ڪارل مارڪس جو تصور خواب کان حقيقت تائين

تحرير: سيما عباسي

ڪارل مارڪس هڪ اهڙي سماج جو خواب ڏٺو، جتي دولت ۽ طاقت منصفاڻي نموني ورهائجي، جتي محنت کي عزت ملي ۽ انسان استحصال جي زنجيرن کان آزاد ٿي سگهي. ڪاغذن تي سندس فڪر انتهائي خوبصورت لڳو. پر جڏهن عملي ميدان ۾ آيو، ته ڪيترين ئي مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو. بهرحال، اهو چوڻ درست نه ٿيندو ته اهو فڪر مڪمل طور ختم ٿي ويو. حقيقت ۾ سندس سوچ جون بنيادي ڳالهيون اڄ به زنده آهن، جيڪي مختلف ملڪن پنهنجي حالتن، تهذيبي رواجن ۽ سياسي ضرورتن موجب نئين سر ترتيب ڏئي اختيار ڪيون.

مارڪس نجي ملڪيت، طبقاتي فرقن ۽ بي مهار سرمائيداريءَ تي تنقيد ڪئي. هن سڀني لاءِ برابري گهري. پر هن انسان جي اندر لڪل ڪمزورين کي گهٽ سمجهيو ـــ جهڙوڪ لالچ، طاقت جي خواهش ۽ انا. جتي به مارڪسزم سختي سان بنا لچڪ جي لاڳو ٿيو، اهي انساني ڪمزورين ان کي بگاڙي ڇڏيو. برابريءَ جو خواب گهڻو ڪري نون حاڪمن ۽ حڪمرانن جي قبضي ۾ بدلجي ويو.

هڪ ٻيو وڏو سبب هو مارڪس جو مذهب کان انڪار. هن مذهب کي  پر مذهب فقط هڪ ڀُل ناهي؛ اهو انسان جي رت ۾ آهي جنهن جو اثر انسان جي ثقافت سياست نفسيات  ۽ اجتماعي يادگيريءَ جي حوالي سان شعور جي هر احساس سان لاڳاپيل آهي۔ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مارڪس جي فڪر جي روح گهڻي حد تائين مذهب جي روح سان ملي به ٿي. ٻئي استحصال، ناجائز ملڪيت ۽ غريبن جي دٻاءَ جي خلاف آهن. ٻئي محنت کي عزت ڏين ٿا ۽ لالچ کان بچڻ سيکارين ٿا.ٻئي انسان دوستي  جا قائل نظر اچڻ سان گڏوڏ هر مذھب جي عزت ڪرڻ جو درس ڏيندي انسانيت جي اعلا قدرن جو احترام ڪرڻ سيکارن ٿا۔۔بس فرق رڳو اهو آهي ته مذهب نظام سان گڏ دل کي به بدلائي ٿو. اهو انسان ۾ عاجزي، رحم ۽ انسان دوستيءَ جو جذبو پيدا ڪري ٿو ـــ جيڪو  قدر مارڪسزم  جي ظاهري ٿيوري جي نتيجن ۾ نظر ايندي به نتيجن ۾ شايد نظر ڪونه ٿو اچي۔

انهيءَ ڪري سخت ۽ جامد صورت ۾ مارڪسزم هر هنڌ مڪمل طور ڪامياب ٿي نه سگهيو. پر جتي چين ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن ان کي پنهنجي روايتن ۽ حالتن موجب نئين صورت ڏني، اتي ان مان حيرت انگيز نتيجا نڪتا. انهن مارڪس جي خيالن کي جتي لچڪ ڏيئي پنهنجن قومي ترجيحن سان گڏايو، اتي لکين ماڻهو غربت مان نڪري خوشحالي ڏانهن وڌي ويا.

