شيخ ڀرڪيو جي عورتن سان انصاف ڪير ڪندو؟

تحرير: ثوبيا کوسو

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن آئون جر جي کاري پاڻي جي استعمال سبب ٿيندڙ بيمارين ۽ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ بابت هڪ سروي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ۾ موجود مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري رهي هئس، تڏهن منهنجي ملاقات ڳوٺ کٻڙ لغاري جي رهواسڻ هڪ پيراسن بيواهه عورت مسمات خانزادي سان ٿي. ان سان گڏ سندس ٽن ڌيئرن به موجود هيون. جڏهن هن عورت پنهنجو درد ڀريو داستان ٻڌايو ته مون کي محسوس ٿيو ته سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلم جو هڪ ٻيو باب منهنجي سامهون کلي ويو آهي.

مسمات خانزاديءَ ٻڌايو ته سندس مڙس نظر محمد لغاري ڪافي سال اڳ وفات ڪري ويو هو. نظر محمد پنهنجي پويان لڳ ڀڳ 40 ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين ڇڏي ويو هو. هنن کي چار پٽ ۽ چار پنج ڌيئرون آهن. مڙس جي وفات کان پوءِ خانزادي ۽ سندس ٻارن لاءِ زندگي اڳ ئي ڏکي ٿي وئي، پر ان کان به وڏو الميو اهو ٿيو ته سندن پنهنجي رت جا رشتيدار ئي انهن جا دشمن بڻجي ويا, خانزادي جو چوڻ آهي ته سندس مڙس جي ڇڏيل زمين تي قبضي ڪرڻ لاءِ سندس ئي مائٽن مختلف سازشن جو سلسلو شروع ڪيو. انهن ماڻهن نه صرف زمين تي قبضو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر سندس پٽن کي به مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو ويو،خانزادي الزام لڳائيندي چيو ته شيخ ڀرڪيو پوليس به انهن بااثر ماڻهن جي ونگار وهي رهي آهي.

هن ٻڌايو ته سندس پٽن خلاف مختلف واقعن جا بهانا بڻائي ايف آءِ آرز داخل ڪرايون ويون آهن ته جيئن انهن کي قانوني مسئلن ۾ الجهايو وڃي ۽ آخرڪار زمين تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪيو وڃي،تازو ئي پيش آيل هڪ واقعو هن ظلم جي ڪهاڻي کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو، خانزادي جو پٽ امتياز سيشن ڪورٽ ٽنڊوالهيار ۾ پنهنجي ڪيس جي ٻڌڻي تي ويو هو، جڏهن هو عدالت مان واپسي تي اچي رهيو هو ته شيخ ڀرڪيو پوليس کيس گرفتار ڪري ڇڏيو ۽ الزام لڳايو ته وٽس چرس آهي. خانزادي جو چوڻ آهي ته اهو مڪمل طور تي ڪوڙو ڪيس آهي جيڪو بااثر ماڻهن جي چوڻ تي داخل ڪيو ويو آهي،

صرف ايتري ڳالهه نه پر مسمات خانزادي جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جيڪو به فصل پوکيندا آهيون اهو فصل به مٿيان ماڻهو کڻي ويندا آهن،سوچڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته هڪ بيواهه عورت جنهن جو مڙس وفات ڪري چڪو آهي، جنهن کي پنهنجي ٻارن جي پرورش ۽ زندگي جي بقا لاءِ اڳ ئي وڏيون مشڪلاتون درپيش آهن، جيڪڏهن ان کي پنهنجي ئي مائٽن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اهڙو سلوڪ ملي ته پوءِ اها انصاف لاءِ ڪٿي وڃي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.