ڪراچي ۾ گذريل ٽن ڏينهن دوران رڳو 163.5 کان 178 ملي ميٽر برسات ٿي آهي، جيڪا عالمي معيار موجب معمولي وسڪارو سمجهو وڃي ٿو. پر افسوس اهو آهي ته اهڙي سطح جي برسات به ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر کي مڪمل مفلوج ڪري ڇڏيو. اسڪول، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ ٽن ڏينهن تائين معطل رھيا آھن، ڇا برسات اصل مسئلو آهي يا ڪرپشن ۽ نا اهلي؟ڪراچي جو انتظامي ڍانچو پاڻ ۾ ئي تضاد جو شڪار آهي. شهر جو وڏو حصو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ڪنٽونمينٽ بورڊز جي حوالي آهي، جڏهن ته باقي حصو ڪي ايم سي ۽ بلدياتي ادارن جي حوالي آهي. ٻنھي ادارن ۾ هم آهنگي جي کوٽ سبب شهري خدمتن ۾ تسلسل ڪڏهن به نظر نٿو اچي. ان کان علاوه، 2023 جي لوڪل گورنمينٽ ڍانچي مطابق ڪراچي کي 25 ٽائون ۽ 246 يوسيز ۾ ورهايو ويو جنھن ۾ سياسي ورهاست ۾ ٽائونن تي پارٽين جو قبضو آھي،
2023 جي ٽائون چيئرمين چونڊن کان پوءِ سياسي پارٽين ۾ ورھاست ڪجھ ھن طرح آھي.
پيپلزپارٽي وٽ 13 ٽائون، جماعت اسلامي 9 ٽائون ۽ پي ٽي آءِ وٽ 3 ٽائون آھن. ظاهر آهي ته ٽائونن تي ڪنٽرول عوامي خدمت بدران سياسي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. ڪراچي جي بلدياتي ادارن جي آمدني ۽ خرچن بابت درست انگ اکر حاصل ڪرڻ هميشه هڪ وڏو چئلينج رهيو آهي۔ سنڌ حڪومت جي بجيٽ 2025-26 ۾ مڪاني حڪومتن لاءِ لڳ ڀڳ 132 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان 104 ارب رپيا صرف ڪراچي جي ترقياتي اسڪيمُن تي خرچ ٿيڻا آهن۔ پارڪنگ فيس هاڻ سڀني روڊن تان ختم ڪئي وئي آهي ۽ صرف مخصوص پارڪنگ ايرياز ۾ اجازت ڏني وئي آهي، ٽائون پنهنجي آمدني مختلف ذريعن جهڙوڪ ٽريڊ لائسنس، اشتهارن ۽ ٻين فيسن مان گڏ ڪن ٿا، البته انهن جي ماهوار يا في ٽائون تفصيل سرڪاري طور تي دستياب ناهي.
ٻئي طرف ڪي ايم سي بجيٽ جو پئسو ڪٿي ٿو وڃي ؟ ڪي ايم سي جي 2023–24 بجيٽ مطابق ڪل خرچ لڳ ڀڳ 38.2 ارب رپيا آهي جنھن مان ترقياتي خرچ رڳو 2.9 سيڪڙو 1.12 ارب آھي باقي خرچ پگھارن، پينشن، قرضن، مارڪب وغيره تي خرچ ٿئي ٿو، يعني لڳ ڀڳ ٽن حصن کان وڌيڪ بجيٽ پگهارن ۽ پينشن ۽ ٻين خرچن تي استعمال ٿئي ٿي، جڏهن ته ترقياتي ڪم تي رڳو 3 سيڪڙو کان به گهٽ حصو رکيو ويو آهي، ان 3 سيڪڙو ۾ به ڪرپشن جو حصو ڪڍو ته باقي ڇا بچيو ته پوءِ ڪمن جو معيار ڇا ھوندو، شھر اھڙين تباھين جي ور نه چڙھندؤ ته ٻيو ڇا ٿيندو، نالن جي صفائي لاءِ ڪروڙين رپيا رکيا وڃن ٿا، پر برسات دوران چوڪنگ پوائنٽن مان واري سان ڀريل ٻوريون نڪرنديون آهن.شهر ۾ لڳ ڀڳ 700 ننڍن نالن جي صفائي جي ذميواري ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن تي آهي، جڏهن ته وڏن نالن جي صفائي ايف ڊبليو او سنڌ حڪومت جي فنڊن سان ڪري ٿي، جيڪو آڊيٽر جنرل ۽ ڪي ايم سي جي بجيٽ رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو. انھن سمورن ادارن جا ڊي واٽرنگ پمپس (پاڻي ڪڍڻ وارا پمپ) مينٽيننس نه ٿيڻ سبب اسٽورن ۾ بند پيا هوندا آهن، ضرورت پوڻ تي استعمال ٿي نه سگھندا آهن.