هي مثال اسان لاءِ به هڪ سبق آهي: ته قومون مارڪس کان سکڻ سان گڏ پنهنجن مذهبي قدرن، تهذيبي پاڙن ۽ تمدني سڃاڻپ کي به برقرار رکي سگهن ٿيون. جيڪڏهن اسين به سندس مثبت اصولن ـــ معاشي انصاف، محنت جي عزت، وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ـــ کي سجاڳي ۽ حڪمت عمليءَ سان اختيار ڪريون، ته اڄ به اهڙو نظام ٺاهي سگهجي ٿو، جيڪو مزدور، غريب ۽ لاوارث طبقي لاءِ خوشحالي ۽ سهولتن جو سبب بڻجي. اهڙا قدم سياسي اجارادارين ۽ خانداني سياست جي گرفت کي به ڪمزور ڪري سگهن ٿا.

جيئن فيض چيو:

"اب راج کرے گی خلقِ خدا، جو میں بھی ہوں، جو تم بھی ہو…”

مختصر اهو ته مارڪس دنيا کي انصاف جو هڪ نظريو ڏنو، پر ان جي اصل طاقت سخت تقليد ۾ نه پر ذهين تبديليءَ ۾ آهي. انصاف صرف خواب ناهي ـــ اها ذميواري آهي. تاريخ اڃا تائين انهن قومن لاءِ کليل آهي، جيڪي اقتصادي برابريءَ کي پنهنجي روحاني ۽ تهذيبي قدرن سان گڏ متوازن ڪن ٿيون، ۽ هڪ اهڙو سماج تعمير ڪن ٿيون، جيڪو انسان لاءِ رڳو معاشي نه پر اخلاقي ۽ روحاني ڀلائيءَ جو به ذريعو بڻجي.

انساني تاريخ جي سفر ۾ معاشي ۽ سياسي نظامن جا مختلف نمونا جنم وٺندا رهيا آهن، جيڪي سماج کي پنهنجي رنگ ۽ فڪر سان آگاهي ڏيندا رهيا آهن. ڪئپيٽلزم شخصي ملڪيت ۽ آزاد مارڪيٽ جي قوت تي بيٺل آهي، جتي مقابلو ترقي جو سرچشمو بڻجي ٿو ۽ ايجادن جا نوان در کوليا وڃن ٿا، پر ساڳئي وقت اهو نظام انساني سماج کي نابرابريءَ جي گهري کوٽ ۾ به وجهي ڇڏيندو آهي. مارڪسزم ان جو ردعمل آهي، جيڪو طبقاتي جدوجهد کي ختم ڪرڻ ۽ گڏيل ملڪيت ذريعي برابريءَ جو تصور پيش ڪري ٿو، پر عمل جي دنيا ۾ اهو گهڻو ڪري سخت رياستي ڪنٽرول ۽ فرد جي آزاديءَ جي گهٽتائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. بادشاھي نظام پنهنجي تسلسل ۽ مرڪزي طاقت جي ڪري استحڪام ته بخشي ٿو، پر جڏهن اقتدار رڳو هڪ فرد جي هٿ ۾ اچي ٿو ته ظلم ۽ خودسريءَ جو امڪان وڌي وڃي ٿو. ڪميونزم نظريي جي سطح تي هڪ اهڙو خواب آهي، جتي طبقي کان پاڪ سماج ۽ وسيلن جي برابريءَ جو تصور انسانيت لاءِ امن ۽ مساوات جو پيغام بڻجي ٿو، پر عملي زندگيءَ ۾ ان سان گڏوگڏ شخصي خواهشن ۽ معاشي حوصلن کي به قربان ڪرڻو پوي ٿو. نتيجي طور، تاريخ اهو به سيکاري ٿي ته ڪو به نظام مڪمل ڪمال جو دعويدار نه آهي ‘ انسانيت جي حقيقي فلاح تڏهن ممڪن آهي، جڏهن اهي فڪر هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي نه پر توازن ۽ ميانه رويءَ سان گڏجي سماج کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار بڻجن. بهرڪيف ڪارل مارڪس واري ٿيوري هجي يا بادشاهت وارو دستور جيسيتائين انسان مطلب مرد ۽ عورت کي برابري واري پس منظر ۾ بنيادي حقن کان محروم رکيو ويندو اوسيتائين دنيا جو ڪو به اقتدار پو اهو جهموريت واري انداز ۾ قائم ڪيل هجي يا آمريت واري آهنگ سان هم آهنگ هجي ڪامياب قرار نه ٿو ڏيئي سگهجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.