ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ سان ئي شهر جا مسئلا حل ٿيندا

تحرير: رياض ابڙو 

ڪراچي جا ادارا پنهنجي رهواسين کي ڪيئن مايوس ڪري رهيا آهن، ۽ پاڻ کي ناڪام ثابت ڪري رهيا آهن ان ڪري ته انهن جي ڪارڪردگي ڪم جي ناهي رهي، رڳو پيسن کائڻ ۽ ڪرپشن جي پويان لڳا پيا آهن، اها ڳالهه ان مان به واضع آهي ته ڪو به ادارو صحيح ڪم نه ٿو ڪري، ٽريفڪ جا نظام درهم برهم لڳا پيا آهن، سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ڀلي ناهي پوءِ اهي اسڪول هجن يا ڪاليج. وري شهر ۾ جيڪي به صفائي سٿرائي وارا ادارا آهن جيڪي ڀنگين ۽ ٻالن کان ڪم وٺندا آهن، سي به ڄڻ ته ڪنهن ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ڪنٽرول ۾ ناهن هوندا. شهر جي سڀني روڊ رستن تي پٿر اکليا پيا آهن، کڏا کوٻا، ڌوڙ، گٽڙ اٿليا پيا آهن، يا ڪو به گٽر اهڙو ناهي جيڪو بند هجي، ڍڪيل هجي، وهندو هجي، بدلي ۾ وري اها ڳالهه سنڌ سرڪار جي مٿان ٿي اچي ته هو ڪجهه نه ٿا ڪن. شهر جي ڪينٽونمينٽ بورڊن جا علائقا پاڻي جي ٽينڪرن کان وٺي مينٽيننس جا پيسا ۽ منٿيلون طاقتور ادارن جي کيسن ۾ ٿا وجهن پر جڏهن گٽرن ۽ روڊن جي رپيئر ۽ مينٽيننس جي ڳالهه اچي ته اها صوبائي سرڪار ڪندي.

بدقسمتيءَ سان 2020 جي برساتن کانپوءِ ڪيل ڪنهن به رٿابنديءَ جي تفصيلن کان عام ماڻهن کي آگاھ ناهي ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اهڙيون ايمرجنسيون ۽ اهڙيون مصبتون ادارن کي بهتر ڪم ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ جي ڳالهه ڪنديون آهن. آگسٽ 2020 ۾ ڪراچيءَ جي علائقن ۾ بارشي پاڻي اچڻ کانپوءِ نالن جي ڀرسان ۽ مٿان تڪراري اڏاوتون لوڪل جهيڙن جا سبب بڻيون رهيون ۽ ڪنهن به انهن اڏاوتن تان هٿ نه کنيو ۽ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ مسجدون به نالن مان جوڙيون ويون ۽ ايم ڪيو ايم جي دور ۾ اهي ڪم راتو رات ٿي به ويا ۽ ڪير به نه ڪڇيو ته نالن کي آجو ڪيو وڃي ۽ کليل نالا سڀني بيمارين جي ماءُ قرار ڏنا ويا هيا، پر ان جي باوجود به ڪو خاطرخواه ڪم نه ٿيو. ماڻهن کي نالن جي مٿان اڃان به اڏاوتون ڪرڻ ڏنيون ويون آهن ۽ جيڪي به عمارتون، فليٽ، بنگلا، عام ماڻهن جون آباديون جڙي ويون آهن، انهن کي ڪير هٿ لائڻ لاءِ تيار ناهي. رڳو گجر نالي جو ئي مثال وٺجي ان کي به وڏي مشڪلن سان آجو ڪيو ويو آهي، پر اتي رهيل غيرقانوني ماڻهن کي وري قانون تحت ڪنهن خالي علائقن ۾ پلاٽ ۽ امدادون فراهم ڪيون ويون.

اسان هاڻي شايد ئي بهتر ٿي رهيا آهيون. ميڊيا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ کي حڪومت کي جلد قبرستانن ۽ آخري آرام گاهن جي ٻين ڪيٽيگريز جا انتظام سنڀالڻ لاءِ نئون اختيار ملي ويندو. سنڌ منزل سکن اٿارٽي بل 2022 ظاهري طور تي صوبائي اسيمبلي ۾ غور هيٺ آيو ۽ اهو قانون بڻجي ويو ته ميونسپل جو اهم ڪم صوبائي حڪومت جي دائري ۾ اچي ويندو. اها هڪ الڳ ڪوشش نه آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران ڪيترائي اهم شهري ميونسپل ۽ علائقائي ڪم صوبائي سطح تي ٺاهيل اختيارين ۽ ايجنسين هٿ ڪيا آهن. مثال طور سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پراڻي ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو هڪ وڌايل ادارو آهي، جيڪي سمورري سنڌ ۾ ڪم ڪري ٿو. ڪي ايم سي ۽ ضلعي ميونسپل ڪارپوريشنز (ڊي ايم سي) بدران سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ڪچري جو انتظام هلائي ٿو. KDA جو ماسٽر پلان ۽ ماحولياتي ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ، جيڪو ماسٽر پلان گروپ آف آفيسز بڻجي ويو آهي، پر هاڻي اهو تقريبن بيڪار آهي. ان جي جاءِ تي سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي. مبصرن جو چوڻ آهي ته صوبائي سرڪار ادارن کي هڪ برانڊ طور استعمال پئي ڪري ته جيئن ماڻهن کي ”ڪراچي ۽ مهاجر“ جي گرهڻ مان ڪڍي سگهجي ۽ ڪجهه ميٽروپوليٽن ايجنسين ۽ تنظيمن جي ڪمن، ڪردارن ۽ آمدني جي اسٽريمز کي گهٽائي سگهجي. ڪي ايم سي ملڪ جي سڀ کان وڏي ميونسپل ايجنسي، هاڻي عملي طور تي هڪ رسمي حيثيت رکي ٿي. اهڙي طرح ڪي ڊي اي جنهن ماضي ۾ ٻه وڏا شهري ترقياتي منصوبا تيار ڪيا هيا، اهي عملي طور تي غير فعال آهن. لياري ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيز کي گروٿ ڪوريڊور سمجهيو ويو، جتي وڪڻڻ لائق ڪافي زمينون ڏنيون ويون.

حقيقت ۾ شهر ٻيائي جي ور چڙيل آهي، هتي ڪو به ترقي جي نالي تي ايماندري نه ٿو ڏيکاري، جنهن کي موقعو ملي ٿو ته اهو وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئي ٿو وٺي، هر ڪو مفادي سياست ٿو ڪري سمورو ڏينهن رڳو نفرت جي سياست ۽ ماڻهو لساني نفرت واري گفتگو ۾ محو آهن، آفيس هجي، بس هجي، ريل گاڏي هجي، هوٽل هجي يا ڪو اسڪول ڪاليج يا يونيورسٽي جي ڪيفيٽيريا رڳو صوبن جا ڳالهه، ڊيمن جي ڳالهه، حلانڪه  اهڙي ڪا به حل طلب ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي يا چئي سگهجي جو جنهن شهر جي آبادي رڳو ان ڳالهه تي جيئي پئي ته اتان جا ماڻهو اردو ٻولي ان ڪري ته ٿا ڳالهائين جو اها قومي ٻولي آهي، يا ان ڪري نه ٿا ڳالهائين ته اها اردو ڳالهائيندڙن يا مهاجرن جي ٻولي آهي ۽ رابطي جي زبان هجڻ جي ڪري اهي هاڻي اهو ٿا سمجهن ته شهر هنن جي ٻولي جي قبضي هيٺ اچي ويو آهي. جڏهن ته 90 واري ڏهاڪي کانپوءِ شهر جي ڊيموگرافي تبديل ٿي وئي آهي، پٺاڻن جي علائقي ۾ ماڻهو وڃي ساھ نه ٿو ڪري، جو اتي ائين لڳندو جو ماڻهو ڪي پي ۾ آيو هجي. ڪجهه اهڙا به علائقا آهن جتي مهاجر پاڻ ڌاريا لڳندا آهن، شهر جون 4 هزار ڪچيون آباديون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته شهر جي اندر به ڊيموگرافي تبديل ٿي رهي آهي، شهر جو اليٽ ڪلاس ملڪ ڇڏي وڃڻ ۾ پنهنجي ڀلائي ٿو سمجهي هتي ڪجهه به ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.