سويرا خاصخيلي جو قتل ۽ سماجي ناانصافين جو عڪس!

تحرير: آفتاب عالم مهر

جڏهن سماج ۾ روزانو معصوم ڌيئرون ڪارنھن الزام هيٺ قتل ٿينديون رهن، جڏهن پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار ڄمڻ کان اڳ ئي موت جي حوالي ڪيا وڃن، جڏهن ماءُ جي کوک مان زندگيءَ بدران رت نڪري اچي، ته پوءِ ان کان وڏو ظلم ۽ ان کان وڏي قيامت ڪهڙي ٿي سگهي ٿو؟ پيرجوڳوٺ جي ڪلري محلي ۾ پيش آيل تازو سانحو سنڌ جي دل کي رت روئاري ڇڏيو آهي. ڳورهاري نياڻي سويرا ڌيءَ ڏنو خاصخيلي کي ڪارنھن الزام هيٺ بي رحميءَ سان ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو. اها سويرا جيڪا ستون مهينو اميد سان هئي، جيڪا پنهنجي پيٽ ۾ جاڙا ٻار کڻي نئين زندگيءَ جي خوابن سان جيئي رهي هئي، اڄ انکي بي رحم سماج قبر جي ٿڌي مٽي ۾ سمهاري ڇڏيو آهي.

 سوچڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته سويرا کي سندس مڙس چار مهينا اڳ ئي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، پوءِ به کيس ڪارنھن جو الزام مڙهي زندگي کان محروم ڪيو ويو. سوال اهو آهي ته آخر ڪنهن جي غيرت لاءِ هيءَ نياڻي خطرو بڻجي وئي هئي؟ ڪنهن جي عزت کي هن نياڻيءَ سان خطرو هو؟ يا اصل ۾ اهو سڀ رڳو هڪ سماجي واپار هو، جيڪو ”ڪاروڪاري“ جي نالي سان سنڌ ۾ هلندو پيو اچي. سنڌ ۾ ڪاروڪاري جهڙو ناسور ڪنهن فرد جي بدنامي نه آهي، پر سڄي سماج جي تباهي آهي. ڪاروڪاري هاڻي غيرت جو سوال نه رهيو آهي، اهو هڪ واپار بڻجي ويو آهي. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڌرين پاڻ ۾ صلح ڪرڻ لاءِ، پئسا وٺڻ لاءِ يا پنهنجا حساب برابر ڪرڻ لاءِ ڪارنھن الزام کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا. جڏهن ڪنهن نياڻيءَ کي وڪرو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا، ته پوءِ ساڳئي نياڻيءَ کي ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏين ٿا. اهڙي حالت ۾ نياڻيءَ جي زندگيءَ جي ڪا قيمت ناهي رهندي، رڳو مرد جي انا ۽ وڏيرڪي سوچ بچي وڃي ٿي.

