جن ملڪن ۾ عوامي انقلاب آيو آهي انهن ملڪن جو تعلق ايشيا سان آهي. جنهن ۾ بنگلاديش ۽ ان کان پوءِ تازو نيپال ۾ به عوامي انقلاب آيو آهي. هونئن ته بنگلاديش ۽ نيپال جي انقلاب ۾ هڪ جهڙائي به آهي ٻنهي ملڪن ۾ نوجوان شاگردن ئي آندو آهي پر هڪ ڳالهه هڪ جهڙي ضرور آهي ته مهانگائي، غربت ۽ ڪرپشن جي ڌڙا ڌڙ گرم ڪيل بازار انقلابن جو سبب بڻيا آهن. بنگلاديش ۾ هڪ نوجوان ملڪ ۾ انارڪي بابت ان وقت جي وزيراعظم شيخ حسينا واجد خلاف روڊن، چوراهن ۽ عوامي ميڙن ۾ آواز اٿاريندو رهيو جنهن تي حڪومت رد عمل ڏيندي ان نوجوان ڇوڪري کي بنگلاديش جي ڳجهي اداري کان اغوا ڪرائي ان مٿان وحشياڻو تشدد ڪرايو ويو ۽ ان کي مرڻينگ ڪري بيهوشي جي حالت ۾ هڪ ويران روڊ جي پل هيٺيان اڇلايو ويو هو پر بنگلاديش وزيراعظم جيڪا ڪرپشن جي نشي ۾ ڌت هئي کيس ڪهڙي خبر ته جنهن نوجوان کي مرڻيگ ڪري ۽ بيهوشي جي حالت ڦٽو ڪيو ويو آهي ته هو هاڻي ختم ٿي ويو ۽ سندس حڪومت خلاف گونجندڙ آواز هميشه لاءِ زمين دفن ٿي ويو آهي ۽ انقلاب جي چڻنگ اتان ئي ٻرندي جيڪا سموري بنگلاديش کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندي
ان واقعي کان پوءِ نوجوان، پوڙها، مرد توڙي عورتون بي خوف ٿي وزيراعظم هائوس توڙي وزيرن جي محلن کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو وزيراعظم شيخ حسينا واجد جو ذاتي گهر جي ڪمرن کي به نه بخشيو ويو. نيٺ شيخ حسينا واجد ملڪ مان فرار ٿي وئي ۽ ڀارت ۾ پناهه ورتي. تيونس ۾ جيڪو انقلاب آيو اهو هڪ ريڙهو هلائيندڙ شخص جي سبب آيو. جڏهن آفيسر ان مزدور جو سبزي سان ڀريل ريڙهو وچ بازار ۾ اونڌو ڪيو ته اتان انقلاب جي چڻنگ ٻري جنهن ملڪ جي صدر ۽ ٻين کي ملڪ مان فرار ڪرائي ڇڏيو. نيٺ تيونس جي صدر سعودي عرب ۾ سياسي پناهه ورتي. اچون ٿا تازو ايشيا جي ملڪ نيپال جي انقلاب طرف. بنگال جي جديد سلطنت نيپال جو وجود 1768 ۾ آيو. 18 صديءَ ۾ پرٿوي نارائڻ بادشاهه رياست جو بنياد وڌو. 1951 ۾ نيپال جي عوام شاهي خاندان خلاف بغاوت ڪئَي. 1959 ۾ پهريون ڀيرو نيپال ۾ اليڪشن ڪرائي ويئي. جي پي ڪوئرالا کي ڪاميابي ملي. وري 1960 ۾ بادشاهه مهندرا حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو. بحرالحال نيپال ۾ جمهوريت جي گاڏي کي هلڻ ڪونه ڏنو ويو آهي. بادشاهن کان ويندي سندن نوڪرن، عزيزن ۽ دوستن جي اولاد عياشين ۾ مصروف رهي آهي. هڪ ڀيري ولي عهد دپيندر نشي جي حالت ۾ پنهنجي امڙ، پيءُ، ڀينرن، ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته ولي عهد هڪ غريب گهراڻي جي ڇوڪري تي عاشق ٿي پيو ۽ هو ان سان شادي ڪرڻ چاهي پيو اجازت نه ملڻ تي هن والدين سميت گهر جي سڀني ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ولي عهد پاڻ به خودڪشي ڪري ڪري ڇڏي هئي.
