ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو، پرڏيهي ترجمان موجب، ايراني صدر 2 کان 3 آگسٽ تائين وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو آهي ايراني صدر مسعود پزشڪيان ڇنڇر ڏينهن لاهور پهتو جتي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سندس استقبال ڪيو ان بعد ايراني صدر شاعر مشرق علامه اقبال رحه جي مزار تي حاضري ڀري ان بعد اسلام آباد پهتو جتي هن صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون.
ايراني صدر سان گڏ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ٻيا وزير به شامل هئا۔ صدر مسعود پزشڪيان جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو هو، کيس پاڪستان اچڻ جي دعوت وزيراعظم شهباز شريف ڏني هئي.ان کان اڳ شهباز شريف 26 مئي 2025ع تي ايران جو دورو ڪيو هو.ايراني صدر جو هي دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جو پاڪستاني حڪومت پاران امام حسين جي چالهي جي موقعي تي ويندڙ زائرين جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي ايتري تائين جو بلوچستان حڪومت پنهنجي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن زائرين تفتان بارڊر ذريعي ايران نه وڃي سگهن۔
ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته پزشڪيان جو هي دورو پاڪستاني پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي وچ ۾ تازي سفارتي مصروفيتن جي پس منظر ۾ ٿيو آهي.گذريل مهيني واشنگٽن ۾ پنهنجي ملاقات دوران، ڊار واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ ڳالهين کي آسان بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان جمعي ڏينهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي اسلام آباد جي رضامندي جي تصديق ڪئي، جيڪي ايراني ايٽمي پروگرام جي ڪري تازن تڪرارن ۾ وڌيا آهن.ان کان علاوه ڊگهي عرصي کان ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين تي اڳڀرائي تاحال رڪيل آھي. معاهدي جي پيچيدگي ۽ خدشن جي باوجود ته ايران ملڪ جي خلاف عالمي ٽياڪڙي جي پيروي ڪري سگهي ٿو، تهران پنهنجي اثر کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ رٿا ذريعي وسيع اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ مقصدن کي ترجيح ڏيڻ جي چوند ڪئي آهي.هاڻي انھن ڪوششن اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي.ذڪر جوڳي ڳالھه اها آھي ته گذريل سال ايران انڊس شيلڊ مشق ۾ حصو ورتو، هڪ وڏي ملٽي نيشنل هوائي مشق جيڪا پاڪستان ايئر فورس جي ميزباني هيٺ ٿي هئي تنهن ۾ اهم ڪاميابي پڻ حاصل ڪئي۔ هن وقت هندستان سان ايران جا تعلقات بلڪل خراب ٿيل آهن هاڻي ايران ۽ پاڪستان جو ساڳيو ئي دشمن آهي تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي مضبوط دوستي وارو رشتو قائم ڪرڻو پوندو۔
ايران ۽ پاڪستان لاءِ هڪ وڏو مسئلو”دهشتگردي“ آهي. جنهنڪري ٻنهي ملڪن اندر هزارين بيگناهه ماڻهو مارجي ويا آهن۔ايران ان دهشتگردي جا پيرا آمريڪا ۽ اسرائيل طرف ٻڌائيندو رهيو آهي پر پاڪستان آمريڪا جو قرضي هجڻ ڪري ڪڏهن بلوچ کي باغي قرار ڏئي ٿو، ڪڏهن پٺاڻڻ کي افغانستان کان دهشتگردي جي سکيا وٺڻ جو چوندو رهيو ته ڪڏهن وري ھندستان جي ”را“ کي ملوث هجڻ جا ثبوت ڳوليندو رهيو آهي۔ پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته دنيا اندر دهشتگردن جو سرپرست آمريڪا آهي پوءِ اهو مقامي ماڻهن کي پگهاردار رکي دهشتگردي ڪرائي ٿو يا ڊرون موڪلي حملا آور ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ سرڪاري سطح تي ان مسئلي جي حل تي بار بار بحث ڪيو ويو آهي، پر ڪي مثبت نتيجا سامهون ناهن آيا۔ ويڙهاڪ گروپ ٻنهي ملڪن جي امن و امان کي خراب ڪرڻ لاءِ سدائين ڪوششون رهيا آهن. ان ڪري ٻنهي پاڙيسري ملڪن ۾ وقت بوقت باهمي شڪ پيدا ٿيندا رھندا آهن.
هن وقت ايراني صدر پاڪستان جي حڪمرانن ۽ عوام جو شڪريو به ادا ڪرڻ آيو آهي جن سندس اخلاقي توڙي مالي مدد ڪئي۔ اهو هڪ پاڙيسري جو حق به آهي ته فرض به آهي۔ ايران توڙي پاڪستان نه صرف خطي ۾، پر پوري دنيا ۾ سڀني ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪري انهن سان معاشي لاڳاپا ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، انهن ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي پاليسيءَ جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آهن خاص طور تي چين جو ڪردار ٻنهي ملڪن لاءِ اهميت جو حامل رهيو آهي۔