾ سخت تنقيد ٿي رهي آهي، سڀئي عرب آمريڪا تي آسرو رکيو ويٺا هئا ته آمريڪا اسان کي بچائيندو، پر اسرائيل جي قطر واري حملي کان پوءِ انهن سڀني عرب سڳورن جون اکيون کلي ويون آهن، ته آمريڪا قطر کي دوکي ۾ رکيو آهي، هاڻي آمريڪا اعتبار جوڳو ملڪ نه رهيو آهي، خاص ڪري صدر ٽرمپ تي يورپ ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ ڀروسو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن، اهڙي صورتحال ۾ هن پنهنجي خطي ۾ هڪ نئين ڊولپمينٽ ٿي آهي.

17 سيپٽمبر تي سعودي جي شهر رياض ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جو دفاعي معاهدو ٿيو آهي، ان معاهدي ۾ چيل آهي ته ڪنهن به هڪ ملڪ تي حملو ٿيو ته ٻيو ملڪ پاڻ تي حملو سمجھندو. ٻئي گڏجي حملي آور ملڪ کي جواب ڏيندا. هن معاهدي جي خبر دنيا جي وڏين اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي وڏين سرخين ۾ هلي رهي آهي. هي خبر هندوستان ۽ اسرائيل جي لاءِ گهڻي پريشاني واري آهي. CNN  جو  چوڻ آهي ته “ ھي معاھدو سعودي عرب جي پنهنجي مفادن جي حوالي سان وڏي تبديلي آهي، سلامتي جي حوالي سان آمريڪا تي هن جو ڀروسو ختم ٿي ويو آهي ان جي ڪري ھن پاڪستان سان دفاعي معاهدو ڪيو آهي”. واشنگٽن پوسٽ لکيو آهي ته “قطر تي اسرائيل جي حملي کان پوءِ سعودي عرب پاڪستان سان سلامتي جو معاهدو ڪيو آهي، هن جي ملڪ ۾ آمريڪا جي فوج به موجود آهي ان جي باوجود سعودي عرب پاڪستان سان معاهدو ڪري رهيو آهي، ان جو مطلب آهي ته سعودي جو اعتماد آمريڪا ۽ ان جي فوج تان ختم ٿي ويو آهي”. الجزيرا چوي ٿو ته “ سعودي جي ڪيل معاهدي مان اها خبر پوي ٿي ته قطر تي حملي کان پوءِ سعودي عرب جي پريشاني وڌي ويئي آهي،هاڻي آمريڪا جي دوستي جو ڀرم ٽٽي ويو آهي.

 رائيٽرس لکي ٿو ته  هي هڪ اهڙو معاهدو آهي جنهن ۾ هنن ملڪن وٽ جيڪي به جنگي ساز سامان آهي، اهو به هن ۾ شامل آهي، پاڪستان سعودي کي پنهنجي ائٽمي ڇتري ڏني آهي”. آمريڪا جي هڪ وڏي بلاگر  Moon of Alabama لکيو آهي ته “هي معاھدو آمريڪا جو هڪ وڏو اسٽريٽجڪ نقصان آهي، لڳي ٿو ته سعودي عرب آمريڪا کان پري وڃي رهيو آهي”. (وال اسٽريٽ جنرل لکيو آهي ته “سعودي عرب جي آمريڪا سان اعتماد جي کوٽ جي ڪري هي معاهدو ٿيو آهي، هاڻي پاڪستان جي ائٽمي طاقت سعودي عرب کي ملي ويئي آهي، جنهن سان هن علائقي جو نقشو تبديل ٿيندو نظر اچي ٿو” اسرائيل جي اخبار ييروشلم پوسٽ لکي ٿي ته “هن معاهدي جي ڪري اسرائيل ۽ هندوستان ۾ پريشاني وڌي ويئي آهي. پاڪستان هندوستان جي سامهون وڌيڪ طاقتور ٿي آيو آهي، هاڻي هندوستان کي حملي ڪرڻ کان پهرئين سوچڻو پوندو”.هن معاهدي تي هندوستان جو رد عمل محتاط آيو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته هندوستان جا سعودي عرب سان گهرا لاڳاپا آهن، هندوستان ۽ سعودي عرب جو پاڻ ۾ 43 ارب ڊالر جو واپار آهي، ان کان سواءِ 80 لک هندوستاني ورڪر سعودي عرب ۾ ڪم ڪن ٿا. خود سعودي عرب وارن جي هندوستان ۾ تمام گهڻي سيڙپ ڪاري ٿيل آهي ٻئي طرف هندوستان جون جڏهن به اليڪشنون ويجھيون اچن ٿيون، ان دوران هندوستان جا حڪمران ڪونه ڪو بهانو ڪري پاڪستان تي الزام لڳائي حملي وغيره ڪري اليڪشن کٽن ٿا. هن معاھدي کان پوءِ ائين ڪرڻ جي لاءِ هنن کي ڏهه دفعا سوچڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.