تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته سومر ڏينهن مسقط ۾ ايران ۽ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيندو، اجلاس ۾ عمان ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون.
برڪس اجلاس لاءِ ڀارت ۾ موجود ايراني صدر ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اجلاس ۾ اهي سمورا ملڪ شرڪت ڪندا، جن جي سرزمين تان اسان تي حملو ڪيو ويو هو، جيڪڏهن آمريڪا ناڪابندي ۽ جارحيت بند ڪري ته آبناءِ هُرمُز کوليو ويندو.
هن چيو ته آمريڪا کي ناڪابندي ۽ پابنديون ختم ڪرڻ گهرجن، آمريڪا جنگ ذريعي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ته ناڪابندي وارو قدم کنيو، سامونڊي رستو ڪو اهڙو رستو ناهي جنهن تي اسان جي زندگي جو مڪمل دارومدار هجي، آمريڪا پنهنجي هن طريقي ۾ به ڪامياب نه ٿيندو.