20 صديءَ جي شروعات سرمائيدار نظام جي ڦرلٽ خلاف پوري دنيا ۾ ننڍين وڏين تحريڪن ھلچل مچائي ڇڏي ھئي، ان ئي ھلچل دوران غريبن جو رت ست چوسيندڙ سرمائيدارن پنھنجن طبقاتي ۽ گروھي مفادن کي بچائڻ لاءِ پھرين عالمي جنگ ڇيڙي وڌي ۽ پوري دنيا ان باھ جي لپيٽ ۾ اچي وئي. توڙي جو ان جنگ جا پوري دنيا تي منفي اثر مرتب ٿيا، پر پورھيتن جي انقلابي ويڙھ ماٺي نه ٿي سگھي. نتيجي ۾ سوويت يونين ۾ پھرين مرحلي ۾ زار شاھيءَ خلاف پورھيتن جي بغاوت رنگ لاتو ۽ سرمائيداراڻي نظام ۾ ڪجهه سڌرا ڪامياب ٿيا ۽ نيٺ ٻئي مرحلي ۾ آڪٽوبر1917ع ۾ بالشويڪ انقلاب برپا ٿيو جنھن پوري دنيا کي پنھنجي اثر ۾ آڻي ڇڏيو. نتيجي ۾ ننڍو کنڊ به ان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رھي نه سگھيو. ھن دؤر ۾ سوشلسٽ سماج قائم ڪرڻ لاءِ ننڍي کنڊ جي ھر نوجوان کي پنھنجي سحر ۾ وڪوڙي وڌو ھو. روشن خيالي رجعتي پسندي کي پوئتي ڌڪي رھي ھئي، روشن صبح جا ڪرڻا پنھنجي توانائي ۽ جذبي سان ماڻھن ۾ نئون روح ڦوڪي رھيا ھئا. ننڍي کنڊ جي ھر نوجوان ۾ ڀڳت سنگھه ۽ سڀاش چندربوس ۽ ڪامريڊ چندر شيکر آزاد جا سوشلسٽ آدرش انقلابي جوش ۽ جذبو اوتي رھيا ھئا.
ان ماحول ۾ ڪامريڊ سجاد ظھير ۽ ان جي ساٿين طرفان مارڪسي فڪر کان متاثر ٿي "انجمن ترقي پسند مصنفين” جو بنياد وڌو ويو ھو، جنھن جي فڪرانگيز ويھڪن مخدوم جان نثار اختر، ساحر لڌيانوي، ڪيفي اعظمي، پريم چند، ڪرشن چندر، مولانا چراغ حسن، حسرت جي پوري، جوش مليح آبادي، فيض احمد فيض ۽ ٻيا ڪيترائي نالي وارا شاعر، اديب، موسيقار ۽ سياسي مفڪر ڪميونسٽ سماج جي ساڀيان جا خواب پنھنجين اکڙين ۾ اوتي انساني آجپي ۽ ھڪ انصاف تي آڌاريل سماج جي قيام لاءِ جاکوڙڻ جو حوالو بڻيا.
ڪامريڊ امام علي نازش به انھن سرفروشن مان ھڪ ھيو. ڪامريڊ امام علي نازش گڏيل ھندستان ۾ امروھ جي مٽيءَ مان ڳوھجي اُسريو، ھن امروھ جي ھڪ خوشحال گھراڻي ۾ آک کولي جيڪو علم ۽ تھذيب جو گھوارو ھو. ھن به پنھنجن وڏڙن جي روايت کي پاڻي ڏيندي، علم ۽ ادب جا بنيادي مرحلا عبور ڪرڻ کان پوءِ ھندستان جي مشهور مدرسي "سلطان المدارس” مان علمي لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي. جتي ڀارت ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ نالي واريون علمي ادبي شخصيتون ڪيفي اعظمي ۽ علي سردار جعفري ان جا ھم جماعت بڻيا. مدرسي مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سندس والد جي خواهش تي اجتھادي عالمانا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ھو نجف عراق ويو، جتي ھن عربي ۽ فارسي ٻولين تي دسترس به حاصل ڪئي.
ھن اجتھاد مڪمل ڪرڻ پوءِ عالم جي دستاربندي کان اڳ ئي سوشلسٽ فڪر جي آبياريءَ لاءِ ھو واپس ھندستان موٽي آيو. اھو دؤر سڄي دنيا ۾ سوشلسٽ ھلچل جو دؤر ھيو، سوويت يونين ۾ پورھيتن جي بالشويڪ انقلاب جي ڪاميابي جا پوري دنيا ۾ چرچا ھئا. جنھن ڪامريڊ نازش کي به پنھنجي سحر ۾ آڻي ڇڏيوھو.ھن شروع ۾ گڏيل ھندستان ۾ پنھنجن ساٿين سان گڏجي جدوجھد ڪئي، پر پوءِ انگريز سامراج جي سازش سان جڏھن گڏيل ھندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ھي خطو ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو ته ڪامريڊ امام علي نازش تي ذميواري رکي وئي ته ھو پاڪستان ۾ اچي سياسي ھلچل کي منظم ڪري. ان وقت پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پھرين سيڪريٽري جنرل ۽ فڪري شخصيت ڪامريڊ سجاد ظھير، ڪامريڊ حسن ناصر شھيد، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري ۽ ڪامريڊ ڊاڪٽر اعزاز نذير به سندس ساٿ ۾ شامل رھيا جن ھندستان کان ھتي اچي انقلابي ڪم پنھنجن ھٿن ۾ کنيو.بعد ۾ ڪامريڊ سوڀي جھڙي انقلابي اڳواڻ سان سندن رابطو ٿيو جيڪو گڏيل ھندستان ۾ به ساڻن انگريزن خلاف آزاديءَ واري انقلابي ويڙھ ۾ گڏ ھيو.
اھڙي طرح ڪامريڊ سجاد ظھير جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جا بنياد پيا. ڪامريڊ نازش جڏھن اوجھا اسپتال ۾ داخل ھو ته، ان جو ڪو بينڪ اڪائونٽ ھو نه ئي ان جي ڪائي ميڙي پونجي نڪتي !. ڪامريڊ نازش ڪميونسٽ آدرش رکڻ وارو ھڪ اھڙو مثالي ۽ عوام دوست سياستدان ھيو، جنھن عوامي حقن ۽ انھن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سچي جاکوڙ رکندڙ ھجي. ھن ڪڏنھن به، نه ته امير ٿيڻ جي خواهش ظاھر ڪئي نه ئي مٿين ڪلاس جي ماڻهن سان ڪلھو ملائڻ جي ڪوشش ڪئي. ھو ڪميونسٽ تحريڪ جو اھڙو مضبوط ڪردار ھيو جنھن جي ڪميونسٽ آدرشن تي ھلي اسان پنھنجي نظرياتي ۽ سياسي ڪوتاھين ۽ ڪمزورين کي درست ڪري سگھون ٿا.