جنگ ۾ زندگي، معيشت ۽ سڄي سماج کي ڪيئن بچائجي؟

تحرير: مير حسن راڄڙ

انساني تاريخ جي ورقن مان معلوم ٿئي ٿو  ته جنگ رڳو ميدان ۾ فوجن ۽ سپاھ جي ٽڪراءَ جو نالو ناھي. ان جي ڀيٽ ۾ جنگ گھڻ پاسائين تڪليف ۽ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ تبديلين جو نالو آھي. ڪنھن  به جنگ مان چڱائي جي اميد نٿي رکي سگھجي، پر ڪڏھن ڪڏھن جنگيون نئين معيشت ۽ انقلاب کي  به جنم ڏينديون آھن. جنگ ھڪ نھايت ئي پيچيدہ سياسي، سماجي، فوجي، معاشي ۽ نفسياتي عمل جو نالو آھي، جيڪا سڄي سماج تي اثرانداز ٿئي ٿي، ۽ انسانذات کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏي ٿي.

سوال ھي آھي  ته جنگ جي حالتن ۾ پنھنجو دفاع ڪيئن ڪجي؟ زندگيءَ کي ڪيئن بچائجي؟ سماج کي ڪيئن سنڀالجي؟ پنھنجي سھپ ۽ برداشت کي ڪيئن ضابطي ۾ رکجي؟ اھم سوال ته پنھنجي معيشت جو دفاع ڪيئن ڪجي؟ نفسياتي مونجھارن جي روڪٿام ڪيئن ڪجي؟ ھي ھڪ اھم موضوع آھي، ۽ ان جو جامع تجزيو ڪرڻ جي ضرورت آھي.

 انساني تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏھن  به جنگ جو آغاز ٿيندو آهي ته ان جا اثر صرف جنگي ميدان تائين محدود ناهن رهندا، پر اهي شهري آبادي، معاشي ڍانچي، ثقافتي قدرن ۽ انساني نفسيات جي اندروني دائري تائين گهرا اثر ڇڏيندا آهن، جن تي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪري حل ڪرڻ جي ضرورت ھوندي آھي، ٻي صورت ۾ اھي گھرا اثر معاشرن، قومن، ۽ ملڪن لاءِ زخمن مان ناسور بڻجي ويندا آھن، ۽ پوءِ ڪڏھن به ختم نه ٿيندا آھن.

جنگ جي وقتن ۾ زندگي گذارڻ ۽ قائم رهڻ هڪ انتهائي پيچيده فن آهي. اهو صرف جسماني بقا تائين محدود ناهي، پر ذهني مضبوطي، سماجي هم آهنگي، معاشي احتياط ۽ اخلاقي شعور جي واڌ جي تقاضا پڻ ڪري ٿو. اهڙي صورتحال ۾ انسان کي پرامن زندگي جي روايتي طريقن کان هٽي ڪري بقا ۽ موافقت جا نوان طريقا اختيار ڪرڻا پوندا آهن. ھي مضمون جنگ دوران زندگي جي مختلف پهلوئن جو تفصيلي ۽ علمي جائزو پيش ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش آھي، جنھن جو مقصد جديد علمي نقطه نظر سان نفسيات، سماجيات، معاشيات، حڪمتِ عملي ۽ انساني بقا جي اصولن کي اجاڳر ڪرڻ آهي، جيڪي خطرناڪ حالتن ۾ لازمي حيثيت اختيار ڪري وٺندا آهن.