2015 ۾ نيپال سيڪولر ملڪ بڻجي ويو. عوام پاران نيپال ۾ آڻيل انقلاب حق ۽ سچائي تي آهي ڇاڪاڻ ته اشرافيا جون موج مستيون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون هيون. ملڪ ۾ غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ امن امان جي بگڙيل صورتحال ۽ ملڪ ۾ سياسي بيچني ۽ عدم استحڪام ايتري قدر وڌي ويو هو جو اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگرد ماهوار فيسون ادا ڪرڻ لاءِ پارٽ ٽائيم جاب يا ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪندا هئا. عوام جي حالت بدحالي طرف تيزي سان وڌي رهي هئي. انقلاب کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نوجوان ڇوڪري جڏهن ڪنهن حادثي ۾ فوت ٿي ته ملڪ جي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي ان کي سياسي رنگ ڏنو ۽ ان تي سنجيدگي نه ڏيکاري جتان انقلاب جو دونهون دکيو. اها ڇوڪري اڄ تائين ICU ۾ بيهوشي جي حالت ۾ پيل آهي. ان کان پوءِ جڏهن نوجوانن وزيراعظم جي بي رحماڻي رويي تي سوشل ميڊيا وسيلي تنقيد شروع ٿي ته وزيراعظم سوشل ميڊيا تي پابندي هڻي ڇڏي. پابندي ڄڻ باهه تي پيٽرول هارڻ ثابت ٿي. هڪ هفتي تائين سوشل ميڊيا تي جڏهن بندش برقرار رهي ته ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. انقلاب آڻڻ لاءِ نيپالي عوام کي هڪ جواز ملي ويو. ڇاڪاڻ ته نيپالي عوام اڳ ئي اشرافيا جي ڪرپشن، پنهنجن کي نوازڻ، ادارن ۾ ڌڙاڌڙ رشوت خوري ۽ اشرافيا جي اولاد يورپ ۾ شاهاڻي زندگي گذارڻ تي پنهنجا وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ کان پوءِ عوام باهه ٿي ويو. انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي بندش تي ويتر عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي ۽ نوجوان هڪ ٻئي سان رابطو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ائين عوام روڊن تي نڪري آيو.
ڪرپٽ حڪمران پنهنجي عياشين ۾ ڌت هئا انهن کي روم جي نيرو بادشاهه جيان ڪابه خبر نه هئي ته ڪو نيپال مان اٿليل چڻنگ سندس محلن ۽ عيش و آرام جي زندگيءَ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهي آهي. سندس نوڪر ۽ صلاحڪار انهن کي ڪجهه به ٻڌائڻ کان لنوائي رهيا هئا. نوجوانن ۽ عوام پهريان چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي قومي اسيمبلي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ائين نيپال جون حالتون فوج هٿن مان ٻاهر نڪري ويون ۽ پوءِ فوج به وزيراعظم، وزيرن ۽ اشرافيا جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ فوج به عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي خاموشيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم ڪي پي شرما هيلي ڪاپٽر وسيلي ملڪ مان فرار ٿي ويو. ماڻهن سندس بنگلن ۾ گهڙي پيا ۽ قيمتي سامان ۽ ڏوڪڙ کڻي ويا ۽ ڪرپشن وسيلي حاصل ڪيل ڏوڪڙ ماڻهن روڊن تي اڏايا. نيپالي فوج جو آرمي چيف جنرل اشوڪ مظاهرو ڪندڙن جي اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ چيو پر مظاهرو ڪندڙن اهو چئي جواب ڏنو ته ڪرپٽ حڪمرانن کي اگهاڙو ڪري روڊن تي آڻيو بعد ۾ ڳالهيون ڪنداسين.
