ڇا اسان ماضيءَ ۾ ڪيل فوجي معاهدن مان ڪو سبق سکيو آهي يا نه؟ اسان هڪ وقت ۾ سيٽو ۽ سينٽو جي نالن هيٺ ڪميونزم کي روڪڻ لاءِ آمريڪا جي جهولي ۾ وڃي ڪريا هئاسين. اسان آمريڪا ۽ ان وقت جي ساٿين ايران ۽ عراق سان گڏجي سوويت يونين جي چوڌاري هڪ گهيرو ٺهرايو. اسان ايتريءَ تي ئي محدود نه رهياسين، بلڪه اسان پنهنجي زمين (بڊابير) آمريڪا کي سوويت ۽ چين جي جاسوسي لاءِ مهيا ڪري ڇڏي. اهو خوني قصو اڃان ختم به نه ٿيو هيو ته اسان افغانستان ۾ آمريڪين ۽ شيوخ جي هٿيارن ۽ دولت سان جهاد جو نعرو هنيو ۽ جهاد جي نالي تي جيڪا بربادي برپا ڪئي ان کان الله بچائي. نتيجو سڀني جي سامهون آهي، افغانستان کي رت سان وهنجاريو ويو، افغانن جي نسلن کي هجرت ۽ دائمي برباديءَ سان منهن ڏيڻو پيو، افغانستان جي روح کي ساڙي رک ڪيو ويو.
توهان مذهب جي نالي تي نسلن کي گمراهه ڪري ڇڏيو.آمو درياهه کان طورخم تائين ۽ طورخم کان بحيره عرب تائين نفرت، ڪاوڙ ۽ بي يقينيءَ جو ٻج پوکيو ويو. توهان جي پيدا ڪيل نفرت هن علائقي کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي. شهري هجن يا سپاهي، سڀني جون زندگيون انهن جي نشانيءَ تي آهن. هاڻي توهان انهن کي خوارج چوندا آهيو. ٿورو به شرم هجڻ گهرجي ته توهان رت جي تڙپ واري زومبئين کي پيدا ڪيو ۽ هاڻي وري اوهان ائين ئي رستو اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهيو.
پهريان توهان عالمي سامراجي طاقت لاءِ هن علائقي ۾ پوليس مين بڻيا ۽ نتيجو نسلن کي ڀوڳڻو پيو. هاڻي توهان سامراج جي پاليل شاهن جا حفاظتي محافظ بڻجڻ لاءِ بي قرار آهيو، گذريل جنگن جا زخم اڃان ڀريا به نه آهن ته توهان نئين جنگي صف بنديءَ جو حصو بڻجي رهيا آهيو. بغير آمريڪي حمايت جي اسرائيلي جارحيت ناممڪن آهي، پر اسان اسرائيل جي استاد کي امن جي نوبل انعام لاءَ نامزد ڪري رهيا آهيون. چاپلوسيءَ جي به ڪا حد هجڻ گهرجي. هي وفاداريءَ جا نوان لاڳاپا سڀاڻي يمن يا ايران لاءِ روح جو سوز نه بڻجي وڃن. جيڪو چوندا رهيا آهيو ته هيل تائين مشرق ۽ اتر اولهه کان عذاب ايندو ڌ رهيو آهي، هاڻي اُن کي ڏکڻ اولهه ۽ ڏکڻ کان لڳندڙ باهه کي نه ڀڙڪايو بڻايو، ائين نه ٿيو ته ملڪ ۾ ساهه کڻڻ واري آخريڌ جڳهه به ختم ٿي وڃي . ڇانوڻين وارا ڇانوڻين ۾ ئي ويندا.
اسرائيلي جارحيت جي مذمت ۽ شاهن سان وفاداريءَ ۾ فرق يقيني رکڻ گهرجي. جنگن کي گهر تائين ٽڪائڻ جو سلسلو روڪڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ پارليامينٽ ۾ ته ڳالهه ٿي وڃي. اهو سٺو عمل هو جو هڪ وقت پارليامينٽ يمن/سعودي معاملي تي عقل جو دامن پڪڙي رکيو. شايد هن ڀيري اهڙو ٿيڻ مشڪل هجي، پر پوءِ به پارليامينٽ ئي اها جاءِ آهي جتي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. عقل جو تقاضو اهو ئي آهي ته اڄ جي بدران ايندڙ سڀاڻيءَ جو سوچيو وڃي.
ادائے خاص سے غالبؔ ہوا ہے نکتہ سرا
صلائے عام ہے یارانِ نکتہ داں کے لیے
پهريان توهان عالمي سامراجي طاقت لاءِ هن علائقي ۾ پوليس مين بڻيا ۽ نتيجو نسلن کي ڀوڳڻو پيو. هاڻي توهان سامراج جي پاليل شاهن جا حفاظتي محافظ بڻجڻ لاءِ بي قرار آهيو، گذريل جنگن جا زخم اڃان ڀريا به نه آهن ته توهان نئين جنگي صف بنديءَ جو حصو بڻجي رهيا آهيو. بغير آمريڪي حمايت جي اسرائيلي جارحيت ناممڪن آهي، پر اسان اسرائيل جي استاد کي امن جي نوبل انعام لاءَ نامزد ڪري رهيا آهيون. چاپلوسيءَ جي به ڪا حد هجڻ گهرجي.