هڪ طرف، وفاق طرفان شين جي قيمتن ۾، روزانه واڌارو ٿي رهيو آهي. خاص ڪري کاڌي پيتي جي شين جا اگهھ وڌايا پيا وڃن. اهي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اٽو، چانور، گيهه، گرم مصالحه، سايون ڀاڄيون، گوشت، مڇي ۽ ميوات جا اگھ روزانه نوان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي ڳاٽي ٽور آهن. غريب پورهيت ۽ مزدور اهي شيون خريد ڪري نه ٿو سگھي. اها خريداري انهن جي وس کان تمام گھڻو پري آهي. جنهن ڪري غريب طبقي جا ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهن. سندن جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي. هو، انتهائي پريشان ۽ ملول نظر اچن ٿا ۽ اهي منجهي پيا آهن. ٻئي طرف کاڌي پيتي جون ڪي شيون مارڪيٽ مان گم آهن. اهي هٿ سان گم ڪيون ويون آهن. انهن جو ملڻ مشڪل ٿي پيو آهي. جيڪڏهن اهي دستياب آهن ته انتهائي مهانگي اگھ ۾ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. جنهن ڪري غريب عوام وڌيڪ پريشان ٿي ويو آهي. انهن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن ۽ دانهون، ڪوڪون ڪري رهيا آهن. جيڪي شيون گم ڪري مهانگي اگهھ ۾ وڪرو ڪيون پيون وڃن. تن مان کنڊ جو مثال اکين آڏو آهي. کنڊ به غائب آهي ۽ آئون اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته، اهو بحران هٿرادو پيدا ڪيو ويو آهي. جنهن مان عوام کي ڪوبه فائدو ڪونه ٿو رسي. پر، کنڊ مافيا کي اربين روپين جو فائدو ملي رهيو آهي. امير ماڻهن کي سهولت ڏيئي امير مان امير ترين ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر، عوام سان ڌوڪو ڪري ڪوبه امدادي پيڪيج ۽ رليف ڪونه ٿو ڏنو وڃي. اها هڪ وڏي زيادتي ۽ نا انصافي آهي جو غريب عوام لاءِ ڪجهه به ڪونه ٿو سوچيو وڃي. غريبن جي فلاح و بهبودي لاءِ ڪي به قدم ڪونه ٿا کنيا وڃن. رڳو بيان ڏيئي ڪوڙيون دعوائون ڪيون پيون وڃن. جن کي ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. حڪمرانن جي بيانن تي ڀروسو ۽ اعتبار ڪونه ٿو ڪيو وڃي.
هاڻ وري حڪومت، هڪ نئون عوام دشمن فيصلو ڪيو آهي. اِهو، اُهو آهي ته وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽور بند ڪري ڇڏيا آهن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو آپريشن مڪمل طور بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت جي ڏنل هدايتن تي، ايئن ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل اسٽورن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز به اهڙي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي ۽ اداري جون سموريون سرگرميون في الفور معطل ڪري ڇڏيون آهن. يوٽيلٽي اسٽورن کي تالا هڻائي ڇڏيا ويا آهن. جنهن ڪري هاڻ اتي شين جي خريد ۽ وڪرو جو عمل به ختم ٿي چڪو آهي. ڄاڻايل اسٽورن ۾ جيڪو به سامان پيل هو سو سمورو ويئر هائوسز ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته، يوٽيلٽي اسٽور عوام کي سستي اگھن ۾ شيون ڏيڻ لاءِ کوليا ويا هئا ته جيئن، غريب ماڻهو کي سهولت ملي سگھي. ملڪ ۾ اهي گھڻي وقت کان هلندڙ هئا. چون ٿا ته ذوالفقار عي ڀٽي جي حڪومت دوران 1971ع ۾ انهن اسٽورن کي قائم ڪيو ويو هو ته جيئن عوام انهن مان فائدو حاصل ڪري سگھي ۽ ملڪ مان مهانگائي گھٽجي سگھي. جڏهن يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪيا ويا هئا. تڏهن ملڪ جي عوام انهن جي تائيد ڪئي هئي ۽ خوشي جو اظهار ڪيو هو ته هاڻ عوام کي کاڌي پيتي جون شيون جيڪي روزانه استعمال ڪيون وڃن ٿيون. سي مهانگي اگھه ۾ ڪونه ملنديون. پر، اهي رعايتي قيمتن ۾ عوام کي ڏنيون وينديون. واقعي اهو هڪ ساراهه ۽ واکاڻ جوڳو عمل هو.
هاڻ جڏهن بيان ڪيل اسٽور بند ڪيا ويا آهن تڏهن عوام کان مليل سهولت کسي پئي وڃي هونئن به موجوده اتحادي حڪومت، عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي چڪي آهي. ويتر مذڪوره سهولت واپس وٺڻ سان، حڪومت تي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ آڱريون کڄي رهيون آهن. آئون سمجهان ٿو ته، صوبا به ان فيصلي جي خلاف آهن. ان سلسلي ۾، منهنجي آڏو سنڌ صوبي جي اعليٰ اختيارين جو موقف سامهون آيو آهي. جنهن ۾، ان فيصلي جي صاف ۽ چٽن لفظن ۾ مخالفت ڪئي ويئي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي هڪ سينيئر وزير واضح لفظن ۾ چيو آهي ته، پاڪستان جي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي اوچتي بندش تي سخت خدشا آهن. يوٽيلٽي اسٽورن جا ملازم ڪيترن ڏهاڪن کان، ايمانداري، محنت ۽ جفا ڪشي سان پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا آهن. انهن خدمتن کي ٿڏي ڇڏڻ هڪ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، يوٽيلٽي اسٽورز جو ادارو گذريل 55 سالن کان لاڳاتار، گھٽ آمدني وارن شهرين کي بنيادي خوراڪ جون شيون گھٽ يعني سستي اگھ تي مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. اهي اسٽور انهن علائقن ۾ به خدمتون انجام ڏيئي رهيا هئا. جتي خانگي شعبي جي پهچ محدود آهي ملڪ جي مختلف حصن ۾ لڳ ڀڳ 3800 يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي هر مهيني اندازن ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ ماڻهو فائدو حاصل ڪندا رهيا آهن. يوٽيلٽي اسٽورز جي بندش ۽ لڳ ڀڳ ٻارهن هزار ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏيئي فارغ ڪرڻ سان سندن خاندان جي روزگار ۽ آمدني تي حملو آهي. اهو عوامي مفاد جي خلاف آهي. ملازمن جي خدمتن ۽ قربانين کي ٿڏڻ افسوس جي ڳالهه آهي. سندن چوڻ هو ته، يوٽيلٽي اسٽور جي محنتي ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ بدران ٻين وفاقي يا صوبائي ادارن ۾، مناسب طريقي سان ايڊجيسٽ ڪيو وڃي. ڄاڻايل اسٽورن کي مڪمل ختم ڪرڻ جي بدران ان جي ٻيهر جوڙ جڪ ڪئي وڃي ۽ جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪري فعال ڪيو وڃي. يوٽيلٽي اسٽور نه رڳو هڪ واپاري ادارو آهي. بلڪه اها هڪ قومي خدمت آهي جيڪا ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن کي سهولتون مهيا ڪري رهي آهي.
اسان انهيءَ موقف جي حمايت ۾ آهيون. آئون سمجهان ٿو ته، ٻيا صوبا به اهڙي راءِ رکندا هوندا. اهي به هن عوامي فلاح و بهبودي واري ڪم لاءِ پنهنجو آواز اٿاريندا. ان سلسلي ۾ سندن موقف به تمام جلد سامهون اچي ويندو. اميد ته اهي به وفاقي جي ان فيصلي جي مخالفت ۾ آواز بلند ڪندا ۽ ارباب اقتدار کي اپيل ڪندا ته اهو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ان تي نظرثاني ڪئي وڃي. جڏهن ته ملڪ جو سمورو عوام ان فيصلي کي عوام دشمن فيصلو سمجهي ٿو. ان فيصلي موجب عوام کان سهولتون کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. گويا غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي. عوام کي رليف ڏيڻ بدران مليل فائدا به واپس ورتا پيا وڃن. جنهن جي ڪيتري به مذمت ڪجي سا بلڪل ٿوري ۽ نه هئڻ جي برابر آهي. حالانڪه حڪومت جي اها ذميواري آهي ته، ملڪ جي عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ۽ رليف پيڪيج ڏيئي سندن حالتون سڌاريون وڃن. پر، هتي ائين ڪونه ٿو ڪيو وڃي. هتي قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي اهو هڪ سٺو عمل ڪونه آهي.
موجوده اتحادي حڪومت ۾ پاڪستان پيپلس پارٽي به شامل آهي. انهيءَ پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي مذڪوره اسٽور قائم ڪرايا هئا. هاڻ وري اهائي پارٽي وفاق ۾ ويٺي آهي ته حڪومت تي دٻاءُ وجهي اهو فيصلو واپس ڪرائي سگھي ٿي. مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جو اهو هڪ عظيم ڪارنامو ۽ منصوبو هو. جنهن کي هرگز بند ڪرڻ نه گھرجي. پر، ان کي لڳاتار هلايو وڃي.
ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي روزگار جا وجهه ۽ موقعا ڪونه آهن. ماڻهو بيروزگار ڦرندا وتن ويتر يوٽيلٽي اسٽورن جي مالڪن کي نوڪرين مان بيدخل ڪري کين بيروزگار ڪيو پيو وڃي. جنهن ڪري غربت سان گڏ بيروزگاري ۾ به اضافو ٿيندو. اڳ ۾ ئي ڪيترائي ماڻهو بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. ان ڳالهه جو خيال رکندي حڪومت کي يوٽيلٽي اسٽورن کي بند نه ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن اهي غير فعال بنجي چڪا آهن ته انهن ۾ سڌارا آندا وڃن ۽ فعال بنائڻ لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻ گھرجن. جيڪڏهن ائين نه ٿو ڪيو وڃي ته، بيان ڪيل ملازمن کي ٻين کاتن ۾ ايڊجيسٽ ڪري سندن گھرن جا چلها اجهائڻ جي بدران ٻاريا وڃن. ان سلسلي ۾ حڪومت کي سوچڻ گھرجي. عوام دشمن هن پاليسي کي بدلائڻ ۽ نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان هن ليک ذريعي حڪومت کي اها ئي گذارش ڪريون ٿا. اميد ته هن طرف ڌيان ڏيئي مسئلو حل ڪيو ويندو. ته جيئن يوٽيلٽي اسٽورن جي ملازمن جي پريشاني دور ٿي سگھي.