جنگ ۽ انساني معاشري جو ارتقائي تعلق، ۽ جنگ جو تاريخي پسمنظر: انساني تهذيب جي سفر دوران جنگ هڪ بار بار ظاهر ٿيندڙ لقاءُ رهي آهي. قديم تهذيبن کان وٺي جديد قومن جي قيام تائين قديم دور ۾ جنگ گهڻو ڪري زمين، وسيلن يا سياسي غلبو حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيندي هئي، ۽ موجوده دور ۾ جنگين يا تڪرارن جا سبب گهڻا وڌيڪ پيچيده ٿي ويا آهن. ساڳي طرح جديد جنگ گهڻ رخي نوعيت رکي ٿي، جنهن ۾ سياسي ارادا، معاشي وسيلا، جغرافيائي – سياسي حڪمتِ عملي ۽ نظرياتي اختلاف سڀ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، تنهنڪري موجوده دور جي جنگ کي صرف فوجي ٽڪراءَ طور سمجهڻ مناسب ناهي، پر اها عالمي مفادن ۽ رقابتن جي هڪ پيچيده امتزاج جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. جنھن جو مثال موجوده آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جنگ آھي، جيڪا ھڪ نہ، تمام گھڻن مفادن ۽ ٽڪرائن جو نتيجو آھي. ڪير به اھو نٿو چئي سگھي  ته موجودہ جنگ جو ڪوئي ھڪ ڪارڻ آھي.

جنگ جا سماجي نتيجا: جنگ جي شروعات سان معاشري ۾ گهريون تبديليون پيدا ٿينديون آهن. انهن مان سڀ کان اهم اثرات هيٺيان آهن:

(01)  آباديءَ جي بيدخلي ۽ هجرت  (02) معاشي ڍانچن جي تباهي  (03) تعليم ۽ صحت جي نظام ۾ شديد خلل يا رڪاوٽون  (04) وڏي پيماني تي سماجي ۽ عدم استحڪام بھرحال! اھو تسليم ڪرڻ ضروري آهي ته جنگ جو سڀ کان وڏو بار عام شهري برداشت ڪندا آهن، جيڪي اڪثر انهن سياسي يا فوجي فيصلن ۾ سڌي طرح شامل نه هوندا آهن، جيڪي ڪنھن  به تڪرار يا جنگ کي جنم ڏيندا آهن. جنگ جي وقتن ۾ انساني نفسيات/ خوف ۽ غير يقيني صورتحال: ڪنھن  به جو سڀ کان فوري نفسياتي اثر خوف ۽ غير يقيني جو وسيع ماحول هوندو آهي. جڏهن ماڻهن کي لڳاتار خطري جي امڪان هيٺ رهڻو پوي ٿو، تڏهن انساني ذهن پاڻمرادو اها حالت اختيار ڪري وٺندو آهي، جنهن کي جديد نفسيات بقا جو موڊ (Survival Mode) چوندي آهي. اھڙي ذهني حالت ڪيترائي اهم اثر پيدا ڪندي آهي. مثال طور:

(01) معقول فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ گهٽتائي (02) نفسياتي دٻاءُ ۾ تمام گھڻي واڌ (03) سماجي لاڳاپن ۾ تبديلي  (04) جذباتي توازن ۾ ڀونچال. جنگ دوران زندگي ۽ سماج جي بقا لاءِ سڀ کان ضروري خوبين مان هڪ نفسياتي مضبوطی آهي. نفسياتي مضبوطي مان مراد انساني روح جي اها صلاحيت آهي، جيڪا مشڪلاتن، دٻاءُ ۽ بحران جي حالتن ۾ به ثابت قدم رهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي قوت فراهم ڪري ٿي. انهيءَ مضبوطي کي وڌائڻ لاءِ ڪجهه بنيادي اصول هي آهن:

(01) اميد کي برقرار رکڻ

(02) اجتماعي تعاون يا گڏيل سھڪار

(03) علم ۽ آگاهي جي تلاش

(04) جذباتي استحڪام ۽ نظم ضبط بحال رکڻ

جنگ جي حالتن ۾ سماجي حڪمتِ عملي ۽ اجتماعي تعاون جي اهميت: جنگ جي وقتن ۾ ماڻهن جي بقا گهڻو ڪري اجتماعي تعاون جي مضبوطي تي دارومدار رکي ٿي. تاريخي مطالعي مان ثابت ٿيو آهي ته اهي معاشرا جيڪي باھمي مدد ۽ اجتماعي يڪجهتي کي برقرار رکن ٿا، اهي بحرانن تي وڌيڪ ڪاميابي سان قابو پائين ٿا. اھڙي ڪنھن تعاون جا بنيادي عنصر هي آهن:

