پاڻي زندگي آهي پاڻي خاطر مستقبل ۾ ايندڙ جنگيون لڳنديون جن هوندو آهي. ڊيم جو پاڻي زرعي گهرجن سان گڏ، زميني پاڻي جي سطح ۾ بهتري آڻڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جيڪو مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.ملڪن وٽ پاڻي جا ذخيرا هوندا سي ئي اڳتي هلي ڪري زندگي جو وهنوار هلائيندا، ڪراچي جهڙي ميگا سٽي ۾ جتي هر سال آب هوا جي تبديلي ۽ گهٽ برسات سبب پاڻي جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، اتي علائقائي آبي ذخيرا انتهائي اهميت اختيار ڪري چڪا آهن. ضلعي ملير ڪراچي سپر هاءِ وي ڊي ايڇ اي لڳ هڪ اهڙو مقام آهي جتي قدرتي طور تي پاڻي ذخيري ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهي سگهجي ٿو.
1990 واري ڏهاڪي ۾ ضلعي ملير جي سڀ کان وڏي آمدني رکندڙ يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو سنڌ حڪومت کي هڪ تجويز ڏني هئي ته مول ڊيم جو منصوبو جوڙيو وڃي ته جيئن ڪاٺوڙ واري علائقي جتي هن وقت ڊي ايڇ او سٽي ٺهي آهي ان جي سامهون وري جابلو پٽي تي ڊيم ٺاهيو وڃي ته جيئن برساتن جي پاڻي کي ذخيرو ڪري ملير ٻهراڙي جي زراعت سان گڏوگڏ انساني آبادين کي آبي ذخيري مان لاڀ ملي سگهي.
مول ڊيم قدرتي وهڪرن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تعمير ڪري ڪيو وڃي. مول ڊيم جي جڳهه اهڙي علائقي ۾ آهي جتي برسات دوران پاڻي جا وهڪرا گڏ ٿين ٿا ۽ پوءِ انهن کي ذخيرو ڪري آس پاس جي ڳوٺ جيڪي فقط پاڻي جي گهرج ڪن ٿا ۽ انهن جو مال متاع سميت باغ باغيچا ۽ زمينون آباد ٿين جنهن جي پيداوار گهٽ وقت ۾ تازگي واري عمل ۾ ڪراچي جي شهرين کي ملي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته مول ڊيم ۾ برساتن دوران وڏي مقدار ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو، جيڪو ڪجهه مهينن تائين ڪافي
مول ڊيم جو سڀ کان وڏو مسئلو سندس سار سنڀال ۽ انتظام آهي. مناسب صفائي، ڪناري جي مضبوطي ۽ پاڻي جي منظم ورڇ لاءِ سرڪاري سطح تي خاص قدمن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن مول ڊيم تعمير ٿي وڃي ته پوءِ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ حڪومت ماضي ۾ جاپان جي سهڪار سان “مول ڊيم” جي فزيبلٽي تيار ڪرائي پر بدقسمتي سان ان تي عمل ٿي نه سگهيو، مول ڊيم جيڪو نج ڪراچي ملير جي ٻهراڙين جي عوام جي ضرورت سان گڏ ڊمانڊ هئي ته هن ڊيم معرفت ڪروڙين گيلن پاڻي ذخيري سان علائقا خوشحال ۽ اتان جي ماڻهن کي زرعي روزگار جا موقعا فراهم ٿين ها پر ان جي تعمير تي ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگهي.
تازين برساتن سبب پاڻي جو هڪ وڏو ذخيرو جيڪو ڊيم نه هجڻ سبب ضايع ٿي ويو تنهن کي اسٽور ڊيم جي صورت ۾ ڪري سگهجي پيو، پاڻي جي ذخيرن لاءِ گڏاپ، ڪاٺوڙ، موئيدان، ڪنڊ جهنگ وارن علائقن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي ۽ گڏاپ ٽائون جي ان وقت جي ناظم غلام مرتضيٰ بلوچ ننڍا وڏا ڊيم مٿي ڄاڻايل علائقن ۾ ٺهرايا هئا جيڪي اڄ به برسات جي پاڻي کي ذخيرو ڪري زراعت ۽ ايڏي وڏي آبادي کي پيئڻ جو پاڻي زيري زمين ملي ٿو.
علائقي واسين جو اهو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڻي جا وڏا ذخيرا ڊيم جي صورت ۾ حڪومت سنڌ طرفان تعمير ٿيل هجن ها ته زراعت سان گڏوگڏ لکين ماڻهون جيڪي هن شعبي سان روزگار جي حوالي سان وابسته تن کي پنهنجا پٽ ۽ دنگ ڇڏي روزگار خاطر لڏپلاڻ نه ڪرڻي پوي ها، تازين برساتن جو پاڻي وڏا ڊيم نه هجڻ سبب سمنڊ ۾ ضايع ٿي ويو آهي.
گڏاپ سان تعلق رکندڙ نوجوان ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ ٻڌايو ته سندس شهيد والد مرتضيٰ بلوچ سنڌ ايريگيشن کاتي ۽ گڏاپ ٽائون جي تعاون سان ٿڌو ڊيم ٺهرايو هو. هن ڊيم ۾ هن وقت به پاڻي جو هڪ وڏو ذخيرو برسات پوڻ سبب گڏ ٿيو آهي جنهن جو لاڀ آسپاس جي ماڻهن سان گڏ زراعت ۽ خاص طور تي گڏاپ جي قيمتي ۽ تاريخي باغباني کي هٿي وٺرائي رهيا آهن پر هي ڊيم محدود ايريا تي ٺهيل آهي جتي پاڻي جو ذخيرو ڪنهن حد تائين ٿي سگهي ٿو. يوسف مرتضيٰ بلوچ وڌيڪ ٻڌايو ته ماضي ۾ اسان جي وڏن خاص طور تي منهنجي والد صاحب شهيد حاجي غلام مرتضيٰ بلوچ “مول ڊيم” جي تعميرات لاءِ پي پي قيادت ۽ سنڌ سرڪار کي ڪيترائي ڀيرا لک پڙهه ڪئي هئي پر هن مول ڊيم تي تعميراتي ڪم جي اڳڀرائي نه ٿي ۽ اهو ڊيم سرد موري حوالي هليو ويو، هن چيو ته هينئر به ملير واسين کي “مول ڊيم” جي تعميرات جي اشد ضرورت آهي ۽ آئون به هڪ نمائندي جي حيثيت سان سنڌ سرڪار کي اها تجويز ۽ گذارش ٿو ڪيان ته “مول ڊيم” جي منصوبي تي عملدرآمد ڪيو وڃي ته جيئن ملير هڪ دفعو ٻيهر سرسبز سائو ۽ خوشحال بڻجي.
هوڏانهن زراعت ماهرن جو خيال آهي ته “مول ڊيم” سندن لاءِ وڏي سهائتا آهي، ڇو ته هن مان نه رڳو فصلن کي پاڻي ملي ٿو پر روزمرهه جي ضرورت به پوري ٿئي ٿي. زراعت ماهرن جو حڪومت کان مطالبو آهي ته ڊيم کي جديد طرز تي بهتر بڻايو وڃي ۽ ان مان پاڻي جي فراهمي جو هڪ مضبوط نظام قائم ڪيو وڃي.