مان پنهنجي موضوع جي شروعات شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان ڪنديس،
جنين ڏاند نه ٻج ،
تنين به تُنهنجو آسُرو،
اول ڏين انھن کي،
پوءِ اُڀارِين سِجِ..
يعني جن غريبن وٽ ڪجهه به ناهي پهرين اُنھن کي روزي ڏي.
هِن ملڪ ۾ ھينئر به غربت ختم ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي. ھتي جا ماڻهو تمام غريب ان لاءِ به آهن جو هو اڳتي وڌڻ جي سوچَ ئي نٿا رکن . ھو بس ان ۾ ئي خوش آهن جيئن هو زندگي گذارين پيا . ھو روز محنت مزدوري ڪندا آهن پر اُنھن کي انهن جي محنت جيترو اجورو نٿو مِلي. ڪنهن زماني ۾ بادشاھ غريبن کي غلام ڪندا هئا ۽ هاڻي وڏيرا جاگيردار غريبن تي حڪمراني ڪري رھيا آھن اهي پنهنجي حق لاءِ نٿا وڙهن ته هنِن کي وقت تي اُجورو ڏنو وَڃي ڇو جو هو ڊڄن ٿا ته جاگيردار ھنن کان جيئڻ جو به حقِ نه کسي ڇڏين. وڏيرا اُنھن جي اولاد کي نقصان نه پھچائن وڏيرا پئسي جي زور تي ڪجهه به ڪري ٿا سگهن.
آڳاٽي دور ۾غريبي هوندي هُئي پر مهانگائي گھٽ هئي. هاڻي اهي ٻنهي شئين سان منهن مقابل آهن. مون ھڪ اهڙو پورهيت ڏٺو آهي جنهن کي ٻار ٻچا آهن، هن وٽ سواءِ ھڪ گڏهه جي ڪو ذريعو ناهي ڪمائڻ جو. هو ٻچن جو پيت ڀرڻ لاءِ صبح جو نِڪري ﭤﻮ ڪڏهن هن جي روزي لڳي ٿي ڪڏهن نه ھو ڏينھن ۾ 50 تقريبن ٻورا کڻي ٿو ڀلي اُھي سرون ھجن يا ڀنجو. هو گڏهه سان گڏ پاڻُ به گرمي تڪليف برداشت ڪري ٿو ايئن ھڪ ٻوري جي قيمت بس 50 روپيا آهي . ھو سڄو ڏينهن گرمي ۾لوڙي ٿو پر وري به جڏهن شام ٿئي ٿي ته هن کي زميندار مزوري نٿو ڏيئي. چئي ٿو سڀاڻي اچجان. جڏهن ته هِن غريب جو پورو گھر ھن جي مزوري جي آسري هوندو آهي ته ڪڏهن شام ٿيندي ۽ رات جي ماني کائڻ جو بندوبست ڪري ايندو. پر پوءِ هو بک تي سمهي پوندا آهن. سو غربت ايتري آهي جو جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو ڪم نٿو ملي يا ڪا مزوري نٿي مِلي ته هو زندگي ختم ڪرڻ جو ارادو ٿو ڪري ڇڏي. ڪجهه ماڻهو ايترا غيرتي هوندا آهن جو ھو پنڻِ ۽ جهڪڻ کان مرڻ پسند ڪندا آھن.
اسانجي مُلڪ جي ۾ غربت اُن لاءِ ختم نٿي ٿئي ڇو جو هتان جا جاگيردار ۽ وڏيرا غريبن کي وڌڻ جو موقعو ئي نٿا ڏين.جيڪڏهن حڪمران غربت ختم ڪرڻ چاهين ته ڪري ٿا سگهن پر اهي نٿا چاهين ته ڪو غريب سندن غلامي مان نڪرن. غريبي ختم ڪرڻ جو هڪ طريقو هي به آ ته علم حاصل ڪجي اُنِ سان گڏوگڏ هنر به سِکيا وڃن ته جيئن جيڪڏهن ڪا نوڪري نٿي ملي ته ٻيا ڪم ڪري ماڻهو پيٽ ڀري سگھي جيڪڏهن ھڪ غريب ماڻهوءَ وڏي مشڪل سان پڙھي اڳتي ٿو اَچي ته به نوڪريون ايئن مارڪون پيسن تي خريد ٿي وينديون آھن، پوءِ هر غريب ماءُ ايئن پيءُ جو ٻارن کي پڙهائڻ تان ئي ارواح کڄي ويندو آهي اُنِ لاءِ غريب ماڻهو پنهنجا ٻچا پڙهائي نه بلڪي مزوري لاءِ موڪليندا آهن اَڄُڪَلهَه جي دور ۾ته نياڻيون پرڻائڻ به وڏو مسئلو آ غريب ماڻهو لاءِ ، سماج ۾گهڻيون نياڻيون ڪنواريون آھن ڇو ڏاج لاءِ زور وڌو ٿو وَڃي ، ايئن گهڻا ڇوڪرا به ڪنوارا رهجي وڃن ٿا جو ته ھو بيروزگار آهن، ايئن ٻوڏ ايندي آهي ته ، گھڻا غريب دربدر ٿي ويندا آھن ،اُھي تمام مشڪل زندگي گذارايندا آهن ، اُهي سرڪار جي آسري ھوندا آهن پر ، ٻوڏ متاثرين کي امداد ملڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ويندو آھي ، ايئن اُھي غريب ماروئڙا ، ڀٽڪندا رھندا آھن ، هنن کي جيڪڏهن امداد ملندي به آهي ته صرف جيترا گهر جا ڀاتي ھوندا آھن ، اُنِ حساب سان ئي ملندي آھي، ٻوڏ متاثرن کي هر مشڪل کي منھن ڏيڻو پوندو آهي، غريب ماڻهن جي گندي پاڻيءَ سبب صحت به متاثر ٿيندي آھي.
پاڪستان جي ٽوٽل آبادي آهي. 256,042,801 ،جن مان %44,7 ماڻهو غريبي ۾آهن ، غريبن کي صرف ٽن ويلن جي ماني جي بندوبست ڪرڻ ئي ڏکيو ناهي پر جيڪڏهن بيمار ٿيندا ته پيسا نه هئڻ ڪري پنهنجو علاج به نه ڪرائي سگهندا. ايئن غريب، ٻار لاءِ ڳاٽي ٽوڙ فيس ۽ ڪتابن خريد ڪرڻ جا پيسا نه هئڻ ڪري ٻارن کي پڙهائي به نه سگهندا. آهن جڏهن ته جيئن پهريون لکي چڪي آهيان ته غربت مان اوهان کي تعليم ۽ ان عيوض مليل وڏي يا ننڍي نوڪري ئي اوهان کي غربت مان ڪڍي سگهي ٿي. ان تي سنجيدگي مان سوچڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه تي يقين رکڻ گهرجي ته زندگي هڪ ڀيرو ڪامياب ٿِـئِڻُ جو موقعو ضرور ڏيندي آهي ، جيڪڏهن ڪنهن غريب جي زندگي ۾اُهو موقعو اَچي ته اُن کي نه وڃائي، ڇو جو زندگي بار بار موقعو نه ڏيندي آهي ،