(01) وسيلن جي منصفاڻي ورڇ  (02) معلومات جي ونڊ  (03) اجتماعي دفاع  (04) سماجي هم آهنگي ۽ اتحاد. ھاڻي اچون ٿا ھڪ اھم نقطي ڏانھن، ۽ اھو آھي سماجي سرمايو، جنھن کي Social Capital چيو ويندو آھي. اھو ھڪ غير مالياتي پر تمام قيمتي سرمايو ۽ اثاثو آھي، جيڪو معاشري جي ماڻهن جي وچ ۾ اعتماد، تعاون ۽ لاڳاپن جي صورت ۾ موجود نظر اچي ٿو. جنگ جي حالتن ۾ سماجي سرمايو اڪثر بقا جو سڀ کان طاقتور ھٿيار بڻجي ويندو آهي.

جنگ جا معاشي پهلو، مالي حڪمتِ عملي، ۽

وسيلن جي بقا: جنگ دوران معاشي ڍانچا سخت دٻاءَ ۾ اچي ويندا آهن. آمدني جا ذريعا متاثر ٿيندا آهن. مارڪيٽون غير مستحڪم ٿي وينديون آهن، ۽ ضروري وسيلن جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي- اهڙي حالت ۾ زندگي ۽ سماج جي بقا لاءِ هيٺيون معاشي حڪمت عمليون اهم بڻجي وينديون آهن. مثال طور:

(01) بنيادي ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ- خوراڪ، پاڻي ۽ دوا کي اولين اهميت ڏيڻ!

(02) سيلن جو ذخيرو ۽ منصوبه بندي- مطلب محدود وسيلن کي محفوظ ڪرڻ ۽ بهتر استعمال لاءِ منصوبه بندي!

(03) مقامي پيداوار ۽ خودڪفالت-مطلب ٻاهرين امداد تي مڪمل ڀاڙڻ بدران مقامي پيداوار کي وڌائڻ ۽ اھميت ڏيڻ!

(04) مالي لچڪ ۽ بچت- مطلب هنگامي حالتن لاءِ نقدي يا مٽاسٽا لائق وسيلا رکڻ، اھو ھڪ اھم نقطو آھي، جنھن تي عمل ڪرڻ سان ڪنھن  به جنگ مان نڪري زندگيءَ جي نئين سر بھتر شروعات ڪري سگھجي ٿي!

ڪنھن  به جنگ ۾ مالي نظم و ضبط جي تمام گھڻي اھميت ھوندي آھي. معاشي بحران جي وقت غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ مالي نظم و ضبط انتهائي ضروري آهي. هر فرد ۽ هر خاندان کي پنهنجن وسيلن جو محتاط استعمال سکڻو پوندو، ته جيئن بحران جي شدت کي گهٽائي سگهجي. اھو  به ڏسڻو پوندو ته جنگ ۾ حڪمتِ عملي ۽ عملي قدم ڪهڙا هجن

ذاتي ۽ اجتماعي حڪمتِ عملي

زندگي جي بقا صرف جسماني يا مالي قدمن تائين محدود ناهي، بلڪه حڪمتِ عملي جي وسيع سمجھه به ضروري آهي. پر ان ۾ ذاتي ۽ اجتماعي ٻنهي سطحن تي قدم شامل ٿيندا آهن. سوال ھي آھي  ته ڪنھن  به جنگ ۾ ذاتي حڪمتِ عملي ڇا هئڻ گهرجي؟ جواب ھي آھي:

(01) پنهنجي حفاظت لاءِ محفوظ هنڌن جي چونڊ

(02) فوري خطري سان منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ منصوبه بندي

(03) معلومات حاصل ڪرڻ ۽ خطرن جو تجزيو

(04) نفسياتي ۽ جسماني توانائي کي برقرار رکڻ.