ڪراچي جو ڊرينيج سسٽم رڳو 40 ملي ميٽر برسات سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته گذريل ڏينهن ۾ ڪجهه علائقن ۾ 163.5 کان 178 ملي ميٽر وسڪارو ٿيو، ھي فرق پاڻمرادو ظاهر ڪري ٿو ته شهر جو انفراسٽرڪچر موجوده آبادي ۽ تعميراتي دٻاءَ لاءِ ناڪافي آهي. اڱاري واري ڏينهن پيل برسات ۾ ماڻهو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڊن تي ڦاٿل رهيا، سوين گاڏيون پاڻي ۾ بند ٿي ويون، ٽن ڏينھن کان اسڪول ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهيا آھن، روز مره وارا مزدور روزي کان محروم ٿيا، ملڪ کي تعليمي ۽ معاشي ترقي ۾ پڻ نقصان ٿيو، پر ڪرپشن جي بي تاج بادشاھن کي ان سان ڪو سروڪار ناهي.
ڪراچي ۾ اصل مسئلا قبضا مافيا ۽ حڪومتي ملي ڀڳت لياري ۽ ملير ندي تي غيرقانوني اڏاوتون، نالن تي قبضا ۽ بلڊرز مافيا جي سرپرستي، سڀ ڪجهه حڪومتي ادارن جي ملي ڀڳت کانسواءِ ممڪن ئي ناهي.، پاڻي جا قدرتي لنگهه بند ٿيڻ سان هر سال شهري وڌيڪ تڪليفن کي منهن ڏين ٿا ڪراچي جي عوام کي برسات نه پر ڪرپشن ٻوڙيو آهي. جيستائين بلدياتي بجيٽ جو شفاف آڊٽ نٿو ٿئي، ندي ۽ نالن تان قبضا ختم نٿا ڪيا وڃن، تيستائين هر سال معمولي برسات به وڏي تباهي جو سبب بڻجندي.اچي جي عوام سان ھر سال ان کان وڌيڪ ھاڃان ٿيندا ڇو ته هن شهر کي برباد ڪندڙ اصل طوفان پاڻي نه پر ڪرپشن آهي.
ڪراچي ۾ اصل مسئلا قبضا مافيا ۽ حڪومتي ملي ڀڳت لياري ۽ ملير ندي تي غيرقانوني اڏاوتون، نالن تي قبضا ۽ بلڊرز مافيا جي سرپرستي، سڀ ڪجهه حڪومتي ادارن جي ملي ڀڳت کانسواءِ ممڪن ئي ناهي.، پاڻي جا قدرتي لنگهه بند ٿيڻ سان هر سال شهري وڌيڪ تڪليفن کي منهن ڏين ٿا ڪراچي جي عوام کي برسات نه پر ڪرپشن ٻوڙيو آهي. جيستائين بلدياتي بجيٽ جو شفاف آڊٽ نٿو ٿئي، ندي ۽ نالن تان قبضا ختم نٿا ڪيا وڃن، تيستائين هر سال معمولي برسات به وڏي تباهي جو سبب بڻجندي