پاڪستان جون معاشي ۽ سياسي حالتون نيپال کان به وڌيڪ خراب آهن. ملڪ جي ادارن ۾ جائز ڪم ڪار سواءِ رشوت جي ٿئَي ئي ڪونه ٿو. ڪرپشن پاڪستان کي دنيا ۾ بدنام ڪري ڇڏيو آهي. حالت اها آهي جو آفيسر هڪ نائب قاصد آڏو ’ڪاڻو‘ آهي مطلب آفيسر نائب قاصد وسيلي اوڳاڙي ڪري ٿو. مال غنيمت سمجهي ملڪ کي ٻنهي هٿن سان ڦريو ٿو وڃي. اشرافيا ۽ حڪمرانن کي هي وقت پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جو آهي. اڃان به وقت آهي ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو وڃي. عوام کي غربت ۾ ڌڪيو پيو وڃي. ۽ اشرافيا جي اولاد پاڪستان کان ٻاهر عياشيون ڪرڻ ۾ پوري آهي. بهرحال نيپالي تيل ڪمپني جي MD مٿان 335 ملين جي ڪرپشن جو الزام آهي. چين پاران نيپال ۾ ٺاهيل ايئرپورٽ ۾ 14 بلين نيپالي روپين جي ڪرپشن ٿي. نيپال جي ايتري آمدني ناهي جيتري ڪرپشن ڪئي وئي آهي. نيپال جو عوام صرف ڪرپشن خلاف روڊن تي نڪتل آهي. نيپال ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي زال مٿان پيٽرول هاري باهه ڏني. نيپال ۾ آيل خوني انقلاب سبب 14000 هزار خطرناڪ قيدي پڻ جيلن مان نڪري ڀڄي ويا آهن. قيدين جيل اندر جيل آفيسرن ۽ پوليس اهلڪارن کي موت جي ننڊ سمهاريو. نيپال کي تباهه ڪرڻ ۾ آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي جو اهم ڪردار تصور ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ ڀارت جي ڳجهي ايجنسي را ۽ اسرائيل جي موساد به حصيدار آهي. نيپال جا 24 بارڊر ڀارت سان ملن ٿا. هن وقت اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي جج عورت سشيلا ڪرڪي کي نيپال جو نگران وزيراعظم بڻايو ويو آهي. سندس جي 94280 هزار پگهار مقرر ڪئي ويئي آهي. 300 ليٽر پيٽرول مفت ڏنو ويندو. پاڪستان ۾ وزيراعظم جي پگهار ۽ ٻيون سهولتون ڪروڙن روپين ۾ آهن. پاڪستان جي حڪمرانن کي بنگلاديش ۽ نيپال جي انقلابن مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو نه رهي بانس نه وڄي بانسري وارو ڪم ٿي وڃي. پاڪستان ۽ نيپال جي حڪمرانن جي سوچ ۽ ڪم ڪار جو طريقو ساڳيو ئي آهي. نيپال جي اشرافيا جي اولاد دنيا جي ملڪن ۾ عوام جي لٽيل پئسي تي عياشيون ڪن ٿا. پاڪستان جي اشرافيا به ملڪي خزاني کي لٽڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. پاڪستان جي اشرافيا جي اولاد به دنيا ۾ عيش و عشرت جي زندگي گذاري ٿي ۽ ملڪ جو عوام بک، بدحالي ۾ سڙي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ترقي جي شرح يعني رفتار ائين آهي جيئن ڪمي جي رفتار هوندي آهي. جڏهن ته پاڪستان جي اشرافيا جي عوام سان ٽيڪسن وسيلي پيٽرول مهانگو ڪرڻ، بجلي گئس جي قيمت کي وڌائي تيزي سان پئسو ڪڍي رهيا آهن. ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. ادارن ۾ ڪرپشن کي قانوني حق سمجهيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن اڄ به هوش کان ڪم نه ورتو ويو ته ايندڙ ڪجهه وقت ۾ پاڪستان اڃان به معاشي ڏکيائين ۾ ڦاسي ويندو. جيستائين ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ٺوس قانون نه ٿو آندو وڃي تيستائين ملڪ جي ترقي ڪرڻ هڪ سواليه نشان هوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته پهريان حڪمران ۽ اشرافيا پنهنجي گهر کان شروعات ڪري ۽ ڪرپشن ڪرڻ کان توبهه ڪئي وڃي. اهڙو عمل هر اداري ۾ دهرايو وڃي. پر اهو به ضروري آهي ته پيٽرول 100 روپيه ليٽر ڏنو وڃي. بجلي في يونٽ 10 روپيه، گئس سستو ڪيو وڃي. مهانگائي زيرو هجي. ملازمن جون پگهارون گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ لک کان مٿي هجن. پوءِ ڪير به ڪرپشن نه ڪندو. ڪرپشن جو اصل سبب مهانگائي آهي. پاڪستان جي اشرافيا کي هاڻي ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو. ورنه ملڪ هٿن مان نڪري ويندو ۽ پوءِ نيپال طرز جهڙي انقلاب کي ڪير به روڪي نه سگهندو.