ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي کي سنگل ڊيجيٽ ۾ آندو ويو هو، پر ايران-آمريڪا جنگ سبب اها ٻيهر وڌي وئي.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ جا سمورا معاشي اشارا هاڪاري رجحان ظاهر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايف بي آر طرفان به اتساهيندڙ خبرون سامهون آيون آهن.
هن چيو ته ايف بي آر سيپٽمبر جو هدف ۽ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جا هدف به حاصل ڪيا آهن.
هن چيو ته ملڪ جو معاشي رخ درست آهي ۽ معيشت پائيدار استحڪام طرف وڌي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته هن سال جي آخر تائين پاڪستان جي ريٽنگ بي پلس ٿي ويندي، جڏهن ته نئين معيشت، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ويب 3.0 تي ڪم ڪرڻو آهي.
ناڻي واري وزير موجب، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل رٿابندي ڪئي پئي وڃي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ڏيکاري رهيون آهن.
هن چيو ته ترڪي ۽ سعودي عرب جا سيڙپڪار به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اچي رهيا آهن، جڏهن ته سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاءِ گڏجي ويهي ڳالهائڻ ۽ اڳتي وڌڻ گهرجي.
هن چيو ته معاشي سرگرميون هڪ ڏينهن لاءِ به رڪجڻ سان 120 ارب رپين جو نقصان ٿي سگهي ٿو، اهو انگ هن اڳ به احتجاجن، لانگ مارچن ۽ ڌرڻن سبب روزاني معاشي نقصان جي حوالي سان ٻڌايو هو.
هن وڌيڪ چيو ته پگهاردار ۽ ڪارپوريٽ طبقو آخر ڪيتري دير تائين بار کڻندو، هاڻي انفورسمنٽ طرف وڃڻو پوندو.