هوءَ چوڻ لڳي:
زلفي جونيئر تنهنجو دوست آهي؟
مون مرڪي جواب ڏنو:
هو عمر ۾ مون کان ضرور ننڍو آهي، تنهن ڪري منهنجي لاءِ هڪ لحاظ کان ڀاءُ به آهي ۽ راهنما به. پر جيڪڏهن سچ پڇين ته مان ان يگاني ڪردار واري انسان جو مداح ۽ ديوانو آهيان. اهڙو مداح، جنهن جي جذبن کي لفظن جي قيد ۾ آڻڻ آسان ناهي.
هوءَ هلڪي حيرت سان چوڻ لڳي:
ته پوءِ ائين سمجهو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو خوش نصيب آهي، جو تنهن جهڙا ماڻهو سندس مداح آهن.
مون فوراً چيو:
نه، خوش نصيب هو ناهي… خوش نصيب ته مان آهيان، جو مون کي جونيئر زلفي جهڙي فقير صفت ۽ درويش ڪردار انسان سان عقيدت رکڻ جو اعزاز حاصل آهي.
هوءَ ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي وئي، پوءِ آهستي لهجي ۾ چيائين:
اڄ توکي هڪ راز جي ڳالهه ٻڌايان ٿي.
هوءَ چوڻ لڳي ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي اڃا ٿورا ئي ڏينهن گذريا هئا. مان اڪثر سندس گهرواري سان ملڻ لاءِ 70 ڪلفٽن ويندي هيس. هڪ ڏينهن منجهند جو، جڏهن اسڪول جي موڪل ٿي هئي، تڏهن هڪ ننڍڙو ٻار اسڪول جي يونيفارم ۾ گهر ۾ داخل ٿيو. ان جي هٿن ۾ هڪ زخمي جهرڪي هئي. جهرڪي جي پرن مان رت وهي رهيو هو. کيس ڪنهن شڪاريءَ گليل هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو يا شايد اها زمين تي ڪري زخمي ٿي هئي. مون اتي ڏٺو ته اهو ٻار پنهنجي ماءُ جي سامهون بيٺو ضد ڪري رهيو هو:
امي! هن جهرڪيءَ جو علاج ڪرڻو آهي… ان کي مرڻ نه ڏيون.
اهو ٻار ڪو ٻيو نه پر جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو هو.
اهو واقعو ٻڌائيندي ان خاتون جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ هئي.
۽ مان جڏهن اهو قصو ٻڌي رهيو هوس ته محسوس ڪري رهيو هوس ڄڻ منهنجي لونء ڪانڊارجي وئي آهي.
حيرت جي ڳالهه اها هئي ته اهو واقعو ٻڌائيندڙ عورت پاڻ ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ پڙهيل لکيل ميمبر اسيمبلي هئي ۽ اڄ به سياست جي ايوانن ۾ موجود آهي. پر هوءَ جنهن محبت ۽ احترام سان جونيئر زلفي جي تربيت، عاجزي ۽ انڪساري جو ذڪر ڪري رهي هئي، اهو ڪنهن سياسي وابستگي کان گهڻو مٿانهون محسوس ٿي رهيو هو.
مان في الحال ان خاتون جو نالو ظاهر نٿو ڪري سگهان. ڇو ته هن ملڪ ۾ سچ ڳالهائيندڙن جي پويان سسٽم ۽ مافيا جلدي پئجي ويندا آهن. پر مان پنهنجي پڙهندڙن سان واعدو ڪريان ٿو ته هڪ ڏينهن نه صرف ان خاتون جو نالو ٻڌائيندس، پر 70 ڪلفٽن جي ديوارن جا اهي ڳوڙهن ڀريا داستان به بيان ڪندس، جيڪي اڃا تاريخ جي پردن پٺيان لڪل آهن.
ڳالهين جي پڄاڻي تي اسين هڪ ئي نتيجي تي پهتاسين. جنهن انسان جي دل ۾ پنهنجي وطن جي غريبن لاءِ سچي محبت هجي.جيڪو پنهنجي درياهن، پنهنجي زمين، پنهنجي جبلن ۽ پنهنجي تهذيب جي حفاظت کي پنهنجو فرض سمجهي… جيڪو مائي جيئندو جهڙي بزرگ عورت کي اهڙي شفقت سان ڀاڪر پائي، جهڙي نموني هو پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي ڏاڏي بيگم نصرت ڀٽو کي ڀاڪر پائي ملندو هو…! ۽ جيڪو محرم جي ڏينهن ۾ امام حسين عليه السلام جي نياز جا ٿانوَ زمين تي ويهي پنهنجي هٿن سان ڌوئي… ته پوءِ اهڙي انسان ۾ مون کي مولا علي عليه السلام جي فقيري، بيباڪي ۽ نڊر ڪردار جي جهلڪ ڇو نه نظر اچي؟
اهو ٻار جيڪو ڪڏهن معصوم هٿن ۾ زخمي جهرڪي کڻي بيٺو هو، اڄ وقت جي بٺي ۾ تپي ڪري ڪنڊن بڻجي چڪو آهي. هو بيشڪ هڪ منفرد ڪردار آهي پنهنجي زمين، پنهنجي ٻولي، پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي وطن جو محافظ. ۽ سچ پڇو ته جڏهن به جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو ڪنن ۾ پوي ٿو،
مون کي ان مان لاڙڪاڻي جي مٽي جي خوشبو محسوس ٿئي ٿي اها خوشبو جيڪا صرف خانداني روايت، تاريخي شعور ۽ ڌرتيءَ سان وفاداري رکندڙ ماڻهن جي رت ۾ وسيل هوندي آهي. انهيءَ ڪري مان چوان ٿو: هو رڳو هڪ فرد ناهي… هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ٻهڳڻو انسان آهي.