ھاڻي اچون ٿا اجتماعي حڪمتِ عمليءَ ڏانھن، جنھن جا ھيٺ ڏنل آھن نقطا آھن:

(01) گروهي حفاظت- مطلب ڪميونٽي يا گروهه طرفان گڏيل دفاع.

(02) وسيلن ۽ معلومات جي ونڊ.

(03) سماجي اتحاد ۽ اندروني تڪرارن جو حل.

(04) بحران دوران تعاون جي مسلسل تربيت!

جنگين جي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته ڪنھن  به جنگ ۾ مواصلات ۽ اطلاعات جي تمام گھڻي اھم ھوندي آھي. اثرائتي مواصلاتي جنگ دوران بقا جو هڪ اهم عنصر آهي. درست ۽ بروقت معلومات کان سواءِ ماڻهو ۽ معاشرا خطرن جو صحيح اندازو لڳائي نٿا سگهن. تمام ضروري آھي ته جنگ دوران گروهي معلومات جي شفافيت کي يقيني بڻائجي حفاظتي ۽ هنگامي اعلانن کي عوام تائين پھچائجي. وسيلن ۽ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ رابطا بحال رکجن. ڪنھن  به جنگ ۾ انساني بقا ۽ سماج جي ڀلائيءَ لاءِ اخلاقي شعور ۽ اخلاقي ذميواري جي پِڻ وڏي اھميت آھي. جنگ دوران بقا سان گڏ اخلاقي ذميواري کي برقرار رکڻ پڻ ضروري آهي. انساني همدردي، انصاف ۽ انساني وقار جي اصولن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جنھن لاءِ ضروري آھي  ته مستحق ماڻھن تائين امداد پھچائجي. شھرين جي حقن جو احترام ڪجي ۽ اھم فيصلا ذاتي ۽ گروهي مفادن بدران انساني بنيادن تي ڪيا وڃن.

آخري ڳالهه ته جنگ دوران اميدن جا ڏيئا روشن رکجن ۽ مستقبل جي زبردست منصوبابندي ڪجي. ڏٺو وڃي  ته انسان جي سڀ کان وڏي طاقت اميد ۽ مستقبل جي منصوبه بندي آهي. اهي معاشرا ۽ ماڻهو جيڪي اميد کي زندهه رکن ٿا، اهي خطرن ۽ مشڪلاتن مان وڌيڪ ڪاميابي سان گذري سگهن ٿا. جنگ دوران ننڍن پر پائيدار مقصدن جو تعين  به ضروري آھي، ۽ گڏوگڏ تعليمي ۽ علمي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ  به لازمي آھي. اسان کي گھرجي ته اجتماعي امنگن ۽ امن جي خواب کي زندھ رکون، ۽ ان جي ساڀيان لاءِ پاڻ پتوڙيون. جنگ جي حالتن ۾ انساني بقا هڪ جامع ۽ مربوط عمل آهي، جيڪو نفسياتي مضبوطی، سماجي تعاون، معاشي حڪمتِ عملي ۽ اخلاقي شعور تي دارومدار رکي ٿو. اھڙا ماڻهو ۽ معاشرا جيڪي انهن سڀني اصولن کي اختيار ڪن ٿا، اهي سخت کان سخت حالتن ۾ به زندهه رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري سگهن ٿا. اُن لاءِ ھڪ جملو مشھور آھي  ته جنھن چيو ته مان کٽي ويندس  ته اھو کٽي ويندو، ۽ جنھن چيو ته مان ھارائي ويندس ته سمجھو اھو هميشه لاءِ ھارائي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.