شڪارپور ۾ اسڪول تي حملو کليل دهشتگردي آهي

تحرير: منظور کوسو

اتر سنڌ ۾ ڪافي سالن کان ذاتين ۽ برادرين جا خوني جهيڙا جنهن کي قبيلائي جهيڙن جو نالو ڏنو وڃي ٿو جاري آهن۔ هڪ تازي خبر موجب ڪنڌ ڪوٽ-ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعي ۾ ان قسم جي خوني فسادن ۾ هڪ ڏينهن ۾ ڇھه ماڻهو ماريا ويا آهن۔ ڏٺو وڃي ته اهي قبيلائي جهيڙا نه پر ان نالي تي هڪ وڏي دهشتگردي آهي جيڪا هر روز ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي رهي آهي۔ ٻچڙا يتيم پيا ٿين، عورتن کي  بيواهه جا لقب پيا ملن، مائرون روئي روئي ذهني توازن ۽ اکين جون نور وڃائي ٿيون ويهن، ويڙها سڃ ۽ کيت رڃ ٿيو وڃن، پر ان بدامني کي روڪڻ لاءِ اسان کي حڪومت جو ڪو پاورفل ڪردار نظر نه ٿو اچي۔

حڪومت وٽ طاقت آهي هٿياربند پوليس فورس آهي جيڪڏهن چاهي ته فوج کي به گهرائي سگهي ٿي پر نه! ماڻهن کي مايوس ڪيو وڃي ٿو انصاف جي اميد جڏهن نااميدي ۾ مٽجي ٿي ته پوءِ اڃان وڌيڪ نقصان ٿين ٿا۔ امن لاءِ جرگا، جلسا جلوس احتجاج، اعلي عدالتن جا فيصلا، برادرين جي وچ ۾ جرگا پر ڪوبه عمل امن وامان جي حوالي سان ڪارگر ثابت نه ٿو ٿئي.

پهرين ڳالهه ته برادرين جي وچ ۾ صلح صفائي لاءِ جرگا به وقت سر نه ٿا ٿين ڀوتار سردار تڏهن حرڪت ۾ اچن ٿا جڏهن ويڙها ويران ۽ قبرستان تي مائرون قبرن تي روئندي پٽيندي نظر ٿيون اچن، چند مهينا اڳ هڪ دوست سان ملڻ ان جي ڳوٺ پئي وياسين گاڏي لنڪ روڊ تي هلي رهي هئي روڊ به نالي ماتر هيو پر سنگت ٻڌايو ته هي ڪاغذن ۾ بلڪل نئون نڪور تيار ٿيل آهي، اوچتو هڪ پوڙهي زائفان گاڏي اڳيان اچي وئي ڊرائيور زوردار بريڪ هنيون، ڇا ڏسان وار ميرا کليل چڪ، ليرون ليرون ڪپڙا،اکين ۾ چپيون ڀريل، چهرو ايئن جيئن ڄڻڪ خشڪ زمين سالن کان پاڻي نه ڏٺو هجي ۽ ڏار کائي ٽڪر ٽڪر ٿي وئي هجي۔ لهي ڏٺوسين ته کيس ڪوبه ڌڪ وغيره ڪونه لڳل هيس بس ذري گهٽ بچي وئي هئي،ڳوٺ پهتاسين جهٽ کن ساهه پٽيوسين پر هن ڪراڙي امڙ جي تصوير منهنجي ذهن ۽ اکين مان نڪري ڇا آخر دوست سان ان ڪراڙي امڙ جو احوال اوريم چيائين ته ان ڪراڙيءَ جا ٻه جوان پٽ هڪٻئي پٺيان قبائلي جهيڙن ۾ ماريا ويا آهن، ان کان پوءِ  هي ذهني توازن وڃائي ويٺي آهي گهر ۾ ڪونه ويهندي آهي بس ائين ئي رستن تي يا روڊ جي پرئين ڀر جتي قبرستان آهي اتي سندس پٽن جون قبرون آهن اتي پئي ڀٽڪندي آهي

ڇنڇر تي صبح جو اسڪول ٽائيم دوران هٿيار بندن شڪارپور کان تقريبن چئن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي واقع ڳوٺ ٻورڙي جي هاءِ اسڪول تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هڪ شخص عبدالرزاق مهر شهيد ٿي ويو ۽ حملي جي اطلاع تي ڳوٺاڻا به پهچي ويا جتي ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جميل احمد مهر ۽ هڪ حملي آور به مارجي ويو. اسڪول تي حملو ڪا معمولي واردات ناهي پر هي قبيلائي جهيڙن جي آڙ ۾ سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، هن دهشتگردي کان پوءِ  امن پسند مسڪين ڳوٺاڻا ڪيئن پنهنجا ٻار اسڪول موڪليندا۔ ڏوهارين جي ايئن بي خوف ڪارروائي ظاهر ڪري ٿي ته حڪومت ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي۔

سنڌ استادن ۽ پڙهيل لکيل توڙي عام ماڻهن کي قتل ڪرڻ، ڦرڻ لٽڻ جو سلسلو ڪافي وقت کان جاري آهي جيڪڏهن سرڪار هن کان اڳ ٿيل وارداتن جا ڏوهاري گرفتار ڪري انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي ها ته اڄ هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها، جيئن 6 اپريل2023 تي بيرحم قاتلن جي هٿان سنڌ جو قابل، باصلاحيت، درويش صفت ۽ پوري انسانيت جو خيرخواه استاد پروفيسر اجمل ساوند بي ڏوهه واٽ ويندي شهيد ڪيو ويو۔ شهيد اجمل ساوند فرانس جي ڊيڪارٽ يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪئي ۽ ان ئي يونيورسٽي ۾ رياضي ۽ ڪمپيوٽر سائنس پڙهائڻ لڳو۔ پيرس جون سڀ سهولتون ۽ وڏيون پگهارون ڇڏي پنهنجن کي جديد تعليم ڏيڻ لاءِ سنڌ آيو ۽ آئي بي اي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ لڳو۔ پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي،جنهن جي خون جو ڀوتارن هڪ ڪروڙ مقرر ڪيو.

نومبر 2023 ۾ شڪارپور جي ٺاروپور پاڙي ۾ هاءِ اسڪول جي سينيئر استاد عبدالرسول پهوڙ جو قتل، مارچ 2024 ۾ تنگواڻي جي استاد الله رکيو نندواڻي جو قتل هي استاد اڳوڻي ايم اين اي نصرالله بجاراڻي جي ڳوٺ ۾ پڙهائيندو هو۔ هن تر ۾ بدامني عروج تي هئي ڦرلٽ روز جو معمول هو، هڪ ٻه ڀيرا استاد کي به ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪو قدم نه کنيو هن دلير ۽ پنهنجي فرض سان مخلص استاد آخرڪار قوم جي ٻچڙن کي تعليم ڏيڻ لاءِ بندوق کنئي پر پڙهائڻ نه ڇڏيائين آخرڪار مارچ 2024 جي هڪ ڏينهن ڏوهارين کيس ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هي قوم جو عظيم استاد ڏوهارين سان مزاحمت ڪندي شهيد ٿي ويو۔ استادن کان واٽ ويندي موٽر سائيڪلن جون ڦرون اها ته ڄڻڪ اسان وٽ ڪا معمولي ڳالهه بڻجي وئي آهي۔ ڊيوٽي تي وقت سر پهچڻ لاءِ بائيڪ استاد لاءِ هڪ وڏو وسيلو آهي پر مجال آهي سنڌپوليس کي جو ڏوهارين خلاف ڪو قدم کڻي ته جيئن ماڻهن کي ڪو قانون جي حڪمراني جو احساس ٿئي۔ هن قسم جو انڌير جيڪڏهن ايئن جاري رهيو ته هڪ ڏينهن اسڪولن ۾ ڪانو پيا لنوندا۔ امن ۽ انصاف ماڻهن جو بنيادي حق آهي۔ حڪومت کي قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.