سويرا جو قتل ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته سنڌ ۾ عورتن جون حياتيون محفوظ ناهن. هڪ طرف رياست ۽ حڪومت عورتن جي حقن جا دعويٰ ڪن ٿيون، ٻئي طرف روزانو نياڻين جو رت وهي ٿو. ڳورهاري سويرا جو قتل نه رڳو هڪ نياڻيءَ جي زندگي ختم ٿيڻ آهي، پر اهو سنڌ جي ضمير لاءِ هڪ وڏو ڌڪ آهي. هن ڌرتيءَ تي ڌيئرون جنم وٺنديون آهن، پر وڏيرڪي نظام ۽ جهالت جا هٿ کين جوان ٿيڻ کان اڳ ئي ماري ڇڏين ٿا. ڪاروڪاريءَ کي اڪثر غيرت جي نالي سان جائز بڻايو وڃي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته اها سراسر جهالت ۽ نفسياتي بيماري آهي. غيرت ته اها آهي جيڪا پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جي حفاظت ڪري، پر هتي ته غيرت جي نالي تي ئي ماءُ ۽ ڌيءَ کي قتل ڪيو وڃي ٿو. ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي ته غيرت جو نالو وٺندڙ پاڻ ئي بي غيرت بڻجي بيٺا آهن. سنڌ ۾ اڄ به اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي عورتن کي پنهنجي ملڪيت سمجهن ٿا، جيڪي سمجهن ٿا ته عورت رڳو سندن حڪم مڃڻ لاءِ آهي. جڏهن اها عورت سندن مرضيءَ مطابق نه هلي، تڏهن کيس ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سويرا جهڙيون نياڻيون، جيڪي زندگيءَ جا نوان خواب کڻي هلنديون آهن، جن جي پيٽ ۾ معصوم ٻار پلجي رهيا آهن، سي به ڪاروڪاريءَ جي باھ ۾ ساڙي ڇڏيون وڃن ٿيون. ڪهڙو نه ڏک جو  منظر هوندو، جڏهن هڪ ماءُ پنهنجي پيٽ ۾ ٻار کڻي بيگناھ هجي ۽ کيس الزام هڻي قتل ڪيو وڃي. ان خون سان رڳو سويرا اڪيلي نه مُئي آهي، پر سندس پيٽ ۾ جاڙا ٻار به مري ويا آهن، جيڪي ڄمڻ کان اڳ ئي موت جي حوالي ٿي ويا. سماج ۾ جڏهن اهڙي ظلم خلاف ڪو آواز اٿاريندو آهي ته ماڻهن جا جملو تيار هوندو آهي ته ”اهي ته شهرت جا بکيا آهن.“ پر حقيقت اها آهي ته خاموش رهڻ ئي سڀ کان وڏي بزدلي آهي. خاموشي ئي انهن قاتلن لاءِ طاقت بڻجي وڃي ٿي. جڏهن ڪنهن به سويرا جو رت وهندو آهي ۽ پاڙي وارا، رشتيدار ۽ اهل محلا خاموش رهندا آهن، تڏهن قاتلن جا حوصلا ڪيئن نه وڌندا؟ جڏهن رياست به تماشو ڏسندي رهندي آهي ته پوءِ انصاف ڪير ڏيندو؟ هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته سماج گڏجي اهڙي ظلم خلاف بيهي. قانونن کي سخت بڻائڻو پوندو، عدالتن کي جلد فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن سويرا جي رت سان انصاف نه ٿيو ته پوءِ هر گهر ۾ اهڙي قيامت اچي سگهي ٿي. هر گهٽيءَ ۾ ڪاروڪاري جي نالي تي رت وهنجي سگهي ٿو ۽ هر ماءُ پنهنجي ڌيءَ جي لاش کي ڪلهن تي کڻندي نظر اچي سگهي ٿي. ڪاروڪاريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ رڳو قانون نه پر سماجي شعور به ضروري آهي. ماڻهن کي سمجهائڻو پوندو ته عورت ڪا ملڪيت نه آهي، پر هڪ انسان آهي جنهن جا پنهنجا حق آهن. غيرت عورت کي مارڻ ۾ نه پر عورت جي عزت ڪرڻ ۾ آهي.

 سماج کي اهو احساس ٿيڻ گهرجي ته ڪاروڪاريءَ جا ڪيس رڳو عورتن جو نه پر سڄي سنڌ جو مسئلو آهن. سويرا خاصخيلي جو رت اسان سڀني کان سوال پڇي رهيو آهي، ڇا اسان ان  لاءِ آواز اٿارينداسين؟ ڇا اسان قاتلن کي سزا ڏياريندا سين؟ ڇا اسان ڪاروڪاري جهڙي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪنداسين؟ جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين ته سڀاڻي هر گهر ۾ اهڙي ئي سويرا پيدا ٿيندي ۽ هر گهر ۾ رت جو منظر ورجائبو. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي ڌرتي جيڪا ماءُ وانگر آهي، اها ڌرتي پنهنجي ڌيئرن جو رت پيئي رهي آهي. هاڻي وقت آهي ته سنڌ جا قلم ڌڻي، سنڌ جا دانشور، سنڌ جا سماجي اڳواڻ ۽ عام ماڻهو سڀ گڏجي اٿن ۽ اهڙي ظلم خلاف آواز بلند ڪن. سويرا جو رت اسان لاءِ هڪ امتحان آهي، ۽ ان امتحان ۾ اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان معصوم جي رت سان انصاف لاءِ بيٺا آهيون، نه ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